رياضي، فلڪيات، نجوم، طب ۽ ادب جو ماهر ابوراجا سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    ابوراجا سنڌي (321 هجري 900ع) سنڌي نسل جو عربيءَ جو عالم هو. هُو قرآن، حديث ۽ ادب جو وڏو عالم هو. هن ڪيترن ئي ميدانن ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سندس شمار منصوره سنڌ جي وڏن عربي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو عرب عالمن، حڪمرانن ۽ سنڌ ايندڙ سياحن جو استاد هو. چيو وڃي ٿو ته ابوراجا السنڌي پنهنجي قبيلي جي سربراهه ميروڪ جي چوڻ تي اسلام قبول ڪيو. هو انهن ماڻهن ۾ شامل هو، جن قرآن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هئو اهو ترجمو عباسي خليفي هارون الرشيد جي دور ۾ شروع ڪيو ويو. عباسي دور جي وزير عبدالله ابن عُمر هباريءَ سنڌ تي 30 سال حڪومت ڪئي ۽ سنڌي صوبي جي ثقافتي اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو هباري خاندان جو دور ئي هو جڏهن سنڌ جا بغداد سان مضبوط ناتا قائم ٿيا. عباسي دور جي شروع ۾ قائم ڪيل روايت کي سندن وزيراعظم برامڪڊ جي دور ۾ اڳتي وڌايو ويو، جنهن سبب ابو راجا السنڌي ۽ سنڌ سان واسطو رکندڙ ٻيا ڪيترائي عالم بغداد ويا ۽ سائنسي ۽ ادبي حلقن سان واڳجي رياضي، فلڪيات، نجوم، طلب، ادب ۽ اخلاقيات تي مشتمل سنسڪرت جي ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. سنڌ مان بغداد ويندڙن ۾ الخوارزمي جو رياضي دان ساٿي سنڌ ابن علي به شامل هو. هنن گڏجي ڪتاب الجبروالمقابله لکيو. هنن بنيادي رياضيءَ جي جوڙجڪ کي بهتر بڻايو ۽ هنن مشهور زائچي ”ذِجُ السنڌ هند“ جو ترجمو ڪيو ۽ ان تي ڪم به ڪيو. ”ذجُ السند هند“ ۾ لڳ ڀڳ 37 باب ڪئلينڊر ۽ فلڪياتي حساب جا آهن 116 زائچه ڪئلينڊر، فلڪياتي ۽ نجومي معلومات ۽ هڪ زائچو قدرن جو به آهي. ان ڪم ۾ سج، چنڊ ۽ ان دور ۾ سامهون آيل پنجن سيارن جي چرپر جو زائچو به شامل آهي. جيڪو اسلامي فلڪياتي علم لاءِ ٽريننگ پوائنٽ ثابت ٿيو پر مسلمان فلڪياتي ماهرن ابتدائي ريسرچ وارو طريقو اختيار ڪيو ٻين جي ڪيل ڪم جو ترجمو ڪيو ۽ اڳ ۾۾ موجود معلومات سکي، الخوارميءَ جو ڪم اڀياس ۽ ڪيلڪيوليشن جي غير روايتي طريقن جي ابتدا آهي.
    http://www.magazine.awamiawaz.com/2012/19-02-2012/artical-08.htm

    نوٽ ابو راجا جو اصل نالو ابي رجاء آهي وڌيڪ ڏسو ڪتاب مشاهير سنڌ
    جوکيو شفيق احمد
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين شفيق جا ٿورا جنهن اسان جي ڄآڻ ۾ اضافو ڪيو۔

    فيسبوڪ ۽ ٻين سوشل نيٽورڪس تي سائين شفيق جو ڪم سنڌيت جي پرچارڪ آهي۔ اسان کيس سندس اهڙي بهترين عمل تي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ کين سٺي صحت عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو