جو کير پيئي سو وير ٿيئي۔ سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي ٻي پيشڪش

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ واسيو جيئي سنڌ
    حاضر آهي سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو تان ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي ڪوشي لالواڻي پروڊڪشن ممبئي انڊياجي پيشڪش” جو کير پيئي“ دوستو هي سنڌي نظم هڪڙي دوست کان مليو جنهن جي ساري عمر سنڌي تعليم جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ جدوجهد ڪندي گُذري آهي۔ هي سنڌي نظم مان ارپيان ٿو سنڌ سلامت جي دوستن سميت ساري دنيا جي سنڌي شاگرد ٻارڙن کي۔ ۽ مونکي اميد آهي ته هي گيت سموري سنڌ خصوصي طور سنڌ جي گوٺن ۾ رهندڙ سنڌي ننڍڙن ٻارڙن کي تعليم جي طرف راغب ڪرڻ ۾ مفيد ثابت ٿيندو۔ هن گيت کي ايڊيٽ ڪرڻ ۾ ادا محمد جمن شيخ جو تمام وڏو ڪردار آهي۔ توهان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته اڃان اهڙا گيت جيڪي اسان جي سنڌي تعليم جي واڌاري جو باعث بڻجن ٿا توهان جي خدمت ۾ اڃان به پيش ڪبا۔ سنڌي سدائين گڏ۔
    لک ٿورا سنڌي ڀيڻ محترمه ڪوشي لالواڻي صاحبه (ممبئي انڊيا) جا جنهن سنڌي قوم جي بچڙن لاٌءِ اهڙو خوبصورت گيت خوبصورت فلمبنديءَ جي صورت ۾ تخليق ڪيو۔

     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي هن ٻي پيشڪش جو کير پئي سو وير ٿئي جي ونڊ ڪرڻ سان دنيا جي سمورن سنڌين کي گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته جيڪڏهن کين وٽ سندن ذاتي وڊيوز جيڪي توهان سمجهو ٿا ته فنون لطيفه سان تعلق رکن ٿا، مثال طور پڪنڪ ، شادي وغيره ۾ محفل موسيقي، ڪا ادبي تقريب، ڪو سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلي لاءِ ليڪچر پروگرام، ڪو مشاعرو، ڪو انٽر ويو وغيره هُجي ته اهي پنهنجا ذاتي وڊيوز سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪري سگهن ٿا، ته جيئن اسان جي سنڌ سلامت جي محنتي ٽيم انهن وڊيوز جي ايڊيٽنگ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ تان سندن مهربانين سان ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪري سگهون۔
    ان سلسلي ۾ تفصيلات لاءِ توهان مونکي، ادا رشيد سمون کي، ادا عباس مگسي کي، ادا وهاب قمبراڻي کي ادا وحيد ڦلپوٽو ۽ ادا نثار ابڙو کي پرسنل ميسيج ڪري سگهو ٿا۔ ان کان علاوه انهن سڀني دوستن جي اي ميلز تي پڻ رابطو ڪري سگهو ٿا۔
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، اڄ جيئن ئي فورم تي آن لائين ٿيس ته، سنڌ سلامت وڊيو ڏسي ڪري ايتري ته خوشي ٿي، جو اکين مان ڳوڙها تري آيا۔
    سائين انشاالله اسان پنهنجي طرفان پوري پوري ڪوشش ڪنداسين ته هن وڊيوز جي ايڊيٽنگ، رينڊرنگ جي ڪم ۾ توهان جو ڀرپور ساٿ ڏيون،
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا وهاب مهرباني جو سنڌ سلامت وڊيو اسٽوڊيو جي سلسلي ۾ توهان ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو آهي۔ ۔۔۔۔
     
  5. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين معاف ڪجو ڪافي ڏينهن کان پوءِ هن وڊيو تي نظر پئي. ٻي هڪ ڳالهه، صرف اها پڇڻي آهي ته ڇا ٻئي ڪنهن جي ڪاپي رائيٽ مواد تي لوگو لڳائي پيش ڪرڻ صحيح آهي؟. مان مڃان ٿو ته هن گيت جي شروعات ۾ لوگو لڳائڻ يا ٻيو پوسٽ ايڊيٽنگ جو ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي جنهن جي لاءِ توهان مانواري سائين جمن شيخ کان مدد ورتي. مان سائينجن جو به شڪرگذار آهي، جيڪي اڄ ڪالهه هن نفسانفسيءَ واري دور ۾ به سنڌ سلامت لاءِ اهڙي محنت ڪري رهيا آهن.

    ٻئي ڳالهه اها ته هن گاني جي پروڊيوسر ڪوشي لالواڻي آهي جيڪا پڻ ممبئي ۾ رهندي آهي. هن کي خبر ناهي جو الائي ڪٿان خبر لڳي وئي ته سندس پاران پروڊيوس ڪيل هي گيت سنڌ سلامت جي اڳڻ تي پيو آهي. هن بغير ڪجهه پڇڻ جي مونکي فون ڪئي ۽ چيائين ته ”مٺا رنجيت مون هڪ ويبسائيٽ جيڪا سنڌسلامت جي نالي سان آهي. جتي مون تنهنجو به فوٽو ڏٺو آهي ۽ تنهنجي اُتي ايڪٽوٽي به ڏٺي آهي.، مون کيس ٻڌايو ته ها اها ويبسائيٽ اسان جي دوستن جي آهي. هي دنيا جي وڏو سنڌي فورم آهي. هن غصي ۾ ٿيندي چيو ته پوءِ مطلب هو ڪنهنجي به وڊيو کڻي ان جي مٿان لوگو لڳائي بس پنهنجو ڪري وٺن ۽ پروڊيوسر کي ڪجهه ڪريڊٽ ئي نه، اهو ڪٿان جو قانون آهي؟ مون کيس سمجهايو ته ميڊم اها ويبسائيٽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ آهي. هن چيو مان مڃان ٿي ڀلي، اها ته سٺي ڳالهه آهي پر کين اهو ته ڪرڻ کپندو هو جو هو منهنجو يا منهنجي پروڊڪشن هائوس جو نالو ڏين يا وري منهنجي ان ڊي وي ڊي جو ڪَوَرُ ئي ڏيکارين جنهن مان هنن ڪاپي ڪيو آهي.
    مون هنن کان معذرت گهري ۽ کين دلجاءِ ڏني ته ان گاني تان اسين لوگو کي هٽائي ڪري. هيٺان توهان جو نالو ڏينداسين.

    استاد سائين معاف ڪجو. مون محترمه ڪوشي لالواڻي سان ڪيل ملاقات جيئن جو تيئن توهان تائين پهچائي.


    دل آزاريءَ لاءِ معافي.....
     
  6. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا رنجيت،

    ڪنهن ٻئي جي تخليق کي پنهنجي نالي ڪرڻ نامناسب ته ضرور آهي، پر ان فعل سان تخليقڪار کي ڪيتري تڪليف ۽ پيڙا محسوس ٿيندي، اهو هڪ تخليقڪار ئي محسوس ڪري سگهي ٿو۔۔ سائين نثار پاڻ تخليقڪار آهن، هنن کي اهو احساس اسان کان وڌيڪ هجڻ گهربو هو، سنڌيت ۽ ٻولي جي خدمت جي چڪر ۾ ٻين جي تخليق جي حق تلفي سمجهه کان ٻاهر آهي۔
    پر نثار صاحب وٽ شايد ڪو مناسب جواز ۽ دليل موجود آهي، والله اعلم
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا رنجيت شال جُڙيا هُجو۔
    ادا توهان جي مهرباني جو توهان ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جو اعتراض اسان تائين پهچايو۔ جنهن دوست کان هي گيت اسان کي مليو اهو اسان کي بغير ڪنهن ٽائٽل جي نالي مليو، جيئن ته هي گيت سنڌي ٻارن جي تعليمي قابليت جي اضافي جو ڪارڻ هو، ان ڪري سنڌ سلامت تي لڳائڻ اسان انتهائي ضروري سمجهيو، ڀيڻ ڪوشي لالواڻي کي جيڪو ڏُک پهتو خصوصي طور مان انتهائي معذرت خواهه آهيان خير اسان ڏينهن ٻن ۾ انهي گيت تي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي پروڊڪشن جي ايڊيٽنگ ڪري ڇڏينداسين۔ ان کان علاوه هن خالص سنڌي ٻارن جي تعليم جي اضافي واري گيت کي سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سموري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪيو۔ اسانکي ذري به اها خبر هُجي ها ته هي گيت ڀيڻ ڪوشي لالواڻي پروڊڪشن جو آهي ته اسان ضرور ڀيڻ جي پروڊڪشن جو نالو ڏيون ها، ان هوندي به اسان جو وعدو آهي ڏينهن ٻن ۾ ڪوشي لالواڻي پروڊڪشن هنڌ جي نئين لوگو سان هي گيت نئين سري کان اپ لوڊ ڪري ڇڏينداسين۔
    م
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا ٻروچ شال جُڙيو هُجين تون به سچو تنهنجي ڳالهه به سچي۔ پر هن گيت کي هتي رليز ڪرڻ جي مقصد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا خود غرضي يا ذري برابر لالچ ۽ لوڀ ڪانه هُئي، اسان جو مقصد صرف سنڌي ٻوليءَ جي خدمت سنڌي شاگرد ٻارڙن جي خدمت ڪرڻ هُئي پوءِ اها خدمت اسان ڪريون يا ڀيڻ ڪوشي لالواڻي ڪري ڳالهه هڪڙي آهي۔اسان کي هي گيت جيڪڏهن ڪنهن جي لوگو سان ملي ها ته اسان کي تمام خوشي ٿئي ها، گمنام گيت ۽ اهو به اهڙو گيت جنهن سان اسان جي سنڌي ٻارن جي نشو نما ۾ اضافو ٿئي ٿو ته مڃون ٿا اسان سنڌ سلامت جي اڱڻ تان هلايو ۔هن گيت لڳائڻ کان پوءِ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو شدت سان اندازو هو انهي ڪري هن پوسٽ کان پوءِ اها ڳالهه مون چٽي ريت لکي هُئي ته ڪافي سارن سنڌي دوستن وٽ جيڪڏهن سندن فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ذاتي وڊيو هُجن ته اهي سنڌ سلامت کي ڊونيٽ ڪن ته اسان سنڌ سلامت تان انهي جي وڊيو ايڊيٽنگ ڪري انهن جي شڪريه ادائگي سان سموري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪريون۔ باقي توهان جو اعتراض پنهنجي جڳه تي بلڪل صحيح ۽ درست آهي۔ ٻيا دوست ۽ توهان مُنهنجي لاءِ هن غلطي لاءِ جيڪا صرف سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻارڙن جي ڀلي لاءِ مونکان ڪئي وئي هُئي ۔ جيڪا به سزا تجويز ڪندا هر سزا کائڻ لاءِ تيار آهيان ۔
     
  9. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    استاد سائين توهان اهو چئي ڪري مونکي گنهگار ڪري رهيا آهيو! مون به بس انهن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه اوهان تائين پهچائي۔۔۔۔ بيڪار ۾ توهان سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو۔ استاد سائين ٻيلي رحم ڪريو ناراض نه ٿيو۔shabash
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت شال جُڙيا هجو۔ ادا مان توهان سان ڀلا ڇو ناراض ٿيندس۔ جيڪا غلطي آهي سا آهي، مان 52 سالن جي عمر جو جهور پوڙهو سنڌي قوم ۽ سنڌ سلامت جي ڀلي لاءِ سوچيندي سوچيندي پنهنجي مت وڃائي ويهي رهيو آهيان۔ جو ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي خالص ذاتي گيت تي سنڌ سلامت جو لوگو لڳائي وهي رهيس خير مون هن وڊيو گيت کي وري ايڊٽ ڪيو آهي، ادي ڪوشي لالواڻي صاحبه کي ڪوشش ڪري هي دوباره ايڊٽ ڪيل گيت ملاحضه ڪرايو وڃي۔ جيڪڏهن ان جي نظر ۾ اهو گيت خالص سنڌي قوم جي ڀلي لاءِ سنڌ سلامت جي خالص سنڌي اڱڻ تان هلڻ جي قابل هُجي ته بهتر آهي ته هي گيت هتي هلڻ لاءِ رهڻ ڏيون نه ته ادا پاڻ کي دير ئي ڪانه ٿيندي۔ ۽ هن عظيم گيت کي سنڌ سلامت تان لاهي ڇڏينداسين۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل دُکي ڪرڻ تي مان معذرت خواه آهيان۔ توهان جو دعاڳو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو