ڪپهه جي ڪهاڻي ..... ڪپهه جي زباني (پروفيسر محمد امين ڀٽي)

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    مون کي عام ماڻهو ڪپهه چون ٿا، پر جيڪي سڃاڻن ٿا سي مون کي امريڪي ڪپهه سڏين. منهنجو اصل وطن آهي آمريڪا جا ڏاکڻيا گرم علائقا، مون کي ڊگهيءَ گرم موسم جي ضرورت آهي. هاڻي دنيا جي سڀني گرم ملڪن ۾ منهنجو رهڻ آهي، رڳو منهنجي پلجڻ لاءِ پاڻي ميسر هجي. پوسل وارين زمينن ۾ منهنجو ٻوٽو قد ڪونه ڪري. منهنجي فصل لاءِ ڀلي زمين گهرجي. دنيا جي ملڪن ۾ مون کي ٻئي ٻئي نالي سان سڏين ٿا. منهنجيون گهڻيون جنسون يعني ذاتيون آهن.
    جڏهن ڦُٽين جي حالت ۾ هيس ته مون کي ٻوٽن جي ڏينن مان ڪڍي کرن تي آندو ويو. ان بعد بارداني ۾ ڀري اُٺن، بيل- گاڏين يا ٽرڪن تي لڏي، ڪپهه جي ڪارخاني ۾ موڪليائون. اتي منهنجي ملاقات ٻين ٻن خاندانن سان ٿي: هڪ هئي ديسي ڪپهه يعني سنڌي ڪپهه ۽ ٻي مصري ڪپهه. انهن پاڙيوارين جو پوءِ بيان ڪنديس. پهرين رڳو پنهنجو حال ٿي اوريان.
    جڏهن سنڌ ۾ 1932ع ۾ سکر براج ٺهيو ته منهنجا ٻج يعني ڪڪڙا آمريڪا مان آندائون. سنڌ جي سڄاڻن تجربا ڪري مون کي هتي جي آب هوا تي هيرايو. جڏهن ٻنيءَ ۾ ناڙيءَ يا ڇٽ کيڙ سان پوکيائون. ۽ منهنجي ٻوٽن آسري اک پٽي ته چؤطرف ديسي ڪپهه جي پوک تي اک پين، تڏهن دل سُست ٿين ته وري هيءَ ٻي بلا ڪهڙي! پر سياڻن جڏهن مون ۾ گهڻا گڻ ڏٺا ۽ گل ٻاٽيءَ ۾ واڌارو ڏٺو، تڏهن هنن مون کي سڌاري، ساري سنڌ ۾ منهنجو مانُ مٿاهون ڪيو. هن وقت سنڌ ۾ سوا تيرهن لک ايڪڙ زمين ونئڻن جي پوک هيٺ آهي؛ انهن ۾ منهنجو خاندان ٻين قسمن کي چؤڻي حصي تي پوکيل آهي.

    ڪپهه جي ڦٽي
    منهنجون ٻه ذاتيون يعني جنسون آهن، ڪن هنڌن تي هڪڙيون ڀليون ٿين ته ڪن هنڌن تي ٻيون، جيئن سنڌ ۾ ٻيا ٻه براج نڪتا. هڪ ڪوٽڙي براج 1955ع ۾ ۽ ٻيو گڊو براج 1962ع ۾ نڪتو، تڏهن ته هيڪاري منهنجو مانُ مٿاهون ٿيو. اتر سنڌ ۾ البت مون کي سنڌي ڪپهه پير کوڙڻ نه ڏنا، جنهنڪري گڊو براج ۾ منهنجو ايترو قدر ڪونهي. اتر سنڌ ۾ ته اڪثر ڪري ٿئي ساريال پوک، تنهن سان منهنجو ڪهڙو واسطو. مون ته اوهان کي ٻڌايو ته پوسل سان منهنجي پوي ئي ڪانه! وري به شڪر آهي جو بلوچستان ۾ کيرٿر واهه تي منهنجو ڏاڍو قدر ٿا ڪن.
    ڪوٽڙي براج نڪرندي مون سمجهيو ته مون سان ماٽي جي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندا، ڇو ته مصري ڪپهه جي پوک تي اک پيم، پر پوءِ الله جو شڪر ڪيم، جڏهن ڏٺم انهيءَ ڪپهه فقط ٺٽي ضلعي ۾ پير کوڙيا: مصري ڪپهه کي گهرجن سامونڊي هوائون جيڪي منهنجي طبيعت تي ڪونه پون. ڪراچيءَ وارين هوائن جي اثر هيٺ ٺٽي ۾ جهڙالا ڏينهن ٿين ٿا. مون کي کپن روشن ڏينهن ته جيئن منهنجو ٻوٽو واڌ ڪري. جيڪڏهن مصري ڪپهه وڃي ٺٽي ضلعي ۾ پير کوڙيا ته ان ۾ مون کي ڪهڙي ڪَسُ لڳي؟ مون کي ته ٻيلي اهڙي هوا ڀانءِ ڪانه پوندي.
    اها ته خبر اَٿو ته منهن جو اصل گهر ڦٽيءَ ۾ آهي جنهن ۾ آرام سان ڪڪڙي کي چهٽي پيئي هوندي آهيان. هر هڪ ڪڪڙي تي ڌار ڌار ڪپهه چهٽل هوندي آهي. ڦٽيون پيدا ٿين گوگڙن مان، گوگڙا بنجن گلن مان ۽ گل وري ٻاٽي مان. ونئڻن جي ٻوٽي ۾ جيترا تندرست گل هوندا اوترا گوگڙا لڳندا. ماڻهن کي ته لالچ اها آهي ته گوگڙن مان وڏيون ڦٽيون ڦٽي نڪرن ۽ سندن پيدائش وڌي ته وڌيڪ ڏوڪر ڪمائين. ٻيو ڪو انهن کي اسان جي خاندان سان دلي پيار ٿوروئي آهي. جي هوند دنيا وارن ۾ لالچ نه هجي ته هن دنيا جو حسن، هنر ۽ ڪمال به نه هجي ته پوءِ جيڪر دنيا ترقي به ڪانه ڪري.
    مون هينئر جيڪو بيان ڪيو سو اسان جي ٻين ٻن خاندانن سان به لاڳو آهي: يعني ته سنڌي ڪپهه توڙي مصري ڪپهه جي ٻوٽن ۾ به ٻاٽي، گل، گوگڙا ۽ ڦٽيون لڳنديون آهن. سو چيم ٿي ته ڪپهه جو اصل گهر ڦٽيءَ ۾ آهي. هيءُ ته ٻڌايو اٿم ته ڪپهه ڪڪڙي تي تاندورن جي حالت ۾ چهٽل رهي ٿي. منهنجا تاندورا سنڌي ڪپهه جي تاندوري کان وڏا ۽ نرم آهن. اٽڪل هڪ انچ جيڏا هوندا آهن. مصري ڪپهه جا تاندورا يعني ريشا ڊيگهه توڙي نرمائي ۾ مون کان گوءِ کڻيو وڃن. اهي ريشم جهڙا نرم ٿين ۽ دنيا جي ٻي ڪابه ڪپهه سندن مقابلو ڪري نٿي سگهي. پر انهن سان منهنجي ريس ڪهڙي! هي ڄاڻن ۽ ٺٽو ضلعو ڄاڻي، منهنجا ته هٿ پير پختا آهن.

    ڦٽي، گوگڙو ۽ گل
    وري به خدا جو ڪرم مون سان آهي ته ديسي ڪپهه جا تاندورا ننڍا ۽ کهرا آهن، جنهن کي اباڻيءَ زمين تان مون تڙي ڪڍيو آهي، انهيءَ جنس جو ايترو مان به نه رهيو آهي، جو مون کي ڏکي لڳي. جڏهن آءٌ ڪپهه جي ٻوٽي تي هيس ته پنهنجي خاندان جو سمورو حال احوال ورتم، جو پوءِ بيان ڪنديس. مون جڏهن ڪڪڙي کي ڀاڪر پائي واڌ ڪئي ته انهيءَ کان سمورو احوال ورتم، جيڪو به اڳتي هلي ٻڌائينديس. هاڻي اچو ته سنڌي ڪپهه جو حال احوال ٻڌايون، جيڪا مون کي ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ملي هئي. ان بعد ٽئي خاندان مصري ڪپهه جو به احوال مون کان ٻڌجو، جنهن سان پڻ منهنجي ملاقات ڪارخاني ۾ ٿي هئي.

    سنڌي ڪپهه جي ڪهاڻي
    هن مون کي ٻڌايو ته مون کي عام ماڻهو سنڌي ڪپهه يا ديسي ڪپهه سڏين ٿا. مون کي فخر آهي جو ماڻهو اباڻي ڏيهه جي نالي سان ياد ڪنم ٿا. جهڙي اٿم نماڻي ڌرتي اهڙي ئي منهنجي حالت نماڻي آهي. وري به شڪر آهي الله جو! جو خير سان ڏهاڙا اڃا به سنڌ ۾ گذاري رهي آهيان. منهنجو موهن جي دڙي واري زماني ۾ ڏاڍو مانُ هو. انهيءَ کي به پنج هزار ورهيه گذري چڪا آهن. ان وقت به ماڻهو مون مان ئي لباس ٺاهي پهريندا هئا. آءٌ اها ٻٽاڪ ڪانه ٿي هڻان پر سچ ٿي چوان.
    ڀلا ڀٽائي گهوٽ جي سُر ڪاپائتي تي به اعتبار نٿو اچئي ڇا؟ اهو سمورو سر منهنجي شان ۾ چئي ڇڏيو اٿس. مون مان آڏاڻن تي نه فقط ٿلهو ڪپڙو ٺهندو هو پر نفيس ململ پڻ ٺهندي هئي. اهي به ته اڍائي ورهين جون يادگيريون آهن. منهنجي ڪپڙي جو واپار ان وقت به ديسان ديس سمنڊ توڙي خشڪيءَ رستي هلندو هو. چوندا آهن ’هر ڪمال کي زوال آهي‘. هن وقت سنڌ ۾ منهنجو اهو مانُ ڪونه آهي پر تڏهن به الله جو شڪر آهي! جو پنهنجي زمين جي نالي سان اڄ به زندهه آهيان. مون کي سوڙ ۾ ڀريو ته سيءَ کان ٻين ڪپهن کان وڌيڪ بچاءُ ڪريان. اسپتالن ۾ مرهم پٽي ۾ به آءٌ ڪم اچان ته سرڪاري بارود خاني ۾ به منهنجو ئي مانُ مٿاهون آهي. اهڙين خوبين هوندي جي الله تعاليٰ گهريو ته پيئي تڳنديس!
    ادي امريڪي ڪپهه، تون پنهنجو ڪڙم سنڀال ۽ آءٌ پنهنجو. اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪيترو نه فرق آهي: آءٌ سڌو ۽ ڊگهو اُڀران پر تنهنجو ٻوٽو پکيڙ ڪري. منهنجا پن پنجن آڱرين وانگر ’الله‘ جي اکر جيان آهن پر تنهنجا پن پينو فقير جي ٻُڪ وانگر ٿين. منهنجا ڪڪڙا لسا ٿين ۽ اڪثر گودي سان ڀريل هوندا آهن، پر تنهنجن ڪڪڙن تي بُج ٿين ۽ گهڻا ته انهن مان ڦيڦا ۽ خالي هجن. مون تي مرض ايترو مارو ڪونه ڪري پر تنهنجي طبيعت ذري ذري تي بگڙيو پوي. منهنجي ڦٽي ڊگهي اُسري پر تنهنجي گيل ڪري پکڙي. منهنجو بدن پهلوان جي جسم وانگر ايترو ته مضبوط آهي، جو پهاڙين ۾ به مون کي پوکين پر تون زرخيز زمين تي به جهُريو پوين. ادي، باقي برابر تنهنجو ريشو يعني تاندورو وڏو ۽ نرم آهي، جنهنڪري تو هتي اچي پنهنجا پير ڌريا آهن.

    سنڌي ڪپهه جو ٻوٽو
    ايترو ٻڌندي مون (آمريڪن ڪپهه) کي به جوش آيو ۽ چئي ڏنومانس ته ادي ديسي ڪپهه، آءٌ انهيءَ ملڪ مان هٿ آئي آهيان جتي ڪارخانا هئا، پر تون جا هزارين ورهين جي ڊاڙ ٿي هڻين ته پوءِ ٻڌاءِ ته سهي سنڌ ۾ ڪارخانا ڪٿي هئا؟ منهنجو ملڪ ڏکڻ امريڪا به اهڙو ئي گرم يا سرد هو جهڙي سنڌ جي هوا. مون کي مسسپي نديءَ جي پاڻيءَ تي پاليو ويو ٿي، جيئن توکي سنڌو ندي جي پاڻي تي. پر ٻڌاءِ ڀلا ته سنڌ ۾ اڳي اهڙا واهه ڪٿي هئا جهڙا مون اچي سنڌ ۾ ڏٺا؟ مون تي اعتبار ڪرين ته منهنجو اصل وطن به مسسپي هڪ پهاڙي علائقو آهي.
    اِتي سنڌي ڪپهه هيسجي ويئي ۽ چيائين ته ڀيڻ، آءٌ ڪا تنهنجي گِلا ڪونه ٿي ڪريان يا توتي ٽوڪبازي ٿي ڪريان. مان سادڙي آهيان ۽ سنڌ جي نماڻيءَ زمين مون ۾ نماڻائي ڀري آهي، تنهن تي مون کي فخر آهي. مون وسوڙيل جي ڳالهه دل سان هنڍاءِ ۽ دل ۾ نه ڪر- تنهنجي ديس جا ماڻهو شايد چالاڪي ڄاڻن جهڙي تو ۾ آهي. اسان سٻاجهڙن ۾ اهڙي چالاڪي ڪٿان آئي! جي تون دل ۾ نه ڪرين ته آءٌ سچ ٻڌايانءِ: ادي! اسان جي سٻاجهي سڀاءَ سبب ئي تو منهنجي اچي جاءِ والاري آهي، ڀيڻ، ٻيو ڪوبه سبب ڪونه آهي تنهنجي هتي پيرن ڄمائڻ جو.
    جيجل ادي! امريڪي ڪپهه، ٻڌ منهنجي ڳالهه: اڃا ڪالهوڪو ڏينهن هو جو ڪلهوڙن ۽ ميرن جي کوٽيل واهن کي انگريز سرڪار سڌاري سکر بئراج جي واهن ۾ بدلايو. جيئن ته سنڌوندي جي کاٻي ڪناري تي اڀرندو نارو مٺڙائو واهه، جمڙائو واهه، نصرت واهه، نولکي واهه ۽ دادواهه وغيره هئا ۽ سنڌوندي جي ساڄي ڪناري تي بيگاري واهه، سنڌ واهه، سکر واهه، گهاڙ واهه ۽ الهندو نارو وغيره هئا. وري پاڪستان سرڪار جڏهن 1955ع ۾ ڪوٽڙي بئراج وهايو تڏهن ڦليلي واهه، ڪلري بگهاڙ واهه، پڃاري واهه ۽ حجامڙو يا اوچتو واهه سڌاري وهايو. اهڙيءَ طرح جڏهن 1962ع ۾ گڊو بئراج نڪتو ته ان لاءِ شاهي واهه کي سڌاريو ويو. جنهن کي هاڻي کيرٿر واهه ٿا سڏين. انهن کان سواءِ بدين طرف ڦليلي ڦاٽ مان نڪتل مير واهه ۽ قاضيا واهه به ميرن جي صاحبيءَ جون نشانيون آهن. ٻيا به ڪيترائي واهه سنڌ ۾ هئا ۽ آهن، جن مان ڪي سڌاري وهايا ويا آهن ۽ گهڻا ڦٽي ويا ۽ انهن جو نالو نشان به ميٽجي ويو ٿو ڏسجي.
    انگريزن کان اڳ وارن واهن کي سنڌونديءَ مان کوٽي وهائيندا هئا. اهي موڪ ڪونه ڏيندا هئا ۽ انهن کي آبڪلاڻي يا سانوڻي جا واهه چوندا هئا، ڇو جو فقط سنڌونديءَ جي پاڻي جي چاڙهه تي اونهاري يعني خريف جي موسم ۾ وهندا هئا. انهن واهن مان وري شاخون يا ننڍا واهه ڪڍندا هئا، جن کي چوندا هئا ڪڙيا. انهن ڪڙين مان وري ننڍڙيون شاخون ڪڍي، انهن تي پڪي کوهه وانگر کوهه بنائيندا هئا؛ جن جو پاڻيءَ وارو پاسو کليل هوندو هو. انهن کوهن کي چوندا هئا کوهاڏا، پڙوها يا پڙوڏا.

    ديسي نار ۽ لوهي نار
    انهن ڪڙين ۽ پڙوهن تي نار چاڙهي پوکن کي پاڻي پياريندا هئا. اهڙن نارن مان ننڍن نارن کي هُرلا چوندا هئا. هرلا ٿوري اونهائيءَ مان پاڻي ڇڪيندا هئا. صحيح معنيٰ ۾ نار انهيءَ کي چوندا هئا، جيڪي پڪن کوهن يا ڪَچن پڙوهن تي چاڙهيا ويندا هئا؛ ۽ انهن واهن وارن نارن تي عام پوکون ۽ کوهن وارن نارن تي باغ ۽ ڀاڄيون پوکيندا هئا. هر هڪ کوٽيل واهه تي بي شمار ڪڙيا ۽ پڙوها هوندا هئا. نار ۾ ڍڳن جو جوڙو يا اُٺ ۽ هرلي ۾ هڪ ڍڳو يا اُٺ جوٽيندا هئا. اهي هُرلا ۽ نار ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ پيس، سَرن يا ڊڀن جي مالهه رستي، ٺڪر جون ڪِنگريون يا ڪِنگر ٻَڌل هوندا هئا، جي پاڻي ڇڪيندا هئا. هاڻي ته لوهي نارن ۽ هرلن جو رواج آهي ۽ لوٽيون به لوهه جون ٿين.
    سياري ۾ وري ڪَچي وارين زمينن تي سنڌونديءَ جي اٿل واري پاڻيءَ جي آڌار تي ربيع جا فصل پوکيندا هئا. اتي مون وچ ۾ ڳالهه کي ڪاٽي، سنڌي ڪپهه کان پڇيو ته ”مون کي ڪَچي وارين زمينن بابت کولي ٻڌاءِ ۽ اهو به ٻڌاءِ ته سنڌ ۾ ٻيا به ڪي زمينن جا قسم ٿين ٿا ڇا؟ ادي! تون قديم زماني کان هتي جي رهاڪو آهين. آءٌ جا هيترا سارا فصل پنهنجي چوڌاري ڏسان ٿي، تن لاءِ دل چاهيم ٿي ته توکان واقفيت هٿ ڪريان، جي تنهنجن ابن ڏاڏن جي زماني کان هلندا ٿا اچن.“
    انهيءَ تي هن سنڌي ڪپهه وراڻيو ته ”ادي امريڪي ڪپهه، مون ته سنڌ جا پهاڙي ۽ وارياسا علائقا ڏٺا ڪونه آهن پر ٻڌا آهن. اسين ايامن کان سنڌ جي وچولي زرخيز علائقي ۾ پليا آهيون. البت انهيءَ بابت جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو اٿم سو توکي سليان ٿي:
    سنڌوندي مٿاهينءَ تان وهي ٿي، جنهنڪري اونهاري ۾ جڏهن موج ۾ اچي ٿي ته سندس پاڻي ٻنهي ڪنارن کان اٿل ڪري وڏا ميدان ٻوڙيو ٿو وجهي. انهيءَ ٻوڏ کان شهرن، ڳوٺن ۽ پوکن کي بچائڻ لاءِ اسان جي سرڪار، ٻنهي ڪنارن تي بچاءَ بند ڏيئي ڇڏيا آهن. انهي بچاءَ بندن جي وچ ۾ جيڪا زمين اچي ويئي، تنهن کي چون ’ڪچي جي زمين‘. انهيءَ تي سال بسال درياءَ جي پاڻي جي اٿل ايندي رهي ٿي. اتي سياري ۾ ڪڻڪ، ڇانهيون يعني هنداڻا، گدرا، سرهه، ڄانڀو، مسور، مٽر ۽ چڻا پوکين.
    پڪي جون زمينون اهي آهن، جي پڻ درياءُ جي لٽ يا ريٽ سان ٺهيل آهن پر هاڻي انهن تي درياءَ جي اٿل نٿي ٿئي ۽ گهڻو ڪري براج جي واهن سان آباد ٿي رهيون آهن. هنن کي لٽ واريون يعني لٽياري زمينون يا ريٽ واريون زمينون چوندا آهن. ڪٿي ته هن کي مِٺيون، گسياريون يا لٽاڇيون زمينون پڻ سڏين، اهي زمينون سڀني پوکن لاءِ ڪارگر آهن. هنن ۾ اڌو اڌ واري ۽ مٽي مليل هوندي آهي.
    چيڪي يا پڪي زمين کي رِپَ يا ٽاڪَ زمين چون. اهڙي زمين تمام سخت ٿئي ۽ هر ڏيڻ سان وڏا کڙا ڪڍندي آهي. هن ۾ هر به ڏکيو لڳجندو آهي. اهڙين زمينن ۾ ساريون، ڄانڀو ۽ ڪڻڪ ٿي سگهن ٿا. هنن ۾ ٻه حصا چيڪي مٽيءَ جا ۽ هڪ حصو واريءَ جو ٿئي. جيڪڏهن هنن ۾ وٿاڻ جو يا سائو ڀاڻ وجهجي ۽ انهن ۾ پوسل يا سَمَ نه هجي ته تمام ڀلا فصل پيدا ڪنديون، خاص ڪري ڪمند، ڪپهه، جوئر، ٻاجهري، ڪڻڪ، ڀاڄيون، مڪائي وغيره.
    رَءَ واري زمين درياءَ جي وهڪري جي رَءَ، واريءَ ۽ مٽيءَ جي ملاوت ڪري ٺهندي آهي. هن ۾ اڌ کان منو حصو واريءَ جو ۽ باقي حصو مٽيءَ جو هوندو آهي. هيءَ نرم ۽ ڌوڙ واري زمين آهي، جنهن کي ڊُسڙ ۽ گِسراٽي زمين به سڏين ٿا. هيءَ زمين تمام ڀلي آهي، جنهن ۾ هرڪا پوک ٿي سگهي ٿي جهڙوڪ: باغات، ڀاڄيون، ڪپهه، ڪڻڪ، جوئر، مڪائي، ٻاجهري وغيره.
    ٺيٺ ڪلر واريءَ زمين ۾ ڪابه پوک ٿي نٿي سگهي. پر مٺي ڪلر ۾ ساريون، گوار، مڪائي، ٻاجهري ۽ برسيم پوکي سگهجن ٿا. اهڙين زمينن کي ڏنگاسي يا ڏنگيچي زمين ڪري سڏبو آهي. اهڙيءَ زمين جو ڪلر مٿاڇري تي هوندو آهي، جنهن کي هر ڏيئي ۽ ان کان پوءِ پاڻيءَ جو ٻٽو ريج ڏيئي، زمين جي هيٺين تهن ۾ ڌڪي سگهجي ٿو.

    ديسي هر، لوهي هر
    مون اتي (امريڪي ڪپهه) چيو ته مون پاڻ اڇي واري ڏٺي آهي. ٿر ۾ پڻ اهڙي اڇي واري هوندي!“ تنهن تي ديسي ڪپهه وراڻي ڏني ته ”ٻڌو اٿم ته ٿر جي ڊٻن جي واريءَ جو رنگ ڳاڙهسرو آهي، جتان ڪنهن سمي سمنڊ وهندو هو. سمنڊ جي واري ڳاڙهسري ٿيندي آهي پر درياءَ جي واريءَ جو رنگ مورڳو ميرو يا ابرڪ جي ذرن جي چلڪي سبب چلڪڻو اڇو ٿيندو آهي. ٿرپارڪر جي ڊٻن جي وچ ۾ جيڪا پوک لائق زمين آهي تنهن کي آگو چون. برسات بعد اتي هر ڏيئي ٻاجهري، گوار، هيرڻ ۽ تِرَ پوکين.“ پوءِ مون (امريڪي ڪپهه)، سنڌي ڪپهه جي مهرباني مڃي ۽ سوال پڇيو ته ”هاڻي اڳئين زماني ۾ سنڌ جي ڪپهه وارن ڪارخانن بابت به ڪي ٻڌائينم.“
    تنهن تي سنڌي ڪپهه وراڻي ڏني ته ”ادي امريڪي ڪپهه، تون ته ٿوري تي ئي ٿڪجي پيئي آهين. دل چاهيم ٿي ته توسان وٿاڻ جي ڀاڻ ۽ سائي ڀاڻ بابت به ڳالهيون ڪريان؟“ ان تي مون (امريڪي ڪپهه) چئي ڏنو ته ”ادي سنڌي ڪپهه، آءٌ به راڄن واري آهيان. اهڙا واڙن جا ڀاڻ، ساوا ڀاڻ ۽ ولائتي نمڪ وارا ڀاڻ مون به ڏٺا آهن ۽ پنهنجن ٻوٽن کان پڇي دل ۾ هنڍايا آهن. هاڻي تون مون کي ڪپهه جي ڪارخانن جي سُڌ ڏي.“
    پوءِ ديسي ڪپهه پنهنجي ڪهاڻي وڌائي چيو ته ”ادي! اسان جا مارو ماڻهو جڏهن ڦُٽين جو چونڊو ڪري گهر آڻيندا هئا ته ڦٽين مان پن، ڪچرو ۽ چوچيون ڦٽيون ڌار ڪري صاف ڦٽيون ارٽين ارٽي سان ٽاڻيندا هئا، تڏهن ٻج ڌار ۽ ڪپهه ڌار ٿي پوندي هئي. انهيءَ ڪپهه مان پوءِ ذرا ذرا يعني صاف پُوڻيون ٺاهي ارٽ يعني چرخي چرخو جي مدد سان ڪَتيندا هئا ۽ ڌاڳو تيار ٿي پوندو هو. هر ڪنهن گهر ۾ چرخو يعني ائٽ يا ارٽ هوندو هو ۽ هرڪا سڀاڳي گهر ڌڃاڻي چرخو ڪتيندي ۽ ڌاڳو يا سُٽ تيار ڪندي هئي. پوءِ انهيءَ سٽ مان ڪوري تاڃيو ٺاهي، آڏاڻن تي تاڃي چاڙهي ۽ پيٽو اُڻي ڪپڙو تيار ڪندا هئا.
    جيڪڏهن رنگين ڪپڙو يا رنگين ليڪن سان ڪپڙو تيار ڪرڻو هوندو هون ته پوءِ رنگريزن کان مٽ رڱائيندا هئا. نيروٽي نير مان نيرو، بِلو، موڱو ۽ ڪارو رنگ تيار ڪندا هئا ۽ سُٽ رڱيندا هئا. ۽ کُهنباٽي کهنبي يعني پواڙي جي گلن ۽ ڏاڙهون جي کلن وغيره مان رنگ تيار ڪري سُٽ رڱيندا هئا. اسان جا صوفي بزرگ سائو، الله لوڪ ڳاڙهو ۽ سنياسي يا جوڳي گيڙوءَ رتو ڪپڙو اوڍيندا هئا. گرم شالن ۽ لوين کي لاک سان لاکي رنگ ڏيندا هئا. شاديءَ وقت کُهنبو يعني زعفراني رنگ ۽ رتول يعني ڳاڙهو ڪپڙو ڪنوار کي ڍَڪائيندا هئا. ڪپڙن تي طرح طرح جو ريشم جو ڀرت، ٽِڪن، موتين، ڦلن ۽ ستارن سان جڙيل جنسار هوندا هئا. ڪپڙي تي سونهري گؤنٽن ۽ زريءَ وغيره جو جڙاءُ پڻ ڪندا هئا.
    انهيءَ تي حيرت وچان مون (امريڪي ڪپهه) پڇيو ته ”سنڌ ۾ اوچو ۽ سنهون ڪپڙو به تيار ٿيندو هو ڇا؟ اهو ته اسان جي امريڪا جي ڪارخانن ۾ ڪلن وسيلي تيار ڪيو ويندو هو!
    ادي سنڌي ڪپهه، تون به مون وانگر وڏي ۽ نرم تاندوري واري هجين ها ته پوءِ آءٌ تنهنجي پٽن تي پير کوڙي نه سگهان ها.“ تنهن تي سنڌي ڪپهه جواب ڏنو ته ”ادي امريڪي ڪپهه، تون ته اهڙا وڪيلاڻا سوال ٿي ڇِڪين جي مون کي ڇرڪائي ٿا ڇڏين. پر ادي، منهنجي ڳالهه سمجهه ته جڏهن پهريائين انگريز هندستان ۾ آيا ته ڳوٺ موٽندي وڃي چيائون ته ”هندستان ۾ اهڙا به ٻوٽا ٿين ٿا جن جي پشم يعني اُنَ اسان جي رِڍَنِ جي اُن کان زياده اڇي ۽ نرم آهي.“ پوءِ اهڙن انگريز اميرن کي جڏهن انگلنڊ کان نيڪالي ملي ته انهن وڃي امريڪا جو ملڪ وسايو. تون به ته انهن مان آهين نه؟ ’پرڻ چوي ڏونگهي کي ته هل ڙي ٽه ٽونگا! بلي ڙي بلي!
    حقيقت ۾ ڳالهه ائين آهي جو جڏهن انگريزن هندستان ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا ڏٺا ته هنن علم، عقل ۽ سائنس جي زور تي انهن آڏاڻن وغيره جهڙيون ڪلون ٺاهيون، جن اهڙوئي ڪم ٿي نباهيو، جهڙو ڪورين ۽ ڪاسبين ٿي هندستان ۾ ڪيو. البت مشينن رستي ڪم جو وڌيڪ اُڪلاءُ ٿوري وقت ۾ ٿيو ٿي ۽ ڪپڙي جو نمونو هٿ واري ڪپڙي کان بهتر بيٺو ٿي.
    انهيءَ کان سواءِ انگريزن ڏٺو ته سنڌ جي اتر، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ فراسيون ٺهيون ٿي. ٺٽي نصرپور ۽ هالا ۾ لونگيون ۽ گربيون ٿي ٺهيون. کيس، چاندنيون، چادرون وري مير جي ملڪ يعني خيرپور ميرس ۽ نصرپور ۾ تيار ٿي ٿيون. هنن سڀني ۾ مون ديسي ڪپهه جو وڏو هٿ هو. ان کان سواءِ جنڊيءَ جو ڪم ڪشمور ۽ هالا ۾ ۽ ڪا شيءِ جو ڪم هالا، نصرپور ۽ ملتان ۾ مشهور هو. انگريزن سڀ واٽون هٿ ڪيون ۽ ڳوٺاڻي اوزارن جي نموني تي سڌاريل ڪَلون ٺاهي، سڀني هنرن تي قبضو ڪري ورتو. سچ چيو اٿن ته ’سج ٻه پاڇا‘ سو ادي، سج جو سوجهرو اڄ تنهنجي حق ۾ آهي.“

    جهوپڙيون ۽ وٿاڻ
    ادي جڏهن ميرن جي گهر مان ڦِٽي ته سنڌ ۾ انگريز اچي راڄ-ڌڻي ٿيا. پوءِ ته سموري هندستان جي هيرن جواهرن، موتين مرجانن، لعلن زمردن، سون چاندي ۽ زر دولت جي وسيلي وڃي پنهنجو ملڪ سڌاريائون. هندستان کي هُو ”انگريزي سلطنت جو نهايت ئي چمڪندڙ هيرو“ سڏيندا هئا. ڪوهه نور هيرو جيڪو برطانيا جي ڇَٽ ۾ لڳل آهي، اهو به ته رنجيت سنگهه کان پنجاب ۾ هٿ ڪيو هئائون، رنجيت سنگهه وري اهو مسلمان حڪومت کان دوکو ڏيئي هٿ ڪيو هو.
    ادي امريڪي ڪپهه، هاڻ ڇڏ انهن ڳالهين کي. تون اها آهين نه؟ جنهن جي امريڪا کان آندل ٻجن اندر گوگڙي جو گلابي ڪينئون اسان وٽ آيو! ڪِينئين مان پوپٽ ٿيا، انهن آنا لاٿا ۽ وري ڪينئا ڦُٽي نڪتا. اڄ ته ڪپهه جي گلن ۽ گوگڙن کي اهو ڪينئون سوراخ ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ لڳو آهي ۽ فصلن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. اسان ته پنهنجي وهيءَ ۾ فقط اُڏوهي ڏٺي هئي سا به اتي ٻوٽن کي لڳندي هئي، جتي چوپائي مال جو ڪَچو ڇيڻُ ڪِريل هوندو هو يا جتي فصل کي پاڻيءَ جي اڻاٺ هوندي هئي. تو مان ته ادي، ڦٽين چونڊڻ بعد تنهنجا ٻوٽا وڍي ساڙيو ڇڏين؛ پر منهنجن سڌن ٻوٽن مان ونئڻاٺيون ڪپي سانگيئڙا پنهنجيون جهوپڙيون مَنهَن ۽ وٿاڻ جون ڇتيون ٺاهين.
    جڏهن اهو ٻڌم، تڏهن آءٌ (امريڪي ڪپهه) تپي باهه ٿي ويس. پوءِ ڀرسان ڪارخاني ۾ پيل مصري ڪپهه کي نفرت سان للڪاري چيم ته ”تون رَن ڇو اچي سنڌ ۾ رُلي آهين؟“ اهو ٻڌي، مصري ڪپهه ماٺ ۾ اچي ويئي، پر پوءِ ساهه کڻي رعب سان چيائين ته منهنجي ڀيڻ امريڪي ڪپهه، ٿورو غور ته ڪر ته آءٌ به فرعون جي ملڪ جي آهيان. اهڙي دٻدٻي واري وطن جي، جنهن جي بادشاهه فرعون جي ڊپ کان حضرت موسيٰ عليہ السلام پڻ مصر ڇڏي ويو هو. ڀيڻ، آءٌ آهيان اوچي خاندان جي ۽ توکان ريشي توڙي نرميءَ ۾ سرس، تنهنڪري عقلمندن کي جڳائي ته پنهنجي سڀاءَ کي نرم رکن ۽ پاڻ کان گهٽ عقل وارن کي هدايت ڏيئي سڌارين. سو جيڪڏهن مون کان حال احوال وٺڻو اٿئي ته پنهنجي سڀاءَ کي ٿڌو رک. منهنجي ڪهاڻي هن ريت آهي:

    مصري ڪپهه جي ڪهاڻي
    ”منهنجو ملڪ مصر آهي، جو سنڌ سان خاصي مشابهت رکي ٿو، جيئن سنڌوندي سنڌ جي وچ واري ميدان ۾ وهي ٿي ۽ ان کي آباد ڪري ٿي. تفاوت اهو آهي ته سنڌو درياءَ اتر کان ڏکڻ طرف وهي ٿو ۽ وڃيو ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، پر نيل نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ کان اتر طرف آهي ۽ سنڌو دياءَ وانگر شاخون ڪري هيءَ به وڃيو اتر طرف سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. سنڌ جي ڏکڻ ۾ سمنڊ آهي پر مصر جو هڪ سمنڊ اُتر طرف ۽ ٻيو اڀرندي طرف آهي. جهڙيءَ طرح سنڌ جي ڏکڻ-اوڀرندي ۾ ٿر جو وارياسو بيابان ۽ اولهه طرف بلوچستان جا جبل آهن“؛ اهڙيءَ طرح مصر جي انهن طرفن ڏانهن به جبلن ۽ بيابانن جو علائقو آهي. سنڌ جي سموري زمين جو اٽڪل ٽيون حصو آبادي لائق آهي؛ پر مصر جي سرزمين جو اٽڪل ويهون حصو آبادي لائق آهي؛ سنڌ ۾ جيڪي ٽي براج آهن، انهن جهڙا واهه مصر ۾ ٿورا نظر ايندا. سنڌو ندي وهي مٿاهين زمين کان ۽ سندس پيٽ ريتائتو آهي ته نيل درياءَ جو پيٽ زمين اندر ۽ جابلو زمين ۾ آهي. ڀيڻ امريڪي ڪپهه، سچ پچ ته آءٌ پاڻ کي هتي سکيو ٿي سمجهان ۽ مصر جهڙو ئي نظارو مون کي چوطرف نظر اچي ٿو.“
    اتي مون (امريڪي ڪپهه) ڳالهه ڪاٽي ورندي ڏني ته ”اسان جي ڏکڻ-اوڀر آمريڪا ۾ پڻ سنڌ جهڙيون هوائون آهن. منهنجي ملڪ مسسپي جي اڀرندي طرف پڻ سمنڊ آهي ۽ اسان جي چوطرف بياباني ۽ ٽاڪرو ميدان پڻ پکڙيل آهي. سچ پڇين ته ڀيڻ مصري ڪپهه، مون کي پڻ سنڌ ۾ وڏو سک نصيب ٿيو آهي. پر آمريڪا جي لاءِ منهنجي سڪ تڏهن لهندي آهي جڏهن منهنجي ڪپهه مان ٺهيل ڌاڳا ۽ ڪپڙا اوڏانهن واپار جي خيال کان اماڻيندا آهن.“
    مصري ڪپهه پنهنجي ڪهاڻي اڳتي ڪندي چيو ته ”ڀيڻ آمريڪي ڪپهه، تنهنجو وطن وري به سنڌ سان اهڙي مشابهت نه رکي سگهي جهڙو منهنجو ملڪ مصر. مصر ۾ پڻ سنڌ وانگر برسات ٿوري پوي. مصر جو ڏاکڻو حصو هوبهو سنڌ جي ٿر جهڙو ۽ اتريون علائقو وري سنڌ جي ڏاکڻينءَ سرزمين جهڙو آهي. پر هاڻي ڇڏيان ٿي انهيءَ احوال کي ۽ ڏيان ٿي پنهنجو حال احوال، ڀيڻ، تو جو مون کي طعنو ڏنو هو ته سنڌ ۾ ڪيئن اچي رُلي آهين، تنهنڪري مون پنهنجي وطن مصر جي ڀيٽ سنڌ سان ڪرڻ مناسب ڄاتي.
    ڀيڻ امريڪي ڪپهه، مون تنهنجي توڙي پياري سنڌي ڪپهه جي ڪهاڻي ڪن لائي پئي ٻڌي. جيئن سنڌي ڪپهه موهن جي دڙي وارو پنجن هزارن ورهين جو حوالو ڏنو، تيئن مصر جي ممين جو احوال پڻ پنج هزار ورهيه پراڻو آهي. توکي ٻڌايان ته مميون ڇا ٿينديون آهن؟ اڳئين زماني ۾ مصر جي ماڻهن جو عقيدو هوندو هو ته انسان جو روح سندس مئل جسم جي چوطرف موجود هوندو آهي، تنهنڪري جيڪڏهن جسم فنا ٿي ويو ته روح پڻ فنا ٿي ويندو. اهو خيال ڪري، هو خاص طور بادشاهن، اميرن ۽ پڄنديءَ وارن مري ويل ماڻهن جي جسمن کي دوائون ۽ مصالحا ڏيئي صحيح حالت ۾ رکندا هئا. هنن جو اهو عقيدو هو ته جيڪي به کاڌي جون شيون، زر زيور ۽ هيرا جواهر مميءَ جي مقبري ۾ رکيا ويندا، انهن کي ڏسندي سندس روح کي راحت پهچندي. بادشاهن ۽ اميرن جي ممين کي ڪاٺ جي صندوق ۾ وجهندا هئا ۽ انهيءَ صندوق جي مٿان انهيءَ مڙدي جي هوبهو رنگين تصوير اُڪيريندا هئا. اهڙيون پيتيون اڪثر ڪري جبل جي غارن ۾ سانڍيندا هئا.“
    ايتري ڪهاڻي ٻڌي، مون (امريڪي ڪپهه) کان رڙ نڪري ويئي ۽ چيم ته ڳالهه ته عجيب ڪئي اٿئي! جيڪڏهن آءٌ به امريڪا جي هن وقت هنر ۽ حڪمت جون ڳالهيون ڪريان ته تنهنجو به جيڪر وات ڦاٽي پوي. پر مون کي ٻڌاءِ ته سهي ته تو مصري ڪپهه جو اهڙين ممين سان واسطو ڪهڙو؟ منهنجي ڪپهه مان ٺهيل ڪپڙا جڏهن لنڊن ويا ته انهن پڻ آلبرٽ ميوزيم يعني شهزادي آلبرٽ جي عجائب خاني ۾ مصري مميون ڏٺيون هيون. پر هي جو مصرين جي عقيدي جو تو بيان ڪيو آهي، تنهن حيرت ۾ وجهي ڇڏيو اٿم.
    تنهن تي هن يعني مصري ڪپهه نرمي سان چيو ته ”ڀيڻ، مڙيوئي پنهنجي وطن کي ساريو پيئي سڪون لاهيان. آخر ۾ انهيءَ ۾ منهنجو داستان پڻ سمايل آهي. پنج هزار ورهيه اڳي پڻ منهنجو مصر ۾ وجود هو. سو هيئن ته اهي مميون منهنجي ڪپڙي جي ويڪرين پٽين سان سموريون پوريءَ ريت ويڙهيل آهن. اهي پٽيون اڇيون ۽ ململ جي سنهي ڪپڙي جون آهن. انهن ممين جي صندوقن تي جيڪا رنگين صورت چٽيل آهي ۽ انهن تي ڪپڙن جو طرح طرح جو رنگ ڏيکاريل آهي. انهيءَ مان ته پڪ ٿي نه، ته ان وقت پڻ رنگين ڪپڙن جو رواج هو. اها ساڳي ڳالهه جيڪا پياري سنڌي ڪپهه ڪئي.“
    ايتري ۾ وري مون (امريڪي ڪپهه) سوال پڇيو ته ”توکي ڪهڙي خبر ته انهن اميرن جو لباس تنهنجي خاندان جي ڪپهه مان تيار ٿيندو هو؟ ڀلا فرعون جي مميءَ جو لباس ڪهڙو هو، جيڪا اڄ به قاهره جي مکيه عجائبخاني ۾ رکيل آهي ۽ اهو به ٻڌاءِ ته ڀلا فرعون جي صندوق تي سندس ڪهڙي صورت چٽيل آهي؟“
    مصري ڪپهه پنهنجي ڪهاڻي جاري رکندي چيو ته ”ڀيڻ امريڪي ڪپهه، توکي ته ذري ذري ڳالهه ۾ شڪ ٿو نظر اچي. جڏهن به آءٌ پنهنجي وطن جي ڀيٽ پياري سنڌي ڪپهه جي ڪهاڻيءَ سان ڪريان ٿي ته تون ته آپي کان نڪريو وڃين. هاڻي هن نماڻيءَ سان به پرچي پئو ته ان کان به ڪي ڪجهه مزيدار احوال وٺون. اسان ڪپهن ۾ رکيو ڇا آهي. اسين سڀ پراون جي سهاري آهيون. ڪهڙي خبر ته ڪڏهن ڪارخاني وارا اسان مان ڌاڳو ٿا ٺاهين يا ڪپڙو يا مرڳوئي اسان کي ڪارخاني جي بگڙيل ٻهر ۾ ٿا داخل ڪن، جنهن سان انهن جا مستري پنهنجا ڪارا گريز ۽ تيل هاڻا هٿ اگهندا يا مشينون صاف ڪندا. ها ها، هاڻي پياري سنڌي ڪپهه، اسان جي ويجهو آءُ. اسين ڪي تنهنجا مَٺَ گهُرا آهيون ڇا؟ ادي، تنهنجي ڀر ۾ مون کي پنهنجائيءَ جو ساءُ ٿو اچي.“
    سو هاڻي ڀيڻ امريڪي ڪپهه، آءٌ تنهنجي سوالن جا جواب ٿي ڏيان. هي ٿورا ڏهاڙا اسان جي زندگي جا جيڪر ميٺ محبت ۾ گذرن ته ڪيترو نه دل کي سڪون رسي! هن دنيا ۾ ڪي ٿورائي سڄڻ ٿين ٿا. پوءِ اسان جو وجود جڏهن فاني آهي ته ان تي ڪهڙو بانور ڪبو؟ ٻئي جي بگاڙڻ مان اسان جو ڪهڙو مانُ، مٿاهون ٿيندو؟ آخر مري ڪري پنهنجي پالڻهار کي به ته حساب ڏيڻو آهي.
    ان تي مون (امريڪي ڪپهه) چيو ته ادي، ڇڏ هاڻي اهڙيءَ نصيحت کي مون کي وڌيڪ نه شرماءِ. اهو نرم پوءِ وري مصري ڪپهه هيئن ڪهاڻي جاري رکي.
    قاهره شهر جي پراڻي حصي ۾ نيل نديءَ جي کاٻي ڪناري ڀرسان حضرت موسيٰ عليہ السلام جو عبادت گاهه اڄ به موجود آهي. اهو نيل جي ڪناري کان اٽڪل ٽيهه فوٽ زمين ۾ اندر آهي. اتي جيڪي انهي بٺيءَ جا پيراهن پيل آهن تن تي رنگين ليڪا ۽ چونڪڙيون آهن ۽ اهي منهنجي ئي ڪپهه مان تيار ٿيل آهن. هاڻي ته پڪ ٿي ته انهي زماني ۾ پڻ منهنجو وجود هو؟
    باقي فرعون جي مميءَ بابت تو پڇيو آهي ته ٻڌ ته: اها ممي نه آهي پر فرعون جو حقيقي لاش آهي، جيڪو سؤ کن سال اڳ نيل درياءَ مان ڪپڙن ۽ جواهرن سميت سالم نڪتو هو. مصرين جي ٽيهن خاندانن مصر تي حڪومت ڪئي. سندن بادشاهيءَ جو زمانو حضرت عيسيٰ عليہ السلام کان اٽڪل سوا ٽي هزار ورهيه اڳ شروع ٿيو ۽ عيسوي سن کان ٽي سؤ ٻٽيهه سال اڳ پورو ٿيو، جڏهن سڪندر اعظم مصر فتح ڪري رومن شهنشاهت قائم ڪئي. انهن مصري بادشاهن کي فرعون جي لقب سان سڏيندا هئا.
    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي وقت واري فرعون جو نالو رامسس ٽيون هو، جنهن جي بادشاهي عيسوي سن کان 1192ورهيه اڳ کان 1160 ورهيه اڳ تائين يعني جما ٻٽيهه سال هئي. اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام جي زماني کي هن وقت ٽن هزارن ورهين کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. فرعون جو لاش ٽن هزار ورهين تائين نيل دياءَ سانڍي رکيو ۽ فقط سؤ سال کن اڳ انهيءَ مان صحيح ثابت هٿ آيو. انهيءَ لاش جي ڄنگهه جي هڪ پنڊليءَ تي مڇيءَ جو چڪ پيل آهي جو پڻ ڳاڙهو رتابل نظر اچي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليہ السلام واري فرعون جو لاش سچو پچو آهي ۽ نه ممي، جو هن وقت قاهره جي مکيه عجائب خاني ۾ شيشي جي صندوق ۾ سانڍيل آهي، کيس نيل درياءَ ۾ لشڪر سميت غرق ڪرڻ وقت رب پاڪ ساڻس وعدو ڪيو هو ته ’آءُ توکي قيامت تائين صحيح سالم رکندس ته آئينده نسلن لاءِ عبرت بنجين.“ (قرآن مجيد)
    اتي ديسي ڪپهه پڇيو ته ”ادي، ممين جي رنگ ۽ فرعون جي لاش جي رنگ ۾ هڪجهڙائي آهي ڇا“ انهيءَ تي مصري ڪپهه ورندي ڏني ته ”نه ادي، ممين جي مُنهن ۽ جسم جو رنگ ڪارو آهي، ۽ سندن هڏا به ڪارا آهن ۽ انهن جي مٿي تي وار ظاهر نه آهن- پر حضرت موسيٰ عليہ السلام واري فرعون جي مُنهن ۽ جسم جو رنگ زردو آهي ۽ نڙيءَ کان جيڪو هڏو ظاهر اٿس تنهن جو رنگ اڇو آهي ۽ سندس مٿي جا باقي بچيل وار سونهري رنگ تي آهن.“
    هاڻي مون (امريڪي ڪپهه) ڳالهه ڪاٽيندي چيو ته ”ڀيڻ مصري ڪپهه، خبر ڏي ته مميون ڪيئن ٺاهيندا هئا. ٻڌو اٿم ته مصر جا ماڻهو انهيءَ سمي سج ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. ڇا اهو صحيح آهي؟ تنهن تي مصري ڪپهه بيان جاري رکندي چيو ته مختصر طور چوان ٿي ته سج ديوتا جي احترام ۾ مصر جي شاهي خاندانن جا قبرستان نيل ندي جي اولهه طرف وارن غارن ۾ هوندا هئا. پر ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي! مون ڪپهه جو انهن سان ڪهڙو واسطو. هاڻي ٻڌ ته مري ويلن جون مميون ڪيئن تيار ڪندا هئا:
    ممي تيار ڪرڻ ۾ وڏو مقصد هوندو هو لاش کي بلڪل خشڪ ڪرڻ جو ته جيئن ان ۾ خراب ٿيڻ جو امڪان نه رهي؛ تنهنڪري مڙدي کي ڪاٺ جي تختي تي ليٽائي سندس مٿي مان مغز ڪڍي ڇڏيندا هئا. پوءِ پيٽ جا سمورا عضوا ڪڍي ٻاهر ڪندا ها. ڪن حالتن ۾ بڪيون ڌار ڪونه ڪندا هئا. ان بعد پيٽ ۽ ڇاتيءَ جي وچ ۾ جيڪو گوشت جو چومائو پردو آهي، تنهن کي وڍي دل کان سواءِ ٻيا سڀ عضوا نڙيءَ تائين ڪڍي ٻاهر ڪندا هئا. پوءِ جيڪو جسم اندر خال رهيو اهو ململ جي ڳوٿرين سان ڀريندا هئا. اهي ڳوٿريون پهريائين رانجهن جي کؤنر ۾ پسائي ڪُٽيل لونگ لڳائي پوءِ جسم جي خال ۾ ڀريندا هئا. ان بعد جسم کي لونگن جي پائونڊر سان ڀري ڇڏيندا هئا. ڪن ڏينهن بعد اهي سڪي ويندا هئا. پوءِ جسم اندر رانجهن جي کؤنر سان ململ کي پسائي وري خال ڀريندا هئا. جڏهن جسم بلڪل ئي سڪي ويندو هو ته اهي سڀ ڀريل شيون ڪڍي ٻاهر ڪندا ها. ان بعد دالچيني، واوڙنگ، ٻٻر جو کؤنر، ڪاٺ جو ٻورو ۽ لونگ ڪٽي رانجهن ۾ پسيل ململ سان ملائي وري جسم جو خال ڀري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هڪ-ٻه بصر جون ڳنڍيون جسم اندر وجهندا هئا. پوءِ جسم تي صندل جي تيل جي مالش ڪري مٿس ڪٽيل واوڙنگ مليندا هئا. آخر ۾ جسم تي پگهريل رانجهن جو کؤنر لڳائي، رانجهن سان پُسيل ململ جون پٽيون ويڙهي ڇڏيندا هئا.“
    اها ڳالهه ٻڌي مون (امريڪي ڪپهه) سنڌي ڪپهه کي چيو ته ”ادي، مون کي افسوس آهي ته مون تنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي. وڌيڪ بيان ڪرين ته تنهنجي مهرباني.
    سنڌي ڪپهه جي هلندڙ ڪهاڻي
    ادي امريڪي ڪپهه تو جڏهن سنڌ ۾ اوائلي پير پاتا ته آءٌ وڃي هن وقت جي سانگهڙ ضلعي ۽ اتر سنڌ ۾ رهيس سانگهڙ طرف مون مَکي ڍنڍ جا گهاٽا ٻيلا به ڏٺا. انهيءَ ڍنڍ مان پاڻيءَ جا وڏا واهڙ يعني ڦاٽ ٻيلن ۾ جت ڪٿ پکڙيل هئا جن ۾ واڳون رهندا هئا. اتي انگريزن جي دؤر ۾ بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير نالي حُرن جو وڏو ڏهڪاءُ هوندو هو. انهن گهاٽن ٻيلن کي پوءِ انگريز سرڪار وڍائي زمينن کي آباديءَ هيٺ آندو. انهيءَ وقت منهنجي اها جنس پوکي ويندي هئي جنهن کي زردا گل هئا ۽ اها سياري جي پڇاڙيءَ وارين سردين جي سٽ جهلي نه سگهندي هئي. اهو حال ڏسي مون مان سڄاڻن اڇي گل واري جنس ڳولي ڪڍي، جنهن جو تاندورو ڪجهه وڏو، وڌيڪ اڇو ۽ کهرو هوندو هو. انهيءَ کي گرم ڪپڙي جي ڪارخانن وارا ڏاڍو پسند ڪندا هئا. انهيءَ ڪپهه جي ملاوت سان رڍن جي اُن مان وڌيڪ نرم، لسو ۽ سنهون اوني ڪپڙو اڄ به تيار ٿي رهيو آهي. افسوس اٿم جو هاڻي انهيءَ مَکيءَ جي ڍنڍ جو نالو نشان به نه رهيو آهي. وري جو پاڪستان سرڪار ڪاٽن ڪنٽرول ائڪٽ يعني ڪپهه جي ضابطي وارو قانون ڪڍيو. ان بعد ته هاڻي وڃي سنڌ جي صرف پنجن تعلقن ۾ رهي آهيان. اهي تعلقا آهن: نوشهروفيروز، مورو، ڪنڊيارو، ميرواهه ۽ فيض گنج.“ سنڌي ڪپهه جي ڳالهه ٻڌي مصري ڪپهه چئي ڏنو ته ”ادي! ٺٽي ضلعي ۾ به ته ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍون ٺٽي ۽ جهرڪن جي وچ ۾ ٽڪرين جي تري ۾ هيون جن کي هاڻي ملائي ڪلري ڍنڍ چئجي ٿو، جيڪا اڄڪلهه ڏاڍي وڻندڙ ۽ عمدي تفريح گاهه آهي. ڀيڻ، مون کي ٻڌاءِ ته سنڌ ۾ ٻيون به ڪي ڍنڍون تو ڏٺيون؟“
    سنڌي ڪپهه پنهنجي ڪهاڻي جاري رکندي چيو ته ’ادي‘ توکي خبر آهي ته انهيءَ ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ تي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو بادشاهه ڄام تماچي سمون ۽ سندس پَٽَ راڻي نوري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چانڊوڪي راتين ۾ سير ڪندا هئا. ٻيڙيءَ جي سڙهن جو ڪپڙو پڻ مون مان ئي ٺهيل هو. ها ادي، ٻي بوبڪن ڀرسان منڇر ڍنڍ جيڪا هن وقت به دنيا جي عظيم کنڊ ايشيا ۾ سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. ڪو وقت هو جو هيءَ ڍنڍ ويهه ميل ڊگهي ۽ ڏهه ميل ويڪري هئي. هن ڍنڍ تي هاڻي به سياري ۾ ٻين سڀني ڍنڍن کان وڌيڪ شڪار ٿئي ٿو، جنهن ۾ بدڪون، آڙيون جام ملن ٿيون. منڇر مان پٻڻ، بهه، لوڙهه ۽ مڇي به جام ٿي ملي. منڇر ڍنڍ جي طرف واريون زمينون به ڀليون آهن ۽ واهه جا فصل اُپائين ٿيون. هن ڍنڍ ۾ کيرٿر جبل جو برساتي پاڻي، الهندي ناري ۽ اڙل واهه رستي اچيو ڪٺو ٿئي، پوءِ سياري ۾ پاڻيءَ لهڻ وقت سندس ڪيترو ئي پاڻي اڙل واهه رستي موٽيو وڃيو سنڌو درياءَ ۾ پوي.
    اتي مون (امريڪي ڪپهه) دانهن ڪئي ته ”تو ڪپهه جو سنڌ جي ڍنڍن سان ڪهڙو واسطو؟“ ان تي سنڌي ڪپهه وراڻيو ته ’ادي، انهيءَ منڇر ڍنڍ تي اڄ به هزارين ميربحر ٻيڙين جي گهرن ۾ گذارين ٿا، جن جو گذارو انهيءَ ڍنڍ مان حاصل ڪيل مڇين، پکين ۽ ٻين شين تي آهي. انهن ميربحرن جي ٻيڙين جا سڙهه توڙي رسا منهنجي ئي ڪپهه مان ته ٺهيل آهن. ادي، اباڻي ديس جون وسريل يادگيريون ياد ڪري پيئي دل تڳايان. هاڻي توکي جڏهن اها ڳالهه نٿي وڻي ته باقي ڍنڍن جو بيان مختصر ٿي ڪريان:
    ڪراچيءَ جي ڀرسان هاليجي ڍنڍ آهي. انهيءَ ڍنڍ ۽ ڪلري ڍنڍ جو پاڻي ڪراچيءَ وارن جي پيئڻ لاءِ ڪم اچي رهيو آهي. ٿر ۾ ڏيپلي جي ڀرسان سارڻ ڍنڍ ۽ عمرڪوٽ ۾ سومري ڍنڍ آهي. هنن ڍنڍن مان ڪن ڍنڍن جي پاڻيءَ تي آبادي به ٿئي ٿي.
    وري مصري ڪپهه پڇيو ته ”ڀيڻ، ٻڌائينم ته سهي ته اڳوڻي وقت جا ماڻهو ڪپڙا ڪيئن ڌوئيندا هئا؟“ جڏهن نه هو صابڻ موجود ۽ نه کار. ٻڌو اٿم ته سومرا سردار فقط نوان ڪپڙا هنڍائيندا هئا ۽ ميرا ٿيڻ تي سپاهين ۽ خدمتگارن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا؟“ تنهن تي سنڌي ڪپهه چيو ته ”سومرا سردار اصل هندو مذهب جا پوئلڳ هئا ۽ انهن جون اهڙيون روايتون هيون. ميرا ڪپڙا ته پري ٿيا پر سندن راڻي ڪو ٻار ڄڻيندي هئي ته پوءِ ان راڻيءَ کي به پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندا هئا. ساڍا ست سؤ ورهيه ٿيا جو سومرن جي مکيه سردار حضرت غوث بهاولحق ذڪريا ملتانيءَ جي نظر فيض اثر سان اسلام آندو، جنهن جو نالو محمّد طور رکيائون [1]. پوءِ محلاتن جي ايوانن اندر به ڌوٻي گهاٽ ٺهيا ۽ سردارن ڌوتل ڪپڙا به اوڍيا. جڏهن سومرن جي ڦٽي ته سندن اولاد ڌوٻيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ ڪن وري واڍڪو ڌنڌو پسند ڪيو.“
    مصري ڪپهه وري پڇيو ته ”ڀيڻ، ٻين بادشاهن جي اولاد حڪومتن جي پڄاڻي بعد ڪهڙا ڌنڌا اختيار ڪيا؟“ تنهن تي ديسي ڪپهه ڳالهه جي اپٽار ڪندي چيو ته ”جن بادشاهن حڪومت وقت جنهن به ڌنڌي طرف وڌيڪ چاهه رکيو، انهن جي اولاد پڻ زوال بعد اهي ڌنڌا اختيار ڪيا. جيئن ته مغلن کي عمارت سازي جو شوق هو ته انهن جي اولاد رازڪو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ ڪن وري لوهارڪو ڌنڌو ڪيو. سومرن بعد سمن مڇي مارڻ، ٻيڙي هلائڻ ۽ ڍنڍ جي پکين ۽ پٻڻين بيهن ۽ لوڙهن جي واپار جو ڌنڌو ڪيو. ڪلهوڙا جيڪي اوائلي دعا ڏيندڙ درويش فقير هئا، تن حڪومت وقت لالچ ۾ اچي سون ۽ رُپو گڏ ڪيو هو. انهن جي اولاد مان اڪثر سونارا ٿيا. ميرن وري پوک کيتي ۽ واپار طرف لاڙو ڪيو.“
    اتي مصري ڪپهه ياد ڏياريو ته مون پڇيو هو ته ”اڳوڻي وقت جا ماڻهو ڪپڙا ڪيئن ڌوئندا هئا؟“ ان تي سنڌي ڪپهه وراڻي ڏني ته ’ادي‘ ڪلراٺي زمين ۾ هڪ ٻوٽو ٿيندو آهي، جنهن کي لاڻي چوندا آهن. انهيءَ جا پن گولائي تي ڊگها ٿيندا آهن. انهي لاڻيءَ کي باهه ڏيئي ساڙيندا ته انهن مان ڀترن وانگر ڳوڙها ٿي پوندا. انهن کي ڀڃي کار وانگر ميرن ڪپڙن کي پاڻي ۾ ٽهڪائي ڌوئندا هئا. هن وقت به ٻهراڙين جي غريبن وٽ اهو ئي دستور آهي. ان کان سواءِ منهنجي (سنڌي ڪپهه) جي وونئڻاٺين کي ساڙي ان جي رک يا ڇار به سوڍا کار وانگر ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا.“ اهي ڳالهيون ٻڌي، مون (امريڪي ڪپهه) پڇيو ته ”ڀيڻ“ اسان ڪپهه جي ٽِنهي خاندانن جو سڀاءُ ٻئي ٻئي نموني جو آهي؛ تنهنڪري اسان کي ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڪٿي ۽ ڪنهن کي هڪ مهيني ۾ ۽ ڪنهن کي ٻئي مهيني ۾ پوکين ٿا سو ڇو؟ انهيءَ بابت به ته بيان ڪر.“ تنهن تي سنڌي ڪپهه ورندي ڏني ته ادي اچو ته اهڙي حقيقت ۽ ٻيا راز ڪڪڙن کان پڇون، جيڪي به اسان جي ڀرسان ڪارخاني ۾ ڍڳ ٿيا پيا آهن. پوءِ ته سنڌي ڪڪڙن توڙي مصري ڪڪڙن پنهنجي پاڙي واري امريڪي ڪپهه جي ڪڪڙي کي چيو ته ”ادا، تنهنجو سنڌ ۾ وڏو قبيلو آهي، تون ئي پنهنجي ۽ اسان جي پاران ڳالهه چور. اهو به ته ٻڌاءِ ته اسان جي جنس پوکڻ بعد ٻنيءَ ۾ چڱي طرح اُسري نٿي ۽ خال پيدا ڪري ٿي سو ڇو. انهيءَ بابت اسان جي پوکيندڙن کي ڪهڙيون هدايتون ڏيڻ گهرجن؟“ تنهن تي امريڪي ڪڪڙي هن ريت بيان جاري ڪيو:

    امريڪي ڪڪڙي جي ڪهاڻي
    ادا، مان پهريائين پنهنجو تعاف ڪرايان ٿو، اهو دل لائي ٻڌو: جڏهن ڪارخاني ۾ اسان ٽِنهي خاندانن جون ڦٽيون ٽاڻين ٿا، تڏهن اسان مان اٽڪل ٽيون حصو ڪپهه جو ۽ باقي ٻه حصا ڪڪڙا ملندا آهن. اسان ۾ به ڪي ڀريل هوندا آهن، ڪي ڪينئن کاڌل ۽ ڪي ٺلها. اڪثر ڦٽين جي پهرئين چونڊي وارا ڪڪڙ قد ۾ وڏا ۽ بت ۾ ڀَريل هوندا آهن، جن کي جيڪر پوکڻ لاءِ ڪم آڻجي ته فصل جي بِيهڪ ڀرتو رهي. اسان جي کل اهڙي ته سخت ٿيندي آهي، جو اسان جي جسم ۾ پاڻي مشڪل سان داخل ٿيندو آهي، يعني پاڻيءَ چهڻ جي خاصيت مڙيوئي گهٽ ٿيندي آهي؛ تنهنڪري اسان کي پوکڻ کان اڳ 9 کان 15 ڪلاڪ پاڻيءَ ۾ ضرور پسائجي ته جيئن اسان پنهنجي وزن جي اڌ جيترو پاڻي چوسي سگهون ۽ ڦٽڻ ۾ رنڊڪ نه پويسون.
    اسان فقط پوکڻ جي ڪم ڪونه ٿا اچون پر اسان جا ڪمزور ۽ گاڏڙ ڪڪڙا چوپائي مال کي کارائين ته انهن ۾ طاقت ايندي. ڳئون کائين ته انهن جو کير گهاٽو ٿئي ۽ کير مان مکڻ گهڻو نڪري. اسان کي ڪارخاني ۾ ڪلن رستي پيڙي تيل ڪڍن. اسان جي تيل ۾ گاسيپال جو زهر موجود هوندو آهي، تنهن کي ڪيميائي طرح صاف ڪري بناسپتي گيهه ٺاهين، جو کاڌي پچائڻ ۾ هاڻي عام ڪم اچي رهيو آهي. اسان جو اڻ صاف ٿيل تيل وري صابڻ ٺاهڻ جي ڪم اچي. اسان جو کڙ چوپائي مال واسطي هڪ عمدو کاڌو آهي.
    هاڻي انهيءَ ڳالهه کي اتي ڇڏي، اوهان کي ٻڌايان ته مون پنهنجي پيارين ۽ عزيز ڪپهن جي ڳالهه غور سان پئي ٻڌي. هڪڙيءَ ڀيڻ ته طعنو ڏنو ته مون ۾ ئي ته امريڪا کان گوگڙي جو گلابي ڪينئون آيو هو، جنهن پوپٽ بنجي آنا لاٿا ۽ انهن مان ٻيا ڪينئان ڦٽي وري پوپٽ ٿي نڪتا. هاڻي انهن، ونئڻن جي فصل ۾ گل ٻاٽي جي تباهي آڻي ڇڏي آهي. ادا، اهو سڀ سچ آهي. پر اسين ته انسان جي وس آهيون. پنهنجي وس ٿوروئي آهيون!
    ونئڻن جي چونڊي بعد مالڪ کي گهرجي ته ٻنيءَ ۾ چوپائي مال کي ڇڏي، جيئن ڍور ڍڳا اهي مرضيل ٻج، ڪک ۽ پن کائي ڇڏين ۽ ان سان گڏ جيڪي جيت زمين تي هجن، انهن کي کُرن سان لتاڙي چپي ڇڏين. ان بعد ڪنهن تکي اوزار يا ٽيڪم سان ونئڻاٺيون زمين کان هڪ انچ هيٺ وڍي ڇڏي ته اهي وري ڦوٽهڙو نه ڪن. هنن کي خبر هئڻ گهرجي ته ونئڻن جي ٿڏن يعني پاڙن اندر اُڏوهي ۽ ڪپهه جا ٻيا نقصانڪار جيت پلجن ٿا. خاص ڪري گوگڙي جو گلابي ڪينئون. پوءِ زمين کي اونهون هر ڏيئي هڪ پاڻي ڏيئي ڇڏجي ته زمين اندر ڪن ڪچرو سڙي وڃي ۽ جيت پڻ تباهه ٿي وڃن. وٽ اچڻ بعد وري زمين کي هر ڏيئي ڇڏجي ته اُس کائي.
    ڪڪڙن پوکڻ کان اڳي ٻج کي ڪنهن صاف سڌيءَ زمين يا فرش تي تهه ڪري پکيڙجي ۽ لڳاتار اُس ۾ ٻه-ٽي ڏينهن رکجي ته جيئن انهن جي بَجِ تي جيتن جا جيڪي آنا وغيره هجن سي پڻ چٽ ٿي وڃن. ٿي سگهي ته زراعت کاتي وارن کان جيت-مار دوائن ۽ ولائتي ڀاڻ جي استعمال بابت به وقت بوقت هدايتون حاصل ڪجن.
    ڪارخاني مان ڪڪڙن جو ٻج خريد ڪرڻ وقت ٻج جي جنس کي ڪاٺ ۾ ٽُڪر تي رکي ڪپ سان زور ڏيئي ڪپي ڏسجي. جيڪڏهن سؤ (100) داڻن تي اسي داڻا ڀَريل هجن ته اهو ٻج خريد ڪجي ۽ ڏنل هدايتن موجب في ايڪڙ اوترو ٻج پوکجي. جيڪڏهن ٻج ڪسو هجي ته في ايڪڙ اندازو وڌائجي. مٿي چيو اٿم ته ٻج پوکڻ کان اڳ اسان کي 9 کان 15 ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائجي. بهتر ته آهي ته ٻارهن ڪلاڪ پسائجي، وڌيڪ پسائڻ سان ڦوٽهڙو چڱو نٿو ٿئي. پُسڻ بعد جيڪو ٻج پاڻي تي تري بيهي، تنهن کي ڌار ڪري ساڙي ڇڏجي. پُسيل ٻج کي مٺي مٽيءَ ۾ ملجي ته داڻا ڌار ڌار ٿين ۽ پوکڻ ۾ سهولت ٿئي.“
    اتي مصري ڪڪڙي چيو ته ”مون ۽ سنڌي ڪڪڙي توکان پڇيو هو ته اسان جي جنس کي سنڌ ۾ ڪڏهن پوکين، جو اسين پيدائش وڌيڪ ڏيون ۽ هاڻي اهو به پڇان ٿو ته چونڊو ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪجي. جو اسان جي ڦٽين جو اگهه به چڱو ملي؟“ تنهن تي مون (امريڪي ڪڪڙي) وراڻيو ته ”ادا، اسان جي پوکڻ ۽ چونڊي بابت سنڌ جي زراعتي کاتي وارن جون آزمودي بعد هي هدايتون جاري ڪيل آهن. اسان جي پوکيندڙن کي گهرجي ته انهيءَ کاتي وارن کان وقت بوقت هدايتون وٺندا رهن، جي مفت ۾ ملن ٿيون.

    ونئڻن جي پوکڻ جو وقت:
    1- ضلعو ٺٽو_____________ پهرين مارچ کان آخر مارچ.
    2- ضلعو ٿرپارڪر____________ پهرين اپيل کان آخر اپريل.
    3- ضلعو حيدرآباد___________ ڏهين اپريل کان پندرهين مئي.
    7-4 (ضلعو نواب شاهه- ضلعو دادو،)
    (ضلعو خيرپور، ضلعو سکر، ضلعو لاڙڪاڻو.) پهرين مئي کان ڏهين جون.
    ٻج جو اندازو في ايڪڙ
    1- ديسي جنس- 8 کان 10 سير
    2- مصري ۽ امريڪي جنس – 13 سير
    چونڊي جو وقت:
    (ضلعو ٺٽو – ٿرپارڪر-) پندرهين سيپٽمبر کان آخري آڪٽوبر.
    الف (ضلعو حيدرآباد – تعلقو ٽنڊو محمد خان،)
    (ضلعو ماتلي ۽ تعلقو کپرو)
    (ضلعو سانگهڙ (کپري تعلقي کان سواءِ)، پندرهين آڪٽوبر کان پندرهين ڊسمبر.
    ب (ضلعو نواب شاهه –ضلعو دادو – ضلعو لاڙڪاڻو،)
    (ضلعو خيرپور – جيڪب آباد.)

    نوٽ:
    1- ضلعي حيدرآباد، ضلعي سانگهڙ ۽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ سيپٽمبر مهيني جي پهرئين اڌ بعد ونئڻن کي پاڻي ڏيڻ بند ڪجي. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ آڪٽوبر جي پهرئين اڌ ڌاري پاڻي ڏيڻ بند ڪجي.
    2- ونئڻن جي في ايڪڙ پيدائش سراسري طور پندرهن کان ويهه مڻ ڦٽيون هئڻ گهرجي.
    چونڊي وقت خيال ڪجي ته جيئن ٻوٽي تي ماڪ نه هجي، نه ته ڪپهه خراب ٿي پوندي. بهتر آهي ته سج اُڀرڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ پوءِ يعني ماڪ سڪڻ بعد چونڊو شروع ڪجي. پوکڻ لاءِ ٻج پهرئين چونڊي وارين ڦٽين مان هٿ ڪجي.“
    اتي ديسي ڪڪڙي عرض ڪيو ته اسان جي اها به بدبختي آهي جو ڪٿي ته اسان کي ڇٽ- کيڙ رستي ٿا پوکين؛ تنهنڪري گُڏ ڪرڻ ۾ هڪ ته محنت وڌيڪ ٿئي، جو ڪوڏر ٿا ڪم آڻين؛ ٻيو خرچ به وڌيڪ ٿو ٿئي، ۽ ٻج جو اندازو به ڏيڍوڻو پوکيو ٿو وڃي.
    ”ادا، ناڙيءَ جي پوک بابت ته ڪجهه ٻڌاءِ.“ تنهن تي امريڪي ڪڪڙي ٻڌايو ته ”اسان جي وطن مسسپي ۾ ونئڻن جي پوک ۾ هنجهه پکي ڇڏيندا آهن، جيڪي ونئڻن جي پنن وغيره کان سواءِ، سمورا اُسرندڙ گاهه ڪچرا پوک مان چونڊي کائيندا آهن. اهڙي طرح اهي گُڏ جو ڪم ڏين. ادا، ديسي ڪڪڙا، تو جيڪي پڇيو آهي تنهن بابت سنڌ جي زرعي کاتي وارن جون هن ريت هدايتون آهن.

    زمين جي تياري ۽ ناڙي:
    لوهي هر سان پنج يا ڇهه هر زمين کي ڏيئي يا ٽرئڪٽر سان زمين کي ٻه هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي سنهان ڪجن. ٻنيءَ کي ليول ڪري ديسي هر سان ناڙي ٻڌي، سڌين قطارن ۾ ڇَٽَ ڪجي. امريڪي ڪپهه ۽ مصري ڪپهه لاءِ قطارن وچ ۾ مفاصلو اڍائي کان ٻه فوٽ ۽ سنڌي ڪپهه لاءِ ٻن کان ڏيڍ فوٽ رکجي. موسم جي اوائل ۾ اهو وڌيڪ مفاصلو پر موسم جي پڇاڙيءَ ۾ گهٽ مفاصلو رکجي.
    فصل ۾ ٻئي پاڻيءَ بعد ٽرڦالي يا ديسي هر سان گُڏ ڪجي ۽ جي ٿي سگهي ته ٽئي پاڻيءَ بعد به گُڏ ڪجي. پوکڻ بعد پهريون پاڻي چئن يا پنجن هفتن کان پوءِ ڏجي ۽ سڄيءَ مُند ۾ پنجن کان ست پاڻي، پندرهن کان ويهن ڏينهن جي وقفي بعد ڏجن.“ اهو ٻڌي، مصري ڪڪڙي امريڪي ڪڪڙي کان سوال پڇيو ته”ادا، اهي پوکڻ جا مهينا ڇو ايترا ڦيري تي آهن؟“ تنهن تي امريڪي ڪڪڙي ورندي ڏني ته ”ادا، اهو سڀ موسم جي ڦير گهير تي مدار رکي ٿو.“
    ادا، ونئڻن کي ڊگهي گرم موسم جي ضرورت آهي. ونئڻن جي وڌڻ واري عرصي ۾ ڏينهن توڙي راتيون گرم هئڻ گهرجن، ٿڌيون راتيون ۽ گرم ڏينهن ونئڻن جي اوائلي دؤر ۾ نقصانڪار آهن. جيئن ٻوٽو وڌي وڏو ٿئي ته پوءِ ٿڌيون راتيون گوگڙن ۽ ٻج جي ٺهڻ ۽ وڌڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
    ونئڻن کي ڏنل هدايتن موجب پاڻي ڏجي. جيڪڏهن تمام گهڻو پاڻي ڏبو ۽ ڏينهن جهڙالا هوندا ته ٻوٽو پنن تي زور رکندو. جيڪڏهن ان عرصي ۾ ڏينهن روشن هوندا ته ٻوٽي جي واڌ چڱي ٿيندي. پوسل وارين زمينن ۾ ٻوٽو قد ڪونه ڪندو ۽ ٻاٽي يا مکڙيون ۽ گوگڙا ڇاڻيندو. جيڪڏهن فصل کي پورو پاڻي نه پهتو تڏهن به ساڳيون حالتون نظر اينديون. ونئڻن ۾ چونڊي وقت جيڪڏهن برسات سان گڏ سخت هوا لڳي ته ڦٽيون ڇڻي پونديون. گوگڙن جهلڻ وقت جيڪڏهن ڏينهن جهڙالا هوندا ته ڦٽيون اڌوريون کُلنديون. گهميل هوا پنن ۾ ڳاڙهه – پني وڌائي ٿي.“
    اتي مصري ڪپهه پڇيو ته ”پوءِ مون کي ڇو سڀ کان آڳاٽو ٺٽي ضلعي ۽ لاڙ ۾ پوکين ٿا؟ ادا، امريڪي ڪڪڙا، تنهنجي ۽ منهنجي فصل جو ٻوٽو آب و هوا جي اثر هيٺ اڪثر ڪمزور رهي ٿو ۽ ادي، ديسي ڪڪڙي جو فصل سگهارو ٿئي ٿو؟“ انهيءَ تي امريڪي ڪڪڙي وراڻيو ته ”ادا، تنهنجي مصري ڪپهه جو ٻوٽو گهڻو گيل ٿو ڪري ۽ توکي ته ٽن کان اڍائي فوٽن ٿي ناڙي ڪجي تندرست رهين. ان کان سواءِ تنهنجو ٻوٽو دير سان ڦٽيون ٿو ڏئي. اسان جي ڦٽين جا چونڊا سخت سيءَ پوڻ کان اڳ ۾ پورا ٿيڻ گهرجن؛ تنهنڪري توکي آڳاٽو پوکين ٿا. باقي رهيو اسان ٻنهي جو نازڪ بدن هئڻ، ان جي سلڻ جي مون ۾ سگهه ڪانهي. هاڻي اچو ته هن پڇندڙ همراهه کي چئون ته امريڪي ونئڻن جي کيت ۾ وڃي انهن ٻوٽن کان پڇي.
    امريڪي ٻوٽي جي ڪهاڻي
    ”ادا پڇندڙ، تنهنجين ڳالهين مان مون سمجهيو ته منهنجن ساٿين توسان ڪارخاني ۾ سمورو بيان ڪري ڇڏيو آهي. باقي هاڻي جو مون کان منهنجي نازڪ صحت بابت پڇين ٿو سو بيان به دل سان هنڊائي ٻڌ ته مون مان وڌيڪ پيدائش هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
    هڪ ته اوهان کي اهي جنسون پوکڻ گهرجن جن جي آزمودي موجب علائقي جي آب و هوا تي چڱي پيدائش ڏيڻ جي اميد هجي. انهيءَ جنس ۾ ٻي ڪا جنس گاڏڙ نه هجي. ٻيو ته پوک ۾ في ايڪڙ اٽڪل ٽيهه هزار ونئڻن جا ٻوٽا هئڻ ضروري آهن، ڇو ته وڌيڪ ڇڊي پوک پيدائش گهٽ ڏيندي. جيڪڏهن سال بسال ساڳي زمين ۾ خاصي تياري سان ونئڻ پوکيو ۽ ربيع جي موسم ۾ ساهي ڏيو ته به پيدائش چڱي لهڻ جي اميد رکي سگهو ٿا.
    ونئڻن کي مناسب ڀلي زمين تي، چڱيءَ طرح ڪمائي ڪري ڀاڻ ملائي پوءِ پوکجي. انهيءَ زمين جو سياري جي موسم ۾ جهنگ ڪپي، سُڪيءَ جا ٻه هر ڏجن ته زمين اُس ۽ هوا کائي. پوک کان اڳ ڏهن کان ويهه گاڏيون وٿاڻ جو ڀاڻ ملائي ٻيا به سڪيءَ جا ٻه هر ڏجن، پوءِ زمين جا ڀتر ڀڃي ان کي سنوت ۾ آڻجي. اهڙيءَ طرح ڪمايل زمين ۾ سڌا ٻنا ٻڌجن ۽ هرهڪ ٻارو ڏهن گهُنٽن جو هئڻ گهرجي. يعني ته ايڪڙ ۾ چار ٻارا هجن. پاڻيءَ جو اهڙو نمونو هجي جو هرهڪ ٻارو الڳ پياري سگهجي.
    زمين کي ٻه مضبوط ريج ڪجن، هرهڪ چئن انچن پاڻي جو. وٽ ۾ اچڻ تي به يا ٽي هر ڏيئي سانهر گهمائي، ڀتر ڀڃي، ٻج ناڙيءَ رستي پوکڻ گهرجي. هي جو ونئڻن جي فصل ۾ اڪثر جوار جو ڇاٽو ٿا ڪن، اهو ڏاڍو نقصان ڏيندڙ آهي. ڇاٽي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڌواڌ پيدائش گهٽ لهي. سڀ کان بهتر آهي ته ساهي واريءَ زمين تي ونئڻن جي پوک ڪجي. ڪڻڪ جي فصل کان پوءِ ونئڻن جي پوک جي پيدائش تمام گهڻو مارجيو ٿي وڃي. جيڪڏهن سياري ۾ برسيم جي پوک آهي ته انهيءَ جي پڇاڙيءَ وارو لاڀ زمين ۾ هر سان پوري، هفتي بعد پاڻي ڏيئي گاهه کي زمين اندر ساڙي، پوءِ زمين تيار ڪجي ته پوءِ گهڻي قدر چڱيءَ پيدائش ملڻ جي اميد رهندي. وري به اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان ته ونئڻن جي پوک ساهيءَ واريءَ زمين تي پوکيو ته تمام چڱو.
    اسان جي زمين ۾ خاص ڪري نائٽروجن جي خوراڪ جي گهٽتائي آهي. هي جو فقط ولائتي ڀاڻ تي زور ٿا ڏيو سو ڪڏهن نه ڪڏهن زمين ۾ خرابي پيدا ڪندو. منهنجي صلاح آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ چوپائي مال جو ڀاڻ موجود نه آهي ته سائي ڀاڻ جو استعمال ڪريو ۽ ان سان گڏ، ڀلي ولائتي ڀاڻ ڪم آڻيو ته پوءِ، نه فقط فصل ڀلو ٿيندو پر زمين پڻ سڌري ويندي. سائي ڀاڻ لاءِ گوار، سڻي، مٽر ۽ برسيم جو پويون لاڀ ڪم آڻيو. ونئڻن جي فصل لاءِ زمين ۾ فصلن جي هن طرح مٽاسٽا ڏاڍي فائدي واري ثابت ٿي آهي.
    مٽاسٽا نمبر پهريون: ونئڻ، ڪڻڪ يا تيلي ٻج، خالي.
    مٽاسٽا نمبر ٻيون: خالي، ڪمند، ونئڻن، ڪڻڪ.
    مٽاسٽا نمبر ٽيون: سائو ڀاڻ، ڪمند، ونئڻ، برسيم، مڪئي، ربيع جا تيلي ٻج.
    مٽاسٽا نمبر چوٿون: سائو ڀاڻ، ڪمند، ڪپهه، مڱ، ڪڻڪ.
    مٽاسٽا نمبر پنجون: ڪڻڪ، ڪپهه، ربيع جا تيلي ٻج، خالي.
    ونئڻن پوکڻ وقت نائٽروجن ۽ فاسفورس جا ڪيميائي ڀاڻ زمين ۾ ناڙي ڪجن ۽ وري انهن ڀاڻن جي ڇٽ گل ٻاٽيءَ وقت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ بابت زراعت کاتي وارن کان هدايتون وٺڻ گهرجن. ونئڻن جي فصل ۾ بُگَ جون نشانيون ظاهر ٿين ته ڪيميائي ڀاڻ جي ڇاٽي سان اهي دور ڪري، پوک کي تندرست رکي سگهجي ٿو. انهيءَ وقت اهو به جاچڻ گهرجي ته اهي ڪمزوريءَ جون نشانيون ٻوٽن ۾ بيماريءَ يا جيتن رستي ته پيدا ڪونه ٿيل آهن. جيڪڏهن جيتن يا ٻيءَ بيماري رستي پيدا ٿيل هجن ته سڄڻن کان صلاح وٺو. ٿي سگهي ٿو ته زمين ۾ ٻوٽن لاءِ کاڌو خوراڪ چڱو موجود هجي پر بيماريءَ يا جيتن سبب ٻوٽن جي تندرستي سالم نه هجي.
    جيڪڏهن ونئڻن ۾ نائٽروجن جي گهٽتائي آهي ته ٻوٽو قد ڪونه ڪندو ۽ سندس پن جهڪا ساوا ٿيندا ۽ سندن ڏانڊيون ۽ ڦاڪون قد ۾ ننڍيون ٿي پونديون. زردي پن واري پوک ۾ جيئن ڏينا لڳندا ته پن وڌيڪ زردا ٿي ويندا، ڇو ته پنن جي نائٽروجن ڏينن ۾ وڃي ٿي. پوءِ پن جو رنگ ڳاڙهو ۽ آخر ۾ خاڪي ٿي پوندو ۽ ڇڻي پوندو. نائٽروجن جي گهٽتائيءَ سبب ٿي سگهي ٿو ته گل نڪرڻ سان ئي ڇاڻو ڪن. اهڙن ڏينن ۾ جڏهن ڪپهه ٺهندي، تڏهن انهيءَ ۾ ٻج ٿوري اندازي ۾ ڪمزور هوندو. تنهنڪري فصل کي نائٽروجن جي بک ڏيڻ نه گهرجي ۽ نائٽروجن وارن معدني ڀاڻن جي ٻُڪيءَ سان سندس بک لاهجي.
    پوک ۾ جنهن ٻئي کاڌي جي عام طرح کوٽ رهي ٿي سو آهي فاسفورس جو کاڌو. گهم وارن هنڌن تي زمين ۾ اڪثر فاسفورس جي کوٽ رهي ٿي، جنهنڪري پنن جو رنگ ڳوڙهو سائو ٿيو پوي پر قد به مارجي وڃي ٿو ۽ ٻوٽي ۾ گل به دير سان لڳن ٿا. اهڙن ٻوٽن تي بيماريءَ جو حملو پڻ وڌيڪ ٿئي ٿو. اهڙي فصل کي فاسفورس جي ڀاڻ جو ڇاٽو ڏيو.
    پوٽاش جي کاڌي جي گهٽتائيءَ سبب ٻوٽي تي لوهه جي ڪٽ جهڙا نشان ٿي پون ٿا. پن ۾ پهريائين اڇا زردا گهنجيل نشان نظر ايندا، پوءِ اُن جو رنگ بدلجي زردو سائو ٿي پوندو. ۽ آخر ۾ سندس نَسُنِ جي وچ ۾ زردو رنگ وڌيڪ ظاهر ٿي پوندو. اهڙن نشانن جو وچ، پوءِ خاڪي يا ناسي نشان ڏيکاريندو، جيڪي خاص ڪري پنن جي چوٽيءَ، ڪنارن ۽ پنن جي نَسن جي وچ ۾ هوندا. پوءِ پنن جو رنگ ڳاڙهو ناسي ٿي پوندو ۽ پن مري ۽ ڪِري پوندا. نتيجو اهو نڪرندو ته گوگڙا ٺيڪ نه لڳندا، قد ماريندا ۽ چڱيءَ طرح ڪونه کُلندا. اسان جي زمين ۾ پوٽاش اڪثر چڱو ٿئي ٿو پر تڏهن به شايد ان جي کوٽ محسوس ٿئي. اڪثر وارياسين زمينن ۾: سانگهڙ ۽ ان جي چؤطرف زمين ۾، پوٽاش جي ڪمي ڏسجي ٿي؛ تنهنڪري اهڙين زمينن ۾ نائٽروجن ۽ فاسفورس جي معدني ڀاڻن سان گڏ پوٽاش جو معدني ڀاڻ به ملائجي ته پيدائش وڌيڪ ملي.“
    امريڪي ٻوٽي وري به تاڪيد ڪيو ته ”نائٽروجن جي گهٽتائي هجي يا فاسفورس جي ڪمي يا پوٽاش جي کوٽ ته اهي سڀ حالتون معدني ڀاڻ جي استعمال سان سڌري سگهن ٿيون. انهيءَ واسطي سڄاڻن کان صلاح وٺڻي پوندي. کاڌي جي ڪميءَ جي بيان کان پوءِ اچو ته اوهان کي جيتن ۽ بيمارين جي حملي بابت به ٻڌايان.
    ونئڻن جي پاڙن جي ساڙي وارا ٻوٽا کيتيءَ جي ٽُڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن؛ جنهنڪري پن يڪدم ڪومائجي ۽ لڙڪي پوندا آهن. پاڙون ڇلجي ۽ تاندورن وانگر ٿي پونديون آهن ۽ سڙڻ لڳنديون آهن. اهو مرض فصل ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين نظر ايندو آهي. هن جو ڪوبه علاج ڪونهي. اهڙن ٻوٽن کي پٽي، ساڙي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ زمين تي ٽي-چار سال فقط جوئر جي پوک ڪريو.
    ٻيو مرض آهي ڏينن جو سڙڻ: هي مرض آگسٽ مهيني کان وٺي چونڊي تائين هلي ٿو. هن ۾ بيمار ڏينا پنهنجو سائو رنگ ڇڏي، خاڪي رنگ تي مائل ٿي سڪي وڃن ٿا. اهڙن ڏينن کي چونڊي، ساڙي ڇڏيو. انهيءَ کي روڪڻ لاءِ ٻج کي دوائن سان ملائي پوکيو ته بچاءُ ٿئي. ٻيون بيماريون آهن جيتن واريون، جن لاءِ پڻ زراعت کاتي وارن سان صلاح ڪري ڦوهاري وغيره سان بچاءُ ڪريو. اُهي هي آهن:
    1. ڪَڪڙن کي پوکڻ وقت تڏ کايو وڃي؛ تنهنڪري ڪڪڙن کي دوا ملائي پوءِ پوکيو.
    2. ننڍن ٻوٽن کي گاهه جو مڪڙ کائي ٿو. هن لاءِ زرعي کاتي کان صلاح وٺو.
    3. ٻوٽن کي اُڏوهي لڳي ٿي. ان لاءِ يڪدم پاڻي ڏيو.
    4. ٻوٽن تي جيتن جو مارو ٿئي ٿو. ان لاءِ ڦوهارو لڳايو.“
    ڪپهه جي ٻوٽي اتي ٿورو ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”ونئڻن جي فصل مان گُڏ رستي گاهه ڪچرو ڪڍي ڇڏڻ ۾ اڪثر ڪري سُستي ڪئي وڃي ٿي. ٻن يا ٽن گُڏن ڪڍڻ لاءِ اسان جي پوکيندڙن کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو ته ونئڻن جي فصل مان اڻ گهربل ٻوٽا نه ڪڍڻ سبب پيدائش کي اڌ کان وڌيڪ ڌڪ لڳي. سنڌ ۾ ٽيهٺ مختلف اڻ گهربل ٻوٽن کي ڏٺو ويو آهي، جي فصل ۾ اچي ٿا ظاهر ٿين ۽ زمين مان کاڌو خوراڪ چوسي اصل فصل کي بکيو ٿا رکن. فصل جو پاڻي پڻ چوسين ٿا، تنهنڪري گڏ ڏيئي ۽ ٻين طريقن سان به انهن کي ختم ڪرڻ گهرجي.
    هن وقت بازار ۾ گهڻيون ئي ڪيميائي دوائون آهن، جن سان اهڙن اڻ گهربل ٻوٽن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، پر انهن جي استعمال بعد جيڪو ٻيو فصل پوکجي ٿو، تنهن کي پڻ اهي دوائون نقصان ٿيون پهچائين؛ تنهنڪري گند گاهه ختم ڪرڻ لاءِ ڪيميائي رستو ڪم نه آڻڻ گهرجي. سڀ کان سٺو طريقو آهي گُڏ رستي انهن جي پاڙ پٽڻ جو. گُڏ، هر، ڪوڏر يا رنبي رستي ڪڍجي، جيئن مناسب هجي. اڻ گهربل ٻوٽن کي ٻج پچائن کان پهريائين ختم ڪجي نه ته ٻج ڇاڻو ڪري زمين تي ڦُٽي گاهه ڪچري کي زور وٺائيندا. اهي ڪسيون، ناليون ۽ اڏون جن مان پاڻي اچي ٿو، انهن کي ڪنارن سميت بلڪل صاف رکڻ گهرجهي نه ته ڪيترن ئي خراب ٻوٽن جا ٻج پاڻي سان گڏ بيٺل فصل ۾ پکڙجي ويندا ۽ اُتي ڦٽي ڪري فصل کي نقصان پهچائيندا. خالي زمين کي هر ڏنل هوندا ته اهڙا ٻوٽا پنهنجو قدم نه ڄمائيندا.“
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪپهه جي ڪهاڻي ..... ڪپهه جي زباني (پروفيسر محمد امين ڀٽي)

    ماشاءَ الله، بهترين سمجهاڻي ڪپھ جي پوک ڪندڙ هارين لا۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪپهه جي ڪهاڻي ..... ڪپهه جي زباني (پروفيسر محمد امين ڀٽي)

    ڪپهه بابت دلچسپ ۽ ڄاڻ وارو مڪالمي جي انداز ۾ لکيل مضمون آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔

    ڪجهه حصا پڙهيا آهن ۽ ڪجهه باقي پڙهي وٺبا۔ ادا يونس تمام سهڻي چونڊ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪپهه جي ڪهاڻي ..... ڪپهه جي زباني (پروفيسر محمد امين ڀٽي)

    ادا ملڪاڻي صاحب، هي آکاڻي نه پر ڪپهه جو ناول ٿو لڳي ۔۔۔ اصل واه واه ٿي وئي جيترو به پڙهيو ته بلڪل ائين جيئن ڪو ناول پڙهجي ۽ ان جون سڪون ٿي لٿيون ۔۔۔۔

    ڪپهه سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل فصلن، موسمن ۽ مخلتف تاريخي ڳالهيون پڻ شامل ڪري تاريخي ناول ٿي پيو آهي ۔۔۔ خئير اڃان اڌ ۾ آهي سو ساهي پٽي وري پڙهبو ۔۔۔

    ليکڪ محمد امين ڀٽي صاحب کي جس هجي تحقيقي آکاڻي لکي اٿس ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  5. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين اصل واه واه ٿي وئي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو