عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو تي هڪ ٻيو حملو!

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساٿيو! ڪجهه ڏانهن پهرين عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو تي ڪراچي ٽول پلازه تي فائرنگ ٿي جنهن ۾ امر سنڌو کي گولي لڳڻ ڪري هو زخمي ٿي پئي۔ ٻه ٽي ڏينهن بعد عرفانه ملاح ۽ اظهر شاه (جيڪي وي سي نظير مغل جي بر طرفي جي مطالبي ۽ يونيورسٽي بند ٿيڻ سبب اخبارن ۽ ميڊيا جي ٻين وسيلن تي شهه سرخين ۾ رهيا آهن) جا پروموشن ٿيا جنهن کان پوءِ هڪ مهم هلي ته مبينه طور هنن هڪ ڊيل تحت پروموشن ورتا ۽ هاڻي چُپ آهن يا پاڪستاني گورنمنٽ وانگي نرم اپوزيشن وارو ڪردار پيا ٿا ادا ڪن۔ فيس بوڪ سميت هر هنڌ هنن تي اهو نئون حملو ٿي رهيو آهي۔ هتي آئون سندن هڪ تصوير ڏيئي رهيو آهيان۔ جيڪا ياسين جوڻيجو پاران فيس بوڪ تي شيئر ٿي آهي ۽ انهي جو ڪئپشن ڪجهه هن ريت آهي۔

    [​IMG]


    ”جڏهن استادن جي ترقين جو فيصلو اڃان نه ٿيو هو، تڏهن نذير مغل پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور جيڪو به فيصلو ڪيو پئي ويو ان کي سنڌي ميڊيا، So Called سنڌي سِول سوسائٽي ۽ سوٽا شديد تنقيد جو نشانو پئي بنايو. پر مبارڪ هجي محترمه عرفانه ملاح ۽ امرسنڌوءَ کي جن سوٽا جي پليٽ فارم تان سنڌ يونيورسٽي بچائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي اُها آخر سندن ترقين واري فيصلي ٿيڻ بعد پنهنجي اڍنگي منطقي انجام تائين پهتي آهي. مون سميت سنڌ جي ڪيترن ئي عام ماڻهن کي اميد هئي ته سنڌ جون مادرعلميون هر سال سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري سگهڻ جا قابل 10 شاگرد به تيار نه پيون ڪري سگهن، اهڙي ماحول ۾ سوٽا جي تحريڪ هڪ وي سيءَ مان جان ڇڏائي اداري کي بهترين علمي اداري ۾ تبديل ڪندي. پر افسوس! سوٽا به سپلا، گسٽا، پ ٽ الف ۽ ماٽا جهڙي يونين ئي ثابت ٿي. جن جا اڳواڻ تحريڪن جا ڊراما ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا آهن. سپلا، گسٽا، پ ٽ الف ۽ ماٽا جا اڳواڻ هن حساب سان ته گهڻا بهتر ٿيا جو اهي ڪالم لکي، سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس، ٽي وي چينلز جي پروگرامن ۽ فورمز ٽائيپ ٽولن کي ته پنهنجي مفاداتي تحريڪن لاءِ استعمال ناهن ڪندا. اهي گهٽ پڙهيا لکيا اڳواڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوٽا اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ گهٽ شاطر لڳن ٿا ته کين جيڪي ڪرڻو هوندو آهي اهو پيا ڪندا آهن ڪي دعوائون ناهن ڪندا. اسان سوٽا اڳواڻن جي سِر جي خير جون دعائون ڪندا رهياسين، سندن تحريڪ جي ڪاميابيءَ ۽ مقصدن جا گهڻ گهرا رهياسين. پر افسوس ته اسان جون دعائون ذاتي مفادن جي پلصراط تي رلي ويون ۽ ثابت ٿي ويو ته سياست، صحافت، استاد يونين، سماجي تنظيمن ۽ سمورن پليٽ فارمن تي سٺا ٻول ٻولڻ سان ڪو به چڱو عمل ڪرڻ جو پابند ناهي هوندو ۽ استاد کي اگر ترقي وٺڻي آهي ته شاگردن کي پڙهائڻ بجاءِ يونين جي سياست ڪري تڪڙي ترقي ناماچاريءَ سان گڏ حاصل ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اهي سڀ ماڻهو جن کي اسان ادبي بورڊ، ٻولي اٿارٽي، سنڌالاجي، سنڌ ميوزم، ڪنهن وزارت، ڪنهن وزيراعليٰ وٽ “هيٺاهين” وٺي نوڪري وٺڻ جا طعنا ڏنا انهن سڀني کان معذرت ڪجي ٿي ۽ آئنده ڪنهن جي به انقلابي ڪالم، ٽوئيٽ يا اپڊيٽ تي اعتبار نه ڪبو.“

    هن تصوير تي ڪمينٽس ڪندڙ خود عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو به آهن سو هن جي پنهنجي اهميت آهي۔ اوهان به هتي ڪلڪ ڪري تصوير فيس بوڪ تي ڏسي ۽ انهي تي ڪمينٽس پڙهي سگهو ٿا! پر هتي اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان بحث ۾ مان حصو ڪونه ورتو هو، ان جا به ڪيئي سبب هئا پر هڪ ڳالهه اها آهي ته هتي سڀ ڪو پنهنجي مفاد جي جنگ پيو لڙي، سنڌي، سنڌي ادارن ۽ سنڌي شاگردن سان ڪنهن کي به ڪا همدردي ناهي ۽ نه ئي شاگردن جي اڪثريت پاڻ سان سچي آهي ۔۔۔۔ بس ڪم پيو هلي، جيئن پاڪستان پيو هلي۔

    استاد، انتظاميه ۽ يونيورستي سان لاڳاپيل سڀ ماڻهو۔۔۔۔ ڪنهن وٽ به سچائي نظر نه آئي۔
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر

هن صفحي کي مشهور ڪريو