. برسات جون تباهڪاريون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    برسات وسنديون ويران ڪري ڇڏيون، وڌيڪ 35 ڄڻا فوت؛ سکر، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ڪشمور آفت سٽيل قرار
    ڪراچي/ سکر (نمائندن وٽان) : سنڌ ۾ برسات جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو. جڏهن ته مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 35 ماڻهو فوت ٿيا آهن. قمبر ۾ برسات سبب روڊن تي پاڻي بيهي ويو. کبڙي مڪاني ويجهو گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سعيد احمد عباسي زخمي ٿي پيو. ڪشمور ضلعي ۾ وڌيڪ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اهلڪار آدم کوسو فوت ٿي ويو. گهر ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ الهه ڏوايو، ڀيڻ، ڀائر ريشما ۽ ڀورو جکراڻي فوت ٿي ويا. ڳوٺ پير بخش ڀنگوار ۾ مهرين ۽ عنبرين فوت ٿي ويون. ڳوٺ سومر جاگيراڻي ۾ٻارڙي لالي جاگيراڻي فوت ٿي وئي. هوڏانهن بلوچستان مان پاڻي اچڻ سبب رسالدار سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ميهڙ ڀرسان برسات سبب 4 نيون وهي آيون آهن. ڳوٺ لونگ مهيسر ۾ 6 ورهين جي مرڪ مهيسر فوت ٿي وئي. مدئجي ۽ ڀرپاسي ۾ طوفاني بارشن تباهي مچائي ڇڏي ۽ 2 فوت، 20 زخمي، سوين گهر پٽ گهرن ۾ موجود چوپايو مال توڙي الهه تلهه دٻجي ويا. شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ جايون ڪرڻ جي نتيجي ۾ مدئجي شهر ۾ دگاهه سيد علي حيدر شاهه جي لانڍي ۾ ستل نوجوان عبدالحميد بروهي لانڍي ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڳوٺ حبيب سانگهرو ۾ گاج جي آواز تي دل ڦاٽڻ سبب محمد بچل سانگهرو فوت ٿي ويو. ڳوٺ خدا بخش بروهي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ناري فضيلا زال علي نواز بروهي شديد زخمي ٿي پئي. مرزا نپور ۾ گهر ڪرڻ جي نتيجي ۾ سعيد انصاري، گلزار انصاري ۽ ثناءُ الله انصاري زخمي ٿي پيا. هوڏانهن عارب ڳوٺ ۾ جهڳي ڪرڻ سبب 2 عورتون ۽ هڪ نينگري زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڳوٺ قلندر بخش بروهي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جيڪب آباد جي دستگير ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ مٺو خان مستوئي ۾ برسات دوران ڇت ڪرڻ سبب اعجاز مستوئي زخمي ٿي پيو. جيڪو لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. گهوٽڪي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 عورتون فوت ٿي ويون. ڳوٺ سياڻو شيخ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زرينا شيخ فوت ٿي وئي. ڳوٺ ڇتل ميربحر ۾ مومل ميراڻي ۽ قادر پور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب مهمان عادل گهوٽو فوت ٿي ويا. بڊاڻي ۾ 48 ڪلاڪن جي برسات سوين گهر تباهه ڪري ڇڏيا. تنگواڻي شهر مڪمل ٻڏي ويو. شهر ۾ 5 فوٽن تائين پاڻي بيٺل رهيو. گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن فوت ٿي وئي. ٿرڙي محبت ۾ برسات دوران دل بيهڻ سبب پيرسن علي مراد خاصخيلي فوت ٿي ويو. غوث پور ۾ لال خاتون جاگيراڻي فوت ٿي وئي. ڳوٺ رستم اوگاهي، عارب بجاراڻي، بهرام بجاراڻي ۽ ٻيا ڳوٺ ٻڏي ويا.ٺارو شاهه ۽ ڀرپاسي برسات سبب فصل تباهه ٿي ويا. چوپايو مال مري ويو. بخشاپور ويجهو ڳوٺ سومر جکراڻي ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پيا. دادو ۽ ڀرپاسي برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي،. ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ 2 ڄڻا لهه بچايو چانڊيو ۽ نينگري سوني فوت ٿي ويا. ڪنڌرا شهر ۽ ڀرپاسي ڳوٺن يوسي ڪنڌرا، يوسي ٽهمون ۽ يوسي اروڙ، يوسي پٽڻي ۾ سوين گهر پٽ ٿي ويا. ڳوٺ دوداڻڪو ۾ چئن مرغي فارمن کي ٽڪر جو پاڻي لهڻ سبب ٻه هزار چوزا ڪڪڙن جا لڙهي ويا. هوڏانهن ڪنڌرا شهر ۾ برسات پوڻ سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب رياض ڪلهوڙو عمر 25 سال ۽ امام ڏنو ڪلهوڙو عمر 35 سال ڀت جي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا. هوڏانهن راڄپر محلي ۾ جسقم ڪارڪن عاشق راڄپر جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪرڻ سبب پاڻ، گهر واري ۽ ٻار سخت زخمي ٿي پيا. ٽنڊي محمد خان ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان شيوو ڪولهي فوت ٿي ويو. برسات سبب وونئڻ ۽ ٻيو فصل تباهه ٿي ويو. وارهه ۽ ڀرپاسي قاضي بروهي، تاجو جي وانڍ، محمد هاشم منگهياڻي ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. هالا ۽ ڀرپاسي برسات پئي. لاڙڪاڻي ۾ جتي برسات شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي اتي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال جي زبون ٿيل عمارتن کي ويتر ڪمزور ڪري ڇڏيو. برسات سبب مختلف وارڊن جون ڇتيون ٽمي پيون. او پي ڊي، سرجري سميت ڊاڪٽر ڪالوني ۽ ڊپٽي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر شمس الدين کوسو، ايڊيسنل ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر گل شيخ سميت ڊاڪٽرس ڪالوني ۾ ڪيترن ڊاڪٽرن جي گهرن جي ڇتين جا چاپڙ ڪري پيا آهن، جڏهن ته اسپتال توڙي ڊاڪٽرس ڪالوني جو ڊرينيج نظام خراب ٿي ويو آهي. ڏوڪري تعلقي ۾ تازين برساتن سبب تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. 15 ڪچا گهر پٽ ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ فتح محمد اعواڻ ۾ برسات دوران ڪاٺ جو وڏو دروازو مٿان ڪرڻ سبب ڌڪ لڳڻ ڪري 17 ورهين جو سراج احمدپٽ اڪ اعواڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هوڏانهن ڏوڪري شهر ۾ اياز احمد پيرزادو جي گهر جي جاءِ ڪري پئي. گل محمد ڪنڀر ۽ ٻين جا گهر ڪري پيا آهن. باڊهه ۾ برسات راڱا ڪيترائي گهر ڊهي ويا. ڪيترن کي ڏار پئجي ويا. باده توڙي ڀرپاسي وارن علائقن م برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جن ۾ پيارو محلو جي رهواسي ۽ هڪ نجي ٽي وي جي ڪئميرامين محمد هاشم عرف مدني سومرو ۽ انب پور ۾ مذهبي، سماجي اڳواڻ سيد علي حسن شاهه جا گهر شامل آهن. ڳڙهي خيري ۾ برسات سبب ڳوٺ بخش لهر ۾ ڀت ڪرڻ سبب ڌيران ڪٽوهر فوت ٿي وئي. ڳوٺ الهه ڏنو کوسي ۾ بختاور ڌيءُ مولابخش کوسو فوت ٿي وئي. سجاول جوڻيجو تعلقي اندر برساتن ۽ سم شاخ کي گهارن سبب ڪيترا.ئي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڪنري تعلقي ۾ تيز برساتن جي سلسلي ۾ سبب هيٺيان علائقا ٻڏي ويا، جنهن ۾ هيٺين علائقن ۾ فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. تيز برساتن سبب تعلقي ڪونسل آفيس، الله والا چوڪ، پريس ڪلب، سول ڪورت، مختيارڪار آفيس، ريشم بازار سميت مختلف پاڙن ۽ ڪالونين ۾ 2 کان ٽي فٽ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته تعلقي ڪونسل آفيس اندر پڻ پاڻي اچڻ سبب تعلقي ڪونسل جو ريڪارڊ پڻ خراب ٿي ويو آهي. عملدارن پاڻي ڪڍرائي ريڪارڊ هڪ پاسي ڪرايو پر ڪافي خراب ٿي ويو آهي. برساتن بعد مليريا، بخار، زڪام گيسٽرو، ڊائريا ۽ ٻيا مرض پڻ وڌي ويا آهن. يو سي شير خان چانڊيو جي رهواسين جي دانهن بعد ڪنري، دڙيلو ۽ ٻين شاخن جو فتح ڍنڍ ۾ ڇڏيو ويندڙ پاڻي بند ڪيو ويو آهي. يو سي شير خان ۾ ٻوڏ جي خطري سبب لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ يو سي شير خان جا 4 ڳوٺ خانڻ چانڊيو، جيوڻ رند، نيازي چانڊيو ۽ ڪرمڻ ڪولهي پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن بعد ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ ڪري محفوظ هنڌ ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. هوڏانهن دل جو دورو پوڻ سبب پورهيت رمضان ماڇي فوت ٿي ويو.هوڏانهن ميرپورخاص ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري شريمتي ڏيوان مالهي فوت ٿي وئي. ڪيٽي بندر ۾ وڄ ڪرڻ سبب 24 سالن جو سومار پٽ رحيم ميمڻ فوت ٿي ويو. جيڪب آباد ۾ مختلف واقعن ۾ 45 ورهين جو يحيٰ ۽ سندس پٽ قاسم، ڳوٺ عبدالعزيز بجاراڻي ۾ محمد عيسيٰ بجاراڻي، نينگري ميمونه، ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ عابد حسين دٻجي فوت ٿي ويا​
    رپورٽ : عوامي آواز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين مون جا شڪارپور ۾ صرف 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 200 کان وڌيڪ زۡخمي ٿيا آهن هڪ اندازي موجب ته شڪارپور ضلعي ۾ 5000 گهر ڪري پيا آهن ۽ روڊن تي 5 فٽن کان 8 فٽن تائين پاڻي آهي  هر گهٽي ۾ 1 فٽ کان 2 فٽن تائين پاڻي آهي
    نظام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي سرڪار ته لاڙڪاني ڊويزن ۾ 37 ماڻهو فوت پئي ٻڌائي افسوس ته هن محل تائين پاڻي اوترو ئي روڊ رستن تي بيٺل آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي اترين علائقن خاص ڪري جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، سکر ضلعن ۾ برسات تمام گهڻي تباهي آندي آهي۔ ٻيو ته بلوچستان جي پاڻيء جي ريلن پڻ سنڌ ۾ بربادي آندي آهي۔ متاثرين کي ترت امداد جي ضرورت آهي پر اهو ڪم سستي سان هلي رهيو آهي۔

    اهڙي وقتن ۾ حڪومت، انتظاميه ۽ وسندي وارن کي اڳتي اچي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    سائين شڪارپورً ۾ مون غريب جي گهر جي ڇت به ڪري پئي آهي۔ تمام گهڻي مشڪل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسان جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به برسات جي پاڻي جي نيڪال جو منظم سسٽم هئڻ گهرجي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو