سنڌ سلامت اسٽوڊيو

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ
    الله جي ڪرم ۽ فضل ۽ ڪرم سان سنڌ سلامت جي پنهنجي پهرين وڊيو پريزينٽيشن توهان سڀني دوستن سان شيئر ڪري رهيو آهيان۔ هن وڊيو جو مووي ميڪر اسان جو بهترين دوست ۽ سنڌ سلامت لاءِ بهترين سوچون رکندڙ محترم عبدالمجيد سولنگي آهي جڏهن ته سنڌ سلامت جي هن وڊيو جي ايڊينٽنگ ڪندڙ اسان جي سنڌ سلامت جو نئون ميمبر محترم محمد جمن شيخ آهي، ۽ مان توهان جو سنڌ سلامت جو خدمتگار نثار ناز هن وڊيو بنائڻ جي سلسلي ۾ ڊائريڪشن ڏيڻ وارن ۾ شامل آهيان، سائين رشيد سمون صاحب جن کي گُذارش آهي ته حسب وعده سنڌ سلامت اسٽوڊيو جو ڌار سيڪشن بنايو وڃي ته جيئن سنڌ سلامت فورم جا ذاتي وڊيو اسان ان سيڪشن ۾ ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪري سگهون۔ ان کان علاوه سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي گُذارش آهي ته هن وڊيو جي سلسلي ۾ پنهنجا مفيد مشورا ۽ رايا ضرور اسان کي ڏياري موڪلين ته جيئن اسان اڃان به وڌيڪ سنڌ سلامت اسٽوڊيو کي سُڌاري ۽ سنواري سگهون۔ خير هي پهرين شيئرنگ آهي سنڌ سلامت جي وڊيو اسٽوڊيو جي۔

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل سائين ڇو نه اهڙو سيڪشن فورم تي هئڻ کپندو آهي مان توهان جي ان ڳالهه جي حمايت ڪريان ٿو

    تمام بهترين مشورو آهي shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين پيرَن تي هٿ.......

    واهه جو ٺاهيو اٿوَ..... خير توهان جي اجازت هجي ته هڪ وڊيو ٽيوٽوريل تيار ڪيان جنهن ۾ مان وڊيو ايڊيٽنگ جو زبردست سافٽ ويئر سوني ويگاس اسٽوڊيو دوستن سان ونڊ ڪندس.....

    اڄ ڪالهه هر ڪو ماڻهو بس وڊيو ايڊيٽنگ جي پٺيان هٿ ڌوئي نه پر تڙ ڪري ڪڍ پئجي ويو آهي... مون ڪالهه گهر ۾ ويٺي ويٺي سوچيو ته ڇونه ان سافٽ ويئر جو وڊيو ٽيوٽوريل پاڻ وارن اوطاقين سان ونڊ ڪجي... مان ته پنهنجي پوري ايڊيٽنگ ان پروگرام ۾ ڪندو آهيان. انٽرويو کان ويندي وڊيو گاني تائين جي ايڊيٽنگ ۾ ان سافٽ ويئر ۾ ئي ڪندو آهيان........... زبردست سافٽ ويئر آهي اسان ته خير رجسٽرڊ ورتو هو ڇو جو انڊيا ۾ پائريسيءَ وارن جو ڪافي لوچو آهي.....
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا توهان جي مهرباني
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ادا رنجيت نيڪي ۽ پُڇ پُڇان سوني ويگاس وڊيو اسٽوڊيو يا پيناڪل وڊيو اسٽوڊيو يا ايوڊ لُڪيڊ ڪارڊ يا يوليڊ وڊيو اسٽوڊيو يا مووايوي آئي وڊيو اسٽوڊيو سڀ جا سڀ خالص پروفيشنل آهن پر پائريسي کي شاباس آهي، جتي پرچيزنگ 15 هزارن کان وٺي 25 هزارن روپين تائين هُجي اُتي يا پائريسي تيرا آسرا جو نعرو هڻي مٿي ڄاڻايل وڊيو اسٽوڊيو ايوڊ لُڪيڊ ڪارڊ کانسواءِ باقي وڊيو اسٽوڊيوز صرف پندرهن روپين کان وٺي 25 روپين تائين آساني سان خريد ڪري سگهجن ٿا۔ ان کان علاوه ڪي جن، ڪريڪ، ٿيل سافٽ ويئر ته با آساني بغير ڪنهن خرچ جي مختلف ويب سائٽ تان هٿ ڪري سگهجن ٿا۔ باقي رهي ڳالهه ته هرڪو وڊيو ايڊيٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته ظاهر آهي دنيا ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ جي فارمولي کي هرڪو ڪيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔ اهي ٻُڌي انتهائي خوشي ٿي ته توهان به وڊيو ايڊيٽنگ جو ڪم انتهائي خوش اسلوبي سان ڪندا آهيو، توهان کي به گُذارش آهي ته توهان جا پرسنل وڊيو ڪلپس جيڪڏهن سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪرڻ جهڙا آهن ته اهي ايڊيٽ ڪري سنڌ سلامت تان شيئر ڪري سگهو ٿا بلڪل ائين جيئن مون هي وڊيو مجبور آ، عاشق ۾ سنڌ سلامت جو لوگو کڻي ان ۾ سلوگن اهو ڏيکاريو اٿم ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو سنڌي فورم وڊيوبيڪ گرائونڊ ڪلپ هلائي www.sindhsalamat.comکي مارڪيو وانگر هلائي اٿم وانگر خوبصورت ايڊٽ ڪري سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جو سيڪشن جيڪو عنقريب ادا رشيد سمون ٺاهيندو ان تي موڪليو ته پنهنجي سنڌ سلامت کي پنجاهه چنڊ لڳي ويندا. ۽ پنهنجي سنڌ سلامت سائبر اوطاق سان گڏو گڏ پنهنجي ذاتي وڊيو ڪلپن سان پڻ ساري دنيا ۾ مشهور ٿي ويندو، پوءِ اهي توهان جا ايڊيٽ ٿيل وڊيو چاهي يوٽيوب ۾ ڪنورٽ ٿيل هُجن چاهي ٻي ڪنهن فارميٽ ۾.
    توهان جو دعاڳو
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ماشاءَ الله تمام بهترين خيال آهي ۔۔۔ ۽ وڊيو به تمام بهترين ٺهيل آهي۔۔۔
    ادا رنجيت توهان جي ڪيل ان ڳالهه جي لاءِ ته اهو چوڻ ئي مناسب ٿيندو ته نيڪي ۽ پڇ پڇ ۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا ڄامشورائي شال جُڙيو هُجين ، تمام گهڻي خوشي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ توهان مُنهنجي ڳالهه سمجهي ته سهي، ته مان چوڻ ڇا ٿو چاهيان۔ مٺا ڄامشورائي هن وڊيو ڪلپ جي باري ۾ اهو ٻُڌائيندو هلان ته جنهن اسٽيج ڊرامي تان هي مزاحيه گيت اسان جي سنڌ سلامت جي وڊيو ٽيم ورتو آهي، انهن اسٽيج ڊرامي وارن خود اڃا تائين اهو وڊيو گيت ناهي ڏٺو، پر اسان فخر سان سنڌ سلامت فورم تان اهو گيت هلائي چئي ٿا سگهون ته اسان جي سنڌ سلامت جي وڊيو اسٽوڊيو ۽ يوٽيوب جيڪو اسان جي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جو بيس آهي کان سواءِ ڪٿي به اهو مزاحيه گيت موجود ڪونهي۔۔ دوست توهان دُعا ڪريو ته اسان اڃان به پنهنجي سنڌ سلامت جي اڱڻ کي گلابي گُلن ۽ موتئي جي مهڪار سان مهڪائي ڇڏيون۔ ۽ پنهنجي سنڌ جي سهڻي گُلشن جي آبياري پنهنجي رت ۽ پگهر سان رات ڏينهن محنت ڪري ڪريون۔ جيئي سنڌ جيئن سنڌي سٻاجها ماڻهون۔
     
  8. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار صاحب،

    ڪجهه ڏينهن هن فورم تي راءِ شماري ۾ Ktn جي باري ۾ رايو ورتو ويو۔۔ ان ۾ سڀني دوستن اهو ئي ٻڌايو ته مثبت پهلو گهٽ آهي ۽ منفي رجحان چوٽ چڙهيل آهي۔۔ توهان ان موضوع تي نظر وجهندا ته توهان کي هي ڪمينٽس پڙهڻ لاء ملندا۔۔

    • وڌيڪ خطرناڪ ۽ بيماري نموني ڪلچر جيڪو ڪي ٽي اين ۽ ٻيا نام نهاد سنڌي چينلز ڏيکارين پيا اهو آهي بيهودگي ۽ بي حيائي تي ٻڌل ڊانسون، گانا ۽ ڊراما،،
    • ڇا اسان جي سنڌ جو ڪلچر اهو آهي جو ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڳلي ملي ڊانس ڪن؟؟؟
    • هي ته اسان جو ڪلچر نه آهي۔ هي سنڌ جي چينلز تي ڇا هلي رهيو آهي۔ سنڌ جو نياڻيون بنا رَوَي جي ۽ هاڻي ته پيٽ اگهاڙي گهٽ ڪپڙن سان ڏيکاريون وڃن ٿيون
    • 99 سيڪڙو مزاق، بي حيائي، ڪوڙو ڪلچر، غير معياري ثقافت، ۽ غير معياري پروگرام
    • چئنيل اسان جي ڪلچر جي وڌ کان وڌ تباهيءَ جو ڪارڻ ثابت ٿي رهيا آهن،

    سڀني دوستن جي ڏنل راء کي توهان نظر انداز نه ٿا ڪري سگهو۔۔ دوستن جي اهڙي موٽ کان پوءِ توهان جي طرفان هي بيهودگي واري وڊيو پوسٽ ڏسي ڏاڍو ڏک پهتو۔۔ شايد هي ڏک ان ڪري به پهتو ته هي پوسٽ توهان جي طرفان هئي۔۔ اگر ڪو ٻيو دوست پوسٽ ڪري ها ته مان هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيان۔۔ توهان هميشه اخلاقيات، ثقافت، مذهب ۽ خاص طور تي نياڻين جي تعليم۔ احترام ۽ عزت جون ڳالهيون ڪندڙ ۔۔ مون سميت سنڌ سلامت جي تمام ميمبرن جا روحاني استاد آهيو۔۔ ۽ توهان هي ناچ ڏيکاري ڪهڙو پيغام ٿا ڏيڻ چاهيو۔۔؟؟

    نوٽ : مٿين راء ۾ شاعري يا ڳائڻ تي اعتراض نه سمجهيو وڃي۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا بلڪل توهان جيڪو مٿي رايو ٻڌايو آهي، اهي اسان جي دوستن جا رايا آهن، پر ادا هن وڊيوز ۾ ۽ ڪي ٽي اين وغيره تي هلندڙ گانن ۾ وڏو فرق آهي،۔۔
    هي جيڪا وڊيو آهي، اها هڪ اسٽيج شوءَ جي ورتل آهي ۽ اهڙا هزارين اسٽيج ڊراما سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندا رهن ٿا ۽ علائقي جون فيمليز وغيره به اچي ڏسن ٿيون۔۔
    باقي اها ڳالهه ته توهان صحيح ٿا چئو ته ڇوڪريون ڇوڪرا گلي ملي ڊانس نه ڪن۔۔
    HaqMojood
    توهان جهڙن دوستن جي مثبت راءِ جو اسان سڀني کي انتظار رهندو
     
  10. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين،
    اسان ائين ته چئي ڪو نه ٿا سگهون ته اسان جو معاشرو براين کان پاڪ آهي ۽ اسان ۾ ڪا به خامي ۽ ڪمزوري ڪانهي۔ پر گهٽ ۾ گهٽ غلط کي غلط ته چئي سگهجي ٿو ۽ نه ئي اکين تي رکي قبول ڪجي۔۔
    توهان جي مهرباني جو توهان مون کي اهو ٻڌايو ته اهڙا ڊراما سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ٿيندا رهن ٿا۔۔ منهنجا مٺا ڀاء سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ٻيون به کوڙ ساريون حرڪتون ٿين پيون جيڪي قابلِ مذمت آهن ته پوء اچو ته سڀئي فعل قبول ڪيون ۽ ان جي تشهير ڪيون ۔۔ ۽ پوء اهڙا وڊيو ٺاهي فژخر ڪريون ته اسان ترقي پسند سنڌ جي نمائندگي ٿا ڪريون ۽ سنڌ جي خدمت ۾ سڀني کان اڳڀرا آهيون
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    \
    ادا سُلطان شال جُڙيو هُجين.
    مٺا، مان انسان آهيان، ۽ انسان جيڪڏهن غلطيون نه ڪري ها ته ڪڏهن به جنت مان ڪونه نڪري ها، پيارا مان اعتراف ٿو ڪريان ته هڪ سنڌي اصلاحي مزاحيه اسٽيج ڊرامي مان ورتل گيت جيڪو توهان جي نظر۾ بيهودگيءَ جو مظهر آهي، واقعي پنجابي مجرا ٽائپ گيت کان جن ۾ عورت ۽ مرد شيطان جا پوئلڳ بنجي ننگو ناچ ڏيکارين ٿاجي مقابلي ۾ هزارين دفعا پر لکين دفعا اخلاقيات ۾ تمام بهترين آهي، پر پوءِ به بيهوده آهي، مان اعتراف ٿو ڪريان ته هي هڪ سنڌي گيت جنهن جي شاعري تي توهان کي ڪو اعتراض ناهي پر ٻن سنڌي اسٽيج فنڪارن انهيءَ گيت تي گڏجي جيڪا پرفارمنس ڏني آهي سا بلڪل بيهوده آهي،واقعي شو بزنس جي دنيا ۾ هزارين فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ هيرو ۽ هيروئن جيڪي گڏجي ناچ وارا سين فلمبند ڪيا آهن سي حقيقتن ۽ اخلاقيات کان هزارين ميل پري آهن جي مقابلي ۾ هي گيت تمام بيهوده آهي ايترو ته بيهوده آهي جو اسان جي سنڌي سڀيتا جو وڏو نقصان ٿي پيو آهي ادا سُلطان مجبوري اها آهي ته گيت سنڌي آهي، هن اسٽيج تي جيڪا ڪهاڻي اسٽيج ڪئي وئي هُئي ان سنڌي گيت کي ئي مرڪزي خيال ڄاڻائي هن گيت تي هيءَ پرفارمنس ڏني وئي . توهان ٻُڌايو جيڪڏهن توهان اُن مزاحيه اسٽيج ڊرامي جا ڊائريڪٽر هُجو ها ۽ هيرو هيروئن کان اهو گانو ڀلا ڪيئن اسٽيج تي پرفارمنس ڪرايو ها. ؟ ؟؟؟
    ادا مُنهنجا ڀاءَ مان گهنگار آهيان مونکان وڏو ڏوهه ٿيو آهي جو اُنهن غريب سنڌي اسٽيج آرٽسٽن کي سندن پرفارمنس سميت سموري دنيا جي سامهون پيش ڪيو اٿم.. ادا هونئن ته شو بزنس جا پنهنجا لوازمات هوندا آهن. اسان جي سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامن جو وجود ئي هاڻ ڪونه رهيو آهي، اسان وٽ اهي به سنڌي اسٽيج آرٽسٽ آهن جن جي روزي روٽي ئي اسٽيج ڊراما هوندي آهي . توهان صرف اهو ٻُڌايو ته انهن ٻن سنڌي آرٽسٽن ڪٿي بيهودگي ڪئي آهي، ڪهڙي شارٽ ۾ اخلاقيات جوڏيوالو ڪڍيوآهي. جو اسان جو سر شرم کان جهڪي ويو آهي. ڇا ان گاني ۾ هيروئن صفا ليڪا لتاڙيا آهن يا هيرو جيڪو ناچ ڪري ٿو ان ۾ اگهاڙپ جو مظاهرو ٿو ڪري. تُنهنجو حق آهي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي هن پهرين پيشڪش تو پنهنجا اعتراض پنهنجي سوچ مطابق اسان سان ونڊيا، پر توهان يقين ڪندا ته ڪافي سارن دوستن مونکي اي ميل ڪري، ٽيلي فون ڪري هن گيت تي پنهنجي پسند جو اضهار ڪيو آهي. ادا ان هوندي به اهو مڃان ٿو ته سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي اسٽوڊيو جي بهترين وڊيوز مان هي هڪ اهو گيت آهي جيڪو توهان جي نظر ۾ انتهائي بيهوده آهي. ادا سُلطان ان هڪڙي گيت تي توهان جا ڪامينٽس ڪاٽو آهن پر توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيوز جا ايندڙ وڊيو ڏسي يقينن توهان پنهنجا ڪامينٽس واڌو ۾ ڏيندا. مهرباني. توهان جي هر تنقيد اسان جي اکين تي.
     
  12. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار،

    مون توهان کي ان کان اڳ ايترو جذباتي جواب نه ٻڌو هو، هي پهريون دفعو هو، جنهن ۾ توهان پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔ سائين نثار، مون کي يقين آهي ته توهان کي ايراني فلم ۽ ڊراما ڏسڻ جو اتفاق ضرور ٿيو هوندو۔ ايراني فلم ڪهاڻي جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي۔ ان کي اصلاحي فلم يا ڊرامو چئبو آهي۔ اصلاح جي لاء نچڻ ضروري ناهي هوندو۔

    منافقت واري هن معاشري ۾ اسان جا معيار به ٻٽا ٿي ويا آهن۔اسان مان ڪير چاهيندو ته اسان جي ڀيڻ يا ڌيء اسٽيج تي بيهي ناچ ڪري۔ ڳالهه جڏهن اسان تي ايندي ته پوء بيغيرتي، غير اخلاقي، غير مهذب، غير اسلامي ۽ الائي ڇا ڇا فلسفو ڇنڊينداسين۔
    پر جڏهن ٻئي ڪنهن جي ڀيڻ يا ڌي اسٽيج تي اچي نچي ته پوء اهو نچڻ به اخلاقيات جي دائري ۾ نظر ايندو، ان کي فنون لطيفا سڏينداسين، سنڌي آرٽسٽ جي پرفارمنس به نظر ايندي، انهن جي محنت ۽ روزي روٽي وغيره وغيره جا لاتعداد خطاب ڏيندي ڪو نه ٿڪجنداسين۔۔

    توهان لکن جي ڳالهه ڪئي ته اسان جو نچڻ، پنجابي ۽ پشتو ناچ کان ڏاڍو ڀلو آهي۔ بيشڪ توهان صحيح آهيو۔۔ فقير به ان ڳالهه تي زور ڏيو بيٺو آهي تي نچڻ اسان جي ثقافت جو حصو آهي ڇو ته موئن جي دڙي مان به ناچڻي جي مورتي هٿ آئي، ان ڪري نچڻ نچائڻ اسان جو ورثو آهي۔ شايد فقير به صحيح آهي۔ اعتراض ته ٻروچ کي به ڪونهي جيڪو پنهجي عورتن جي جي سسي ڪهاڙي سان وڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندو پر ٻي ڪا عورت نچي ته سندس هنيان پيو ٺرندو۔۔

    اعتراض ته مون کي به نه ڪرڻ کپندو هو پر خبر ناهي ڇو، مون کي لڳو شايد ڪٿي ڪو ژخال آهي پر مان غلط هوس۔ توهان لاء جڏهن به ڪا تنقيد ڪئي موٽ ۾ پيار ڀريو اصلاحي ۽ علم سان ڀرپور جواب مليو۔ پر هن دفعي نه علم هيو ۽ نه ئي اصلاح۔ شايد موضوع ئي غلط هيو۔ شروعات ئي غلط هئي۔۔ غلط کي صحيح ڪرڻ لاء غلطي جو اعتراف ڪرڻ ضروري هوندو آهي۔ مان اعتراف ٿو ڪريان ته مون کان غلطي ٿي۔ توهان جون ڪاوشون ضرور سرخرو ٿينديون۔۔

    دعائن ۾ ياد
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا سلطان۔۔۔۔
    هي اسٽيج ڊراما توهان ڏسو ۽ انهن جي مقابلي ۾ پنجاب يا پشتون اسٽيج ڊراما جيڪي حد ٽپيل آهن مان اُنهن جي حساب سان توهان کي ڪمينٽس ڏنا آهن۔۔۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سلطان اسان جي دُعائن ۾ توهان ياد آهيو ۽ سدائين رهندا۔ سوال سخت هوندا ته جواب به يقينن سخت هوندا۔ جيڪڏهن اخلاقيات جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته پوءِ فلمون ساري دنيا جي ميڊيا جا چينل اڄ تائين جيڪي ڪجهه اسٽيج ڊراما ڪيا ويا آهن اهي سري کان ئي غلط آهن، انسان جي ذهني عياشين جا مظهر آهن۔ هر دين انهن کي نندي ٿو پر ڇا ڪجي جو جڏهن اهي سينمائن ۾ ٽي وي چينلن تان هلن ٿا ، ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق پنهنجو پاڻ کي ذهني عياشين کان روڪي نٿو سگهي۔ هر اسٽيج تي هر فلم ۾ جيڪي به آرٽسٽ هوندا آهن، اهي يقين ڪنهن جا ڀائر ته يقينن ڪنهنجون ڀيڻون هونديون آهن۔ ٻيا ڇا به سمجهن پر ٻيلي مان ڇا سمجهندو آهيان اان ۾ نچندڙ ڪنهن جي ڀيڻ مُنهنجي نظر ۾ ڇا هوندي آهي ، جي مونکي خبر آهي ، ٻيو مُنهنجي دل جي ڳالهه ڇا ڄاڻي۔ خير ادا ٻٽي معيار واريون ڳالهيون هر دور ۾ اسان جهڙن ماڻهن تي ئي فٽ ٿينديون آهن ۽ ٿينديون ئي رهنديون۔ مونکي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ڪانهي ته مان ڇا آهيان؟ پر سچل سائين جي بقول مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان. سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو