اُهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    هڪڙي شهر ۾، بادشاھ جي پُٽ، قاضيءَ جي پُٽ ۽ ڪوٽوال جي پُٽ جي پاڻ ۾ پريت هوندي هئي، ۽ چئني کي عام طرح ”چار يار“ ڪري سڏيندا هئا، هڪ دفعي چار ئي يار سفر ۾ نڪتا. کين رستي تي هڪ گهاٽي جھنگ ۾ رات پئجي ويئي. پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته، ”هڪڙو هڪڙو ڄڻو، واري تي پهرو ڏئي.“
    پهريون پهر، بادشاھ جو پُٽ، پهرو ڏيڻ لڳو، ۽ ٻيا سمهي پيا، اڃا گهڙي کن مس گذري ته سندس نگاھ، هڪڙي نانگ تي وڃي پيئي، جو چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجي ”مَڻ“ ڪڍي ان سان راند ڪري رهيو هو. بادشاھ زادي کي ”مَڻ“ جي خاصيت جي خبر هئي، سو ڇاڪيائين جو مِٽي جو ٻڪ ڀري، کڻي نانگ جي اکين ڏي اڇلايائين، جنهنڪري هو انڌو ٿي پيو، ۽ شهزادي، اها مڻ کڻي، کيسي ۾ وڌي.
    ٻئي پهر تي، وري وزير جي پُٽ پهري تي اُٿيو، ۽ چونڪي ڏيڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ هن جي به نانگ تي نظر پيئي ۽ اُن جي ”مَڻ“ هٿ ڪري، پنهنجو وقت گذاري پاڻ سمهي پيو ۽ قاضيءَ جو پُٽ پهري لاءِ اٿيو.
    ٽئين پهر ۾، قاضيءَ جي پُٽ به پهرو ڏيئي، اهڙيءَ طرح هڪڙي ”مَڻ“ هٿ ڪئي ۽ ان کان پوءِ، ڪوٽوال جو پُٽ، پهري لاءِ اٿيو. انهيءَ به هڪڙي ”مَڻ“، ٻين دوستن وانگر، هٿ ڪئي.
    هر هڪ دوست کي، جيڪا ”مَڻ“ هٿ آئي هئي، سا درحقيقت ”لعل“ هئي. ڪوٽوال جو پُٽ، جنهن ٻين دوستن جيترو مال نه ڏٺو هو، نه وائٺو هو، تنهن دل ۾ خيال ڪيو ته ڏسان ته هنن وٽ به ڪا مون جھڙي قيمتي شيءَ آهي يا نه؟ تنهنڪري ٽنهي سمهيل دوستن جي سامان ۽ کيسن جي تلاشي وٺي، هر هڪ جي کيسي مان لعل ڪڍي، پنهنجي لعل سان گڏ، سٿڻ جي ابداڻي ۾ لِڪائي ڇڏيائين.
    شهزادي، وزير زادي ۽ قاضيءَ جي پُٽ، پنهنجي پنهنجي لعل جي چوريءَ جو احوال، هڪ ٻئي کان به لڪائي ڇڏيو، مگر افسوس ٽنهي کي هو.
    انهيءَ جھنگ مان لنگهڻ کان پوءِ، هڪڙو وڏو شهر نظر آين، جنهن جو بادشاه انصاف پسند هو. هي سڀ بادشاه جي ڪچهريءَ ۾ آيا ۽ بادشاه وٽ، انهن لفظن ۾ فرياد داخل ڪيائون ته لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. بادشاه اها ڳالھ ٻڌي وڏي ويچار هيٺ اچي ويو. گهڻو ئي خيال ڪيائين، مگر ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيس. درٻار مان اُٿي، محلات ۾ ويو. نه ڪنهن سان ڳالهايائين نه ٻولهايائين، وڃي پلنگ تي پاسيرو ٿي پئجي رهيو. شهزادي، جا سندس وَڏور نياڻي هئي، تنهن سندس اهو حال ڏسي، سمجھي ورتو ته: ”بابا اڄ ڪنهن وڏيءَ مونجھ ۾ آهي.“ اهو خيال ڪري، پيءُ وٽ آئي ۽ پڇيائينس ته : ”بابا سائين ٻيو ته خير آهي؟ اڄ ايتريقدر، ڪهڙي ڳالھ جو ويچار آهي؟“ بادشاھ کيس ٻڌايو ته: ”اڄ مون وٽ فيصلو آيو آهي ته: لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي، انهيءَ مونجھ منجھائي وڌو آهي“. شهزاديءَ چيس ته: ”اهو فيصلو سولو آهي، منهنجي حوالي ڪريو ته آءُ پاڻيهي فيصلو ڪنديس.“
    ٻئي ڏينهن تي، بادشاھ چار ئي ماڻهو (شهزادو، وزير زادو، قاضيءَ جو پُٽ ۽ ڪوٽوال جو پُٽ) شهزاديءَ ڏي موڪليا. شهزاديءَ چين ته: ” آءُ، توهان جو فيصلو ڪنديس، مگر شرط اهو آهي ته اوهين اَٺ ڏينهن مون وٽ ماني کائو. يعني: اوهان مان، روزانو هڪڙو، مون وٽ اچي، ماني کائيندو، پوءِ پنهنجي ٽن دوستن جي ماني کڻي پيو ويندو.“ هنن قبول ڪيو.
    پهرئين ڏينهن شهزادو، ماني کائڻ ويو. شهزاديءَ کيس ماني ته کارائي، مگر جنهن کٽ تي، هو ماني کائي رهيو هو، تنهن تي هڪڙو لعل به رکيائين، مگر شهزاديءَ، ان ڏي نهاريو به ڪونه، ڇاڪاڻ ته هن، انهيءَ کان به وڌيڪ قيمتي لعلون، پنهنجي گهر ۾ ڏسي ڇڏيون هيون. هو پاڻ ماني کائي، شراب پيئي ٽنهي دوستن جي ماني کڻي هليو ويو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن وزير زادو ويو. شهزاديءَ، ان جي کٽ تي ٻه لعل رکيا، مگر وزير زادي، اک کڻي، انهن ڏانهن نهاريو به ڪونه.
    ٽئين ڏينهن، وري قاضيءَ جو پُٽ جو وارو آيڳم جنهن جي اڳيان شهزاديءَ ٽي لعل رکيا. مگر هن انهن ڏي ڪوبه توجھ ڪونه ڪيو. چوٿين ڏينهن، ڪوٽوال ڪي پُٽ جو وارو آيو. شهزاديءَ، ان جي اڳيان به ٽي لعلون رکيون. ڪوٽوال جو پُٽ، جنهن ڪڏهن به اهڙو اُچو ۽ اعلى شراب نه پيتو هو، سو هتي پيئڻ سان مدهوش ٿي ويو ۽ لڳو بَڪ شَڪ ڪرڻ. شهزاديءَ کي چوڻ لڳو ته : ”شهزاديءَ صاحبه! تو وٽ رڳا ٽي لعل آهن، مگر مون جھڙي غريب وٽ، انهن کان به گھڻو بهتر **۽ وڌيڪ قيمتي چار لعل آهن.“ ائين چئي، انهيءَ مدهوشيءَ جي حالت ۾، اُهي پنهنجي سٿڻ جي اُبداڻي مان ڪڍي، شهزاديءَ جي آڏو رکيائين. شهزاديءَ اُهي چار ئي لعل، پاڻ وٽ رکي ڇڏيا ۽ دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي، جو چور لڌائين.
    پنجين ڏينهن واري تي، وري بادشاھ زادو آيو. ان کي ماني کارائي، خوش ڪري، انهن چئن لعلن مان، هڪڙو لعل ڏيئي چيس ته: ”کڻ پنهنجو لعل ۽ سُڃاڻ ته اُهو اٿيئي يا ڪو ٻيو؟“ هن جواب ڏنو ته ”هائو! اهو منهنجو لعل آهي.“ اهڙي طرح واري وٽِيءَ سان، سڀني کي پنهنجو پنهنجو لعل ملي ويو ۽ ڪنهن کي خبر به ڪانه پيئي، ته اهي ڪنهن وٽان نڪتا. اهڙيءَ طرح لعل به لڌائون ۽ پريت به رهجي وئين.
    مطلب: جيڪڏهن ڪو معاملو درپيش اچي ته ان کي اهڙي نموني نبيرجي، جو معاملو به ٺهي وڃي ۽ محبت به نه وڃي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    تمام بهترين نصيحت ڀري ڪهاڻي هئي ادا مگسي توهان جي اهڙي ڪهاڻي جو اتنظار رهندو .shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا سائين پسند ڪرڻ لاء مهرباني
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    يار مگسي! ڳالهه ته تنهنجي سئو فيصد مڃبي ۽ ڳالهه به سهڻي آهي پر يار ڪي معاملا ايترا آسان به نه هوندا آهن ۽ اڄڪله اهڙا شهزادا ۽ شهزاديون به ناهن جو معاملا ايئن حل ٿين …
     
  5. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    165
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين ابڙا صاحب!
    اسان وٽ ته شهزادا ناهن پر توهان ته ماشاء الله شهزادن جي ديس ۾ رهو ٿا :ڊ
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,415
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اُهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي

    مهرباني ...................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو