لاڙڪاڻو حاڪماڻو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    لاڙڪاڻو حاڪماڻو

    لاڙڪاڻي کي سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن توڙي جاگرافيائي حوالي سان وڏي اهميت حاصل رهي آهي. خاص ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع موهين جي دڙي، سنڌ واسين جو هزارين ساله تهذيب جي حوالي سان سڄيءَ دنيا ۾ مانُ مٿاهون ڪيو آهي. جڏهن ته جھڪر جو دڙو پڻ اوسيئڙو ڪري رهيو آهي ته ان جي به کوٽائي ڪئي وڃي ۽ ماضيءَ جي تاريخ ۾ لَٽجي ويل تمدني آثارن کي ظاهر ڪجي.... هي علائقو پنهنجين ٻن وڏين ڍنڍن ڊرگھ ڍنڍ ۽ لنگھ ڍنڍ جي حوالي سان پڻ سڃاڻپ رکي ٿو، جن کي پکين لاءِ محفوظ آبي پناهگاهه جو درجو حاصل آهي. جڏهن ته ڏاڙهياري جبل ۽ ڪُتٖي جي قبر جي حوالي سان پڻ هن علائقي جي مشهوري سڄيءَ سنڌ ۾ آهي جيڪا هڪ ڀلي هِل اسٽيشن جي حيثيت حاصل ڪري سگھي ٿي....
    لاڙڪاڻي جي تاريخ، جاگرافيءَ، علمي، ادبي ۽ مذهبي ۽ ٻين موضوعن ۽ شخصيتن جي ذڪر تي مشتمل جيڪو پهريون خاص تاريخي ڪتاب ڇپيو، سو آهي ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“.... هن ضخيم تاريخي ڪتاب جو سرپرست هو قربان علي عباسي، نگران هو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مرتب هو گل محمد گاد مرتب.... هي ڪتاب ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو ڇپرائي پڌرو ڪيو جيڪو ڊبل ڪرائون سائيز ۾، 756 سنڌي صفحن، 80 اردو صفحن ۽ 32 انگريزي صفحن جي مواد تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ به هئي ته منجھس تمام گھڻيون تصويرون پڻ ڏنيون ويون هيون جيڪي ڪتاب جي اهميت کي وڌائيندڙ هيون.... هيءُ ڪتاب بنا شڪ جي لاڙڪاڻي جي تاريخ بيان ڪرڻ جي حوالي سان پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيو، جنهن جي سنڌي ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، قربان علي بگٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلٖي، قاضي فضل اللھ، عبدالغفور ڀرڳڙِي، انيس انصاري، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئٖي، محمد علي جوهر، جعفري غلام تقيءَ، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر حميده کهڙو، سيد خادم حسين شاهه، هري درياني دلگير، ڊاڪٽر محمود شاهه، ڊاڪٽر غلام علي سانگِي، ڊاڪٽر رحمت اللھ ابڙي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ميمڻ غلام مصطفى مشتاق، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، محمد حسن محسن چنٖي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، مختار گھمرٖي، لقمان حڪيم، ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، ڪشنچند بيوس، جيئل راءِ اوڏ، امان اللھ شيخ، پنهل قادريءَ، محمد بچل تنيٖي، مقصود گل، محمد افضل عباسيءَ، علي مرتضى ڌاريجٖي، قاضي قمر ۽ ٻين جا لکيل مقالا ۽ مضمون شامل هئا.... جڏهن ته ڪتاب جي اردو ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ڪئپٽن ايس ايم ادريس، پروفيسر وفا صديقي، رشيد تبسم، محمود شرف، پروفيسر محمود خان، سيد هاشم رضا، غلام رسول سومرٖي ۽ سعيد الدين جا ليک شامل هئا ۽ انگريزي ڀاڱي ۾ امان اللھ مشوريءَ جو ليک ۽ ٻيو مواد ڏنل هو.... مان اهي نالا ان ڪري به پيش ڪيا ته جيئن انهن شخصيتن کي سندن ڪم جي ننڍي مڃتا پيش ڪري سگھان. انهن نالن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته هي ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪيڏي نه ڀرپور مواد تي مشتمل هو، ان ڪري ئي ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪري اڻلڀ ٿي ويو.... هن وقت يقيناً ضرورت آهي ته ضلعي حڪومت يا لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي هن اهم ڪتاب جي ٻئي سڌاريل ۽ وڌايل ڇاپي جو انتظام ڪرائي، ته جيئن هڪ تاريخي دستاويز کي نئين سر پڙهندڙن تائين پهچائي سگھجي ۽ پنهنجي ضلعي بابت آڳاٽي ۽ نئين معلومات جديد تحقيق آڌار محفوظ بڻائي سگھجي....

    لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ تي تحقيقي ڪم ڪندڙ هڪ اداري ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ لاڙڪاڻي جي تاريخ تي ڪجھ ڪتاب ڇپي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ ”لاڙڪاڻو صدين کان“، ”لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“، ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ ۽ ”ويل نه وسريام“ شامل آهن. هي ڪتاب پڻ لاڙڪاڻي ضلعي بابت گھڻ رُخي ڄاڻ ڏين ٿا....
    انهن ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ جي هڪ مضمون ”لاڙڪاڻو حاڪماڻو“ ۾ نالي وارو ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار لکي ٿو: ”لاڙڪاڻو شهر، بلاشبه انهن شهرن منجھان آهي، جنهن جو شهري ٿيڻ باعثِ افتخار آهي، ڇو ته هي شهر ڪلهوڙن جي دَور ۾ خوشحاليءَ ۽ فارغ الباليءَ جو مثال بڻيو ۽ پهاڪو جُڙيو: ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.‘ ٽالپرن جي دَور ۾ هي شهر باغات، گلن ڦلن، نازِنين، ناز پرور ۽ صوفياڻي طبيعت رکندڙ ماڻهن جي ڪري ’لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو‘ سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دَور ۾ هي شهر علم، ادب، تفريح، سٺي انتظام ۽ امن جي حوالي سان ’لاڙڪاڻو راڄ راڻو‘ ٿي پيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، هن شهر جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻي ڪري، لاڙڪاڻي کي حاڪماڻو ڪيو، جو وقت جا شهنشاهه ۽ حاڪم به هت ڪَهي آيا.“
    لاڙڪاڻي لاءِ ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۽ ”لاڙڪاڻو راڄ راڻو“ کان سواءِ ٻيون چوڻيون پڻ مشهور ۽ مقبول ٿيون آهن، جھڙوڪ: ”هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو“، ”لاڙڪاڻو شاعرن جو آکيرو“، لاڙڪاڻو باغن ۽ خوشبوئن جو شهر“.
    ***
    شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هوءَ ته سراپا پيار ۽ محبت هئي. کيس پاڪستاني عوام سان پنهنجي شهيد پيءُ جيان ئي بي انتها محبت هئي، جنهنڪري ئي هوءَ اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪري ملڪ موٽي آئي هئي. پر افسوس، ته سندس حياتيءَ جون گھڙيون کُٽي پيون! ڪهڙي خبر ته ايئن ٿيندو، نه ته کيس واسطا وجھجن ها، نه اچڻ جا. پرڏيهه ۾ ئي هجي ها، پر زنده ته هجي ها، ۽ پنهنجي ڏيهه واسين لاءِ جدوجهد ڪري ها..... پر سامعين! شهيد سنڌ راڻي، هاڻي به زنده آهي. هوءَ لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ سدا حيات آهي، ۽ اها اهڙي جڳهه آهي جتان ڪير به کيس ڪڍي نه ٿو سگھي.
    شهيد راڻيءَ جي حوالي سان پنهنجي هڪ وائيءَ جا ڪجھ شعر اوهان جي نظر ڪيان ٿو:
    شوقِ شهادت ۾ هئي،
    مٺڙِي سندر مائڙِي!
    ماروئڙن جي موهه سان،
    عشقِ عبادت ۾ هئي،
    مٺڙِي سندر مائڙِي!
    ”پاڪ وطن“ جي پنڌ ۾،
    سرتِ، صداقت ۾ هئي،
    مٺڙِي سندر مائڙِي!
    ***
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,918
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    لاڙڪاڻو ساه سيباڻو ، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ، جي ناهي ناڻو ته پِنو لاڙڪاڻو ، باغن جو شهر لاڙڪاڻو ، اديبن ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن جو لاڙڪاڻو ، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن جو لاڙڪاڻو ، سائنسدانن ۽سياستدانن جو لاڙڪاڻو ، شاگردن ۽ استادن جو لاڙڪاڻو ، هڏ ڏوکي ۽ همدردن جو لاڙڪاڻو ، عيسائين هندو ۽ مسلمانن جو لاڙڪاڻو ، عاشقن معشوقن جو لاڙڪاڻو ، پيرن فقيرن صوفين جو لاڙڪاڻو ، پنڊتن پادرين ۽ عالمن جو لاڙڪاڻو ، رانديگرن ۽ اسڪائوٽن جو لاڙڪاڻو ، مدرسن مسجدن مندرن جو لاڙڪاڻو ، گهاڙ واه آبڙ ۽ رائيس ڪينال جو لاڙڪاڻو ، سرهيه ۽ نانوُ پڌر جو لاڙڪاڻو ، زيتونن کارڪن چانورن جو لاڙڪاڻو ، پيار محبت جو لاڙڪاڻو ، جنت جو ٽڪرو لاڙڪاڻو ، تنهنجو منهنجو سڀجو لاڙڪاڻو ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو

    هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    رياضت سائين لاڙڪاڻي بابت اوهان جو هي ليک هڪ دستاويزي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ اوهان لاڙڪاڻي جي موتين کي هڪ مالها ۾ پوئي اسان جهڙن اڻ ڄاڻن جي علم ۾ واڌارو ڪيو آهي۔ سچ ته بهترين ليک جيڪو تعريف لائق آهي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ليک ته حقيقت ۾ تمام سٺو ۽ معلوماتي آهي، لاڙڪاڻي شهر جي وڪالت ۾ هڪ ڪارائتو وڪالت نامو آهي ،،،،

    ريڊيو جي زماني ۾ هڪ ايڊ ايندي هئي حبيب بئنڪ جي ۔۔۔

    حبيب بئنڪ منهنجو بئنڪ ته هڪ ٻارڙي چوندي هئي ته ” منهنجو به ته آهي“

    دوستن لاڙڪاڻي کي سڀ سان منسوب ڪيو ۽ آءُ چوندس ” منهنجو به ته آهي“

    لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ليک کي پسند ڪرڻ لاءِ دوستن جا وڏا قرب۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو