مَردن جي ايمانداري۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسڪولي دور ۾ هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي ۔۔۔ جنهن ڪافي متاثر ڪيو هيو۔۔ پر اڄ نيٽ گردي ڪندي ان ڪهاڻي جو جديد ورجن نظر مان گذريو۔۔۔ سوچيو سنگت آڏو آڻجي۔۔

    **********​

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو غريب ڪاٺير هوندو هو۔۔ هو روزانو ڪاٺيون ڪٽيندو هو ۽ انهن کي کپائي گذر سفر ڪندو هو۔۔ هڪ دفعي هو ڪاٺيون ڪٽي واپس ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته رستي ۾ ايندڙ ندي تي موجود پل تان گذرندي سندس ڪهاڙي ندي ۾ ڪري پئي۔۔۔
    ڪاٺير وٽ اها هڪ ئي ڪهاڙي هئي۔۔ نئين ڪهاڙي وٺڻ سندس وس ۾ نه هو۔۔ ان ڪري پنهنجي روزي حاصل ڪرڻ واري اوزار کي وڃائيڻ تي هن روئڻ شروع ڪيو ۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ندي مان هڪ پاڪدامن نوجوان انسان ظاهر ٿيو ۽ کائنس روئڻ جو سبب پڇيو۔۔
    ڪاٺير کيس پنهنجي ڪهاڙي گم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو۔۔ نوجوان پاڻي اندران هڪ سوني ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان رکي ۽ پڇائين ۔۔۔ ”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“

    [​IMG]

    ڪاٺير ڪهاڙي ڏسي چيو ته ۔۔”نه منهنجي هي ڪهاڙي نه آهي۔۔“
    نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويو ۽ هن دفعي چاندي جي ڪهاڙي ڪاٺير اڳيان آڻيندي پڇيو۔۔”ڇا تنهنجي هيءَ ڪهاڙي آهي۔۔؟“
    ڪاٺير هن دفعي انڪار ۾ مٿو ڌوڻيو۔۔ جنهن تي نوجوان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ وڃي سندس واري لوهه جي ڪهاڙي کڻي سندس اڳيان آندي۔۔
    هن دفعي ڪاٺير نوجوان جي پڇڻ کان اڳ ئي چيو۔۔ ”ها بلڪل ۔۔! هيءَ منهنجي ڪهاڙي آهي۔۔“
    پاڪدامن انسان کي ڪاٺير جي سچائي ۽ ايمانداري ڪافي پسند آئي ۽ کيس ٽئي ڪهاڙيون ڏئي ڇڏيون۔۔
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ساڳيو ڪاٺير پنهنجي زال سان ان ندي جي پل تان گذري رهيو هيو جڏهن سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي۔۔۔ جنهن تي هن روئڻ شروع ڪري ڏنو۔۔
    ٿوري ئي دير ۾ ساڳيو پاڪدامن نوجوان ظاهر ٿيو ۽ کائنس ماجرا پڇي۔۔۔ ڪاٺير کيس ٻڌايو ته سندس زال نديءَ ۾ ڪري پئي آهي۔۔۔ نوجوان پاڻي ۾ واپس موٽيو ۽ پاڻي مان هڪ انتهائي خوبصورت نوجوان ۽ زيورن سان آراستا ڪنوار کي ٻاهر کڻي نڪتو۔۔۔ ۽ ڪاٺير کان پڇيائين ۔۔ ”ڇا تنهنجي هي زال آهي۔۔۔؟“

    [​IMG]

    ڪاٺير روئيندي خوبصورت ڪنوار کي ڏٺو ۽ چيائين۔۔۔ ”بلڪل سائين ۔۔ منهنجي هيءَ ئي زال آهي۔۔“
    نوجوان ڪاوڙ ۾ چيو۔۔۔ ”تون ڪوڙو آهين ۔۔ هي تنهنجي زال نه آهي۔۔۔ “
    ڪاٺير ٻانهون ٻڌندي عرض ڪيو ته۔۔۔ ”معاف ڪجو قبلا سائين ۔۔۔! جيڪڏهن مان انڪار ڪندس ته توهان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ۾ ويندو ۽ هڪ ٻي خوبصورت عورت ساڻ ڪري ايندو ۔۔ ۽ منهنجي انڪار تي توهان وري پاڻي ۾ وڃي منهنجي زال کي ٻاهر ڪڍي ايندو ۔۔۔ ۽ منهنجي ها چوڻ تي خوش ٿي منهنجي ايمانداري جي انعام ۾ مون کي ٽئي عورتون ڏئي ڇڏيندو۔۔۔ ۽ مان انتهائي غريب ماڻهون آهيان۔۔ هڪ ئي وقت ٽنهي عورتن کي سکيو رکي نه سگهندس۔۔۔ ان ڪري ئي مون هن خوبصورت عورت لاءِ ها ڪئي آهي۔۔۔ “

    سبق: مرد هميشه ڪنهن سريلي سبب سان ڪوڙ هڻندو آهي۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    اهو صرف ڪهاڻين ۾ ئي پڙهي سگهجي ٿو، باقي اڄ جو انسان ڪجهه وڌيڪ ئي سريلو آهي ۽ اسان سنڌين ۾ ته سريلا ئي سريلا آهن۔
    شال مالڪ اسان سڀني کي راه راست تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوبصورت شيئرنگ

    پر جي اسان وارو جهونو هجي ها ته اوهان ڇا ٿا سمجهو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شايد ڳالهه ڪهاڙي کان اڳتي ئي نه هلي ها۔

    سهڻو ونڊ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    ” ڪهاڙو پنهنجو ڀلو، مائي پرائي ڀلي ۔۔“ خئير چوڻي ڪجهه هينئن آهي ته ” ٻار پنهنجا ڀلا، مائي پري ڀلي“ سو همراه به ان چوڻيءَ تي عمل ڪندي ڪهاڙي وقت ته ايمانداري ڏيکاري پر جڏهن مائي پرائي ڏٺائين ته ايمان بي ايمان ٿيس ۔۔۔ سوچيو هوندائين ته اها ئي ڀلي ائين نه ته ٻي دفعي سان پنهنجي نڪري اچي ۔۔!!!

    اسين مرد تمام وڏا ايماندار آهيون ۔۔۔ههههههههه
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    ههههههههههههههههههههه
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    هههههههههههههههههههههههههه

    بهترين جواب ادا
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مَردن جي ايمانداري۔۔۔

    مطلب ته مرد جو ايمان عورت جي هٿن ۾ آهي، عورت جيتري سهڻي اوترو ايمان خراب؟؟
    ڪهاڙيءَ واري ڪارستانيءَ کان پوءِ ڪاٺير به ڄاڻي واڻي مائيءَ کي نديءَ ۾ اڇلايو هوندو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو