فاطمه جناح

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ احسان علي جانوري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2009۔

  1. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    فاطمه جناح جي زندگي جو خاڪو.
    پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۽ ان جي روشن مستقبل لاءِ فقط مردن حصو نه ورتو پر تحريڪ پاڪستان ۾ عورتن جو ڪردار ۽ جدوجهد به شامل آهي. انهن مان محترمه فاطمه جناح به هڪ آهي. فاطمه جناح باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي نه فقط ڀيڻ هئي پر هوءِ هڪ بلند حوصلا رکندڙ ، بهادر ۽ جرئتمنداڻي عورت سان گڏوگڏ پنهنجي عظيم ڀاءُ وانگر سياست جي هر پهلو کان واقف هئي. هوءَ هر وقت قائد اعظم سان گڏ رهڻ ڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. قائد اعظم محمد علي جناح ان جي باري ۾ چوندو هو ته :”جڏهن مان گهر ايندو آهيان، منهنجي ڀيڻ منهنجي لاءِ اميد ۽ روشني جي هڪ ڪرڻي وانگر هوندي آهي، جيڪڏهن هوءَ منهنجي صحت تي ڌيان نه ڏئي ها ته شايد منهنجي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ها ۽ منهنجي صحت خراب ٿي پئي سگهي.“

    فاطمه جناح هڪ اهڙي وقت ۾ تعليم حاصل ڪئي جڏهن مسلمان ڇوڪرين جي تعليم کي عيب سمجهيو ويندو هو ۽ هوءَ علم جي زيور کان محروم هيون. ان وقت 1902 ع ۾ قائده اعظم کيس باندره جي ڪانوٽ اسڪول ۾ مائٽن جي اعتراض باوجود داخلا وٺي ڏني.ڪانوٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد قائد اعظم فاطمه جناح کي 1906ع ۾ سينيٽ پيٽرڪ ، گهنڊالا ۾ داخل ڪرايو. پڙهائي ۾ دل لڳائي 1910 ۾ ......پاس ڪيائين ۽ 1913 ۾ پرائيويٽ طور سينيئر ڪيمبرج جو امتحان بهترين نمبر ۾ پاس ڪيو. 1919 ۾ کيس ڪلڪته ۾ ڊاڪٽر احمد ڊينٽيل ڪاليج ۾ داخل ڪيو ويو جتي هوءَ ڊينيسٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران هاسٽل ۾ رهندي هئي ۽ 1922 ۾ هن ..........جي سند حاصل ڪئي.

    گهرواري جي انتقال بعد جڏهن قائد اعظم جون قانوني ۽ سياسي ذميواريون وڌي ويون هيون، ان جي ڌي وينا اڃا ننڍي عمر جي هئي سندس گهر جو ڌيان ۽ ڌي جي پرورش اهم ذميواريون هيون، جيڪي فاطمه جناح سنڀاليون.فاطمه جناح نه فقط پنهنجي ڀاءُ جي ننڍڙي ڌيءُ ۽ گهر جو خيال رکندي هئي پر ان سان گڏوگڏ برصغير جي عورتن کي بيدار ڪرڻ ۽ تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد لاءِ اتساهڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو.مسلم ليگ جي 23 مارچ 1940ع واري تاريخ ساز جلسي ۾ فاطمه جناح قائد اعظم سان گڏ هئي. قاعد اعظم تي قاتلاڻي حملي دوران جڏهن هو زخمي ٿي پيو ڊاڪٽر جي پهچڻ کان پهرين فاطمه جناح ان جا زخم صاف ڪيا، مرهم پٽي ڪئي ۽ عدالت ۾ پيش ٿي مجرم خلاف بيان ڏنو. هوءَ سياست جي رمزن کان خوب واقف هئي.

    فاطمه جناح پنهنجي عظيم ڀاءُ سان گڏجي تحريڪ آزادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجون خدمتون ملڪ ۽ قوم لاءِ سرانجام ڏنيون.ان سان گڏوگڏ هوءَ ٻارڙن جي ڪردار سازي تي به ڌيان ڏيندي هئي هوءَ سمجهندي هئي ته بهترين تعليمي ادارا قوم جو سرمايو آهن.هن جو چوڻ هو ته: ”ٻار اسان جو مستقبل آهن اهي ئي سڀاڻي قوم جي رهنمائي ڪندا، هو تعليمي ادارن ۽ استادن جي محنت سان ئي اعليٰ درجي تي پهچندا آهن منهنجو اهو ئي عقيدو آهي ته اهو ننڍپڻ وارو دور ئي هوندو آهي جڏهن اسان جو ڪردار ٺهندو آهي.“

    هوءَ ملڪ ۽ قوم جي خدمت لاءِ هر وقت مصروف رهندي هئي.هن لکين آيل مهاجرن لاءِ امداد ۽ فنڊز گڏ ڪيا.مهاجرن جي بحالي لاءِ ڪميٽيون جوڙيون.پاڪستان جي ٺهڻ بعد مسلم ليگ عورتن جي ذميدارن ۾ جڏهن اضافو ٿيو انهن کي ڪيتريون ئي ذميواريون نڀائڻيون هيون فاطمه انهن جي همت افزائي ڪندي هئي انهن سان ملاقاتون ڪندي هئي ۽ مسئلا ٻڌندي هئي ۽ انهن جي حل لاءِ جاکوڙيندي هئي.قائداعظم جي دور ۾ هن نرسنگ ڪئي ڀاءُ جي لاڏاڻي بعد هن پنهنجو گهڻو وقت عورتن جي ڀلائي ۽ سماجي ڪمن ڏانهن ڏنو. هن سڄي ملڪ ۾ عورتن جي پڙهائي لاءِ تعليمي ادارا ۽ سماجي ويلفيئر قائم ڪيا هن هميشه قوم ۽ جمهوري نظام جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي.

    فاطمه جناح اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ جلسن کي خطاب ڪيو انهن ۾هن قوم جي ڀائپي ۽ يڪجهتي تي وڌيڪ زور ڏنو.پشاور ۾ جناح پارڪ ۾ ٿيل هڪ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو : ”آزادي جي سترهن سالن بعد به عوام انهن حقن ۽ آزادي جي ڦل کان محروم آهي. هڪ خودمختيار ملڪ جي شهري کي جيڪي حق حاصل هئڻ گهرجن اهي اڃا تائين ناهن ملي سگهيا. عوام حقيقي جمهوري نظام جو قيام جيڪو خواب ۾ ڏٺو، اهو خواب ئي رهجي ويو.“

    سال 1964 ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو: ”پاڪستان لاءِ صدارتي نظام ٺيڪ ناهي، اسين حقيقي جمهوري نظام قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ايوب خان جي ملڪيت ناهي نه وري منهنجي ملڪيت آهي. هي عوام جي ملڪيت آهي ۽ عوام جو ئي وطن آهي ۽ عوام کي ئي انهي تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل آهي.“

    ملڪ ۽ قوم جي خدمتن عيوض کيس مادر ملت جو خطاب ڏنو ويو. قائد اعظم جي وفات بعد هن هر چئلينج جو بهادري سان ڄمي مقابلوڪيو. مادر ملت فاطمه جناح هڪ عظيم ليڊر جي عظيم ڀيڻ هئي جنهن پنهنجي سڄي حياتي ملڪ ۽ قوم لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هوءَ عزت ۽ احترام جي لائق آهي ان جي جدوجهد ۽ قرباني کي عوام جي دلين تان مساري نه ٿي سگهجي.

    مادر ملت محترمه فاطمه جناح 9 جولاءِ 1967ع ۾ قوم کان هميشه لاءِ جسماني وڇوڙو ڪري راهه رباني اختيار ڪئي سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو