چارلس ڊڪنز جي آخري تخليق

'مختلف موضوع' فورم ۾ جيئي لطيف طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2012۔

  1. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مشهور امريڪي ناول نگار چارلس ڊڪنز جي آخري تخليق هڪ پُراسرار ڪهاڻي هُئي۔ڊڪنز هڪ رسالي ۾ پوري ڪهاڻيءَ کي 12 قسطن ۾ شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو۔پر هن دفعي ان پنهنجي ناشر سان پنهنجي عادت جي خلاف هڪ عجيب ڳالهه تي زور ڪيو۔اُن معاهدي ۾ اها ڳالهه داخل ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيڪڏهن ناول جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ۾ڊڪنز جو موت ٿي وڃي ته معاوضي جي رقم اُن جي وارثن کي ڏني ويندي۔1870ع ۾ڊڪنز مري ويو۔ناول جون اڃا اڌ قسطون لکيون ۽ شايع ٿيون هُيون۔ڊڪنز جي موت جي ڪري نه فقط ان جا چاهڻ وارا غمگين ٿيا پر ان جي تجسس سان ڀريل آخري لکڻيءَ جي نامڪمل اشاعت جي ڪري بدمزگي پئدا ٿي ڇاڪاڻ ته گهڻا پڙهندڙ ان پُر اسرار ڪهاڻيءَ جي انجام معلوم ڪرڻ لاءِ بي چين هُئا۔برٽيل بورڊ جي علائقي ۾ هڪ آواري نوجوان ٿامس جيمز هڪ گهر مسواڙ تي ورتو هو۔گهر جي مالڪياڻي هڪ ضعيف الاعتقاد قسم جي عورت هُئي۔اُها ڪافي عرصي تائين پنهنجي مسواڙي جيمز کي روحن جي باري ۾ ڳالهيون ٻُڌائيندي رهي۔ڊڪنز جي موت کي سال ٿي ويو۔آڪٽومبر1872ع جي ٽين تاريخ جيمز گهر جي مالڪياڻيءَ کي ٻُڌايو ته ان سان مشهور مصنف چارلس ڊڪنز جي روح رابطو ڪيو آهي ۽ کيس چيو آهي ته هو سندس آخري تخليق کي مڪمل ڪري۔ان عورت کي ڏاڍي حيراني ٿي اُن کي جيمز جي ڳالهه تي يقين اچي ويو۔ان پنهنجي مسواڙي کي ڪيتريون ئي سهولتون مسواڙ جي معافيءَ سميت موهيا ڪيون۔ته جيئن اهو پوري توجهه سان ڪم ڪري سگهي۔ان عورت جي زباني ٻين ماڻهن تائين به نوجوان جي دعوىٰ جو اطلاع پهتو ۽ ڪيترا ماڻهو کيس ڏسڻ لاءِ ايندا رهيا۔ٿامس جيمز وجد واري حالت ۾ گهڻو وقت ويٺو رهندو هو۔پوءِ هڪدم هوش حواس ۾ اچي لکندو هو۔ڪڏهن ڪڏهن تيزيءَ سان صفحن جا صفحا لکي وٺندو هو۔جڏهن ته ڪنهن وقت چند سٽون لکي ڇڏي ڏيندو هو۔اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته جڏهن موسم جُهڙالي يا خراب هوندي هُئي ته ٿامس ائين ئي فارغ ويٺو هوندو هو۔هڪ لفظ به نه لکي سگهندو هو۔اهو ڇا لکندو هو اُن جو چوڻ هو ته ڊڪنز جو روح ان کي باقاعدي سندس آخري ناول جون آخري قسطون شايع ڪرائڻ جي سلسلي ۾ تربيت ٿو ڏي۔نوجوان جون دعوائون اخبارن ۾ شايع ٿيون ۽ اُن جو ڏاڍو مذاق اُڏايو ويو پر هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ 31 آڪٽومبر تي هُن ڊڪنز جي ناول جون آخري قسطون منظر تي آنديون۔ادب جي ماهرن آڏو جڏهن ٿامس جيمز جي اها لکڻي آئي۔ته گهڻاڇرڪڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا۔آوارا طبيعت ٿامس ڪهڙي عجيب لکڻي پيش ڪئي ڪوبه نه ٿي چئي سگهيو ته هي ڊڪنز جي لکڻي وارو انداز ياخود ڊڪنز جي لکڻي ڪونهين۔ماهرن ان کي بلڪل ڊڪنز وارو اسلوب قرار ڏنو۔اخبارن ٿامس کي ڊڪنز جو اصل جانشين قرار ڏنو۔ڪو سوچي به نه ٿي سگهيو ته هڪ گمنام ۽ آواره قسم جو ماڻهو ائين ئي هڪدم مشهور ٿي ويندو۔مشهور مصنف سر آرٿر ڪانن ڊائل خود پاڻ ٿامس سان ملاقات ڪئي ۽ ان جو احوال "فورٽ نائٽ رويو" جي ڊسمبر1927ع جي اشاعت ۾ڏنو۔ان جو چوڻ اهو هو ته هي شخص فقط پنج درجا پڙهيل آهي ان پُوري پني تعليم جي باوجود ڇاپ خاني جي هن ملازم ڊڪنز جي لکڻيءَ واري انداز ۽ لفظن جو ايتري قدر غور سان مُطالعو ڪيو جو"ايڊون ڊروڊ جو راز"کي پوري ڪمال سان لکڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي جيڪو بيشڪ هڪ حيرت انگيز معاملو آهي،ڇاڪاڻ ته ان لکڻيءَ کان پهرين ان شخص جي ڪا به ادبي حيثيت نه هُئي۽ نه ئي اُن ۾ ڪااهڙي خوبي هُئي ته ڪا ادبي تخليق پيش ڪري سگهي۔ٿامس جيمز پنهنجي ان واحد ادبي ڪارنامي کي دُنيا جي حوالي ڪري ويو جيڪو ان جي چوڻ مطابق ڊڪنز جي روح جو ڪارنامو آهي۔هو پاڻ هڪ ڏينهن ڪنهن کي ڪجهه ٻُڌائڻ کانسواءِ هليو ويو ڪو نٿو ڄاڻي ته اُن تي ڇا گُذريو۔(اسٽرينجر دين سائنس تان ترجمو ڪيل)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چارلس ڊڪنز جي آخري تخليق

    سهڻا سائين! بيشڪ هن انساني ڪائنات ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪيترائي پراسرار وقعا ٿيندا رهيا آهن جو انسان جو عقل دنگ رهجيو وڃي

    منهنجن رشتيدارن ۾ هڪ پڙهيل لکيل نوجوان چريو ٿي پيو، جڏهن هو ڪجهه بهتر ٿيو ته، هيمشه قرآن شريف جو دور ۽ ياد به قرات ڪندو هو، سندس گهر وارن جو چوڻ هو ته پهريان کيس قرآن شريف ايترو ياد نه هوندو هو، هاڻ ايترو جلد ڪيئن ياد ڪيو اٿس سا حيرت جي ڳالهه

    هڪ دفعي مون وٽ آيو ته مون ساڻس ڪچهري ڪندو چيو، يار ستار! تون اهو قرآن شريف ڪڏهن ياد ڪيو، ته جواب ڏيندي چيائين، ” ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ، ماڻهون مونکي چريو ٿا سمجهن، پر خود الله تعالا رات جو مون وٽ ايندو آهي ۽ قرآن شريف ٻڌائيندو آهي ۽ مونکي ياد ٿي ويندو آهي“

    مونکي سندس ڳالهين مان حيرت به ٿي ۽ ڀئو به ٿيو، خئير ڪجه مهينن کانپوءِ اهو رشتيدار گم ٿي ويو ۽ اڃان تائين گم آهي

    رب ٿو ڄاڻي پنهنجا راز ،،، اسين ته بس حيرانگيءَ کان سوا ڪجهه ڪري به نٿا سگهون

    واڳ ڌڻيءَ وس، آءُ ڪا پاڻ وهيڻي!
     
  3. جيئي لطيف

    جيئي لطيف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: چارلس ڊڪنز جي آخري تخليق

    نثار ابڙو صاحب،توهان بلڪل بجا فرمايو۔حضرت راضي فقير جو رسالو پڙهڻ سان به ائين ئي ٿو لڳي ته ڄڻ لاکيڻي لطيف ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ سان سندس اهڙي قسم جو ڪو روحاني معاملو هُجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو