برائي جو بدلو سٺائي.

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    برائي جو بدلو ڀلائي:_
    (هڪ نصحيت آمواز آکاڻي)
    ڪهاڻيڪار:_ بلال مصطفي ميمڻ۔
    اصل ۾ ڪهاڻي لکيل :_ انگريزي زبان ۾
    سنڌي ۾ ترجمو :_ غلام مصطفي ميمڻ
    ” امير بخش (ستين ڪلاس جو شاگرد) اسڪول مان ايندي ڪتابن جو بيگ ٽيبل تي رکيو ۽ ڪرسي تي ويهي روئڻ لڳو۔ روئڻ جو آواز ٻڌي هن جي والده آئي ۽ روئڻ جي وجه پڇي۔ امير بخش روئيندي چيو:_ آمي ! جيڪڏهن منهنجو رنگ ڪارو آهي ۽ مان خوبصورت نه آهيان ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي ،الله پاڪ مون کي حسين ڇو نه ٺاهيو؟ مان اهڙو ڇو آهيان؟ هن جي والده هن کي پيار سان چپ ڪرايو ۽ چيو ته ”هاڻي ٻڌائي ڇا ڳاله آهي جو تون ايترو دلبرداشتو ٿئي ويو آهين۔؟“ امير بخش جواب ڏنو :_ آمي! منهنجي ڪلاس ۾ هڪ نئون ڇوڪرو شهباز داخلاء ورتي آهي ۔ جيڪو نه صرف رنگ جو اڇو آهي پر نقشن مان به خوبصورت آهي،مان ان کي دوست بنائڻ ٿو چاهيان پر هو منهنجي رنگ جي ڪري مون سان نفرت ٿو ڪري ۽ مون کي ڪارو ڪارو ڪري سڏي ٿو۔اڄ ته انتها ٿئي ويئي ،هاف ٽائيم ۾ مان جيڏي مهل گروانڊ ۾ ويس ته شهباز ڪوئلي سان منهنجا پوسٽر ٺاهي گيٽ تي لڳائي ڇڏيا، ان ۾ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون منهنجي ڪاري رنگ ؤشڪل جي باري ۾ لکيل هيون جنهن کي پڙهي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، مون ڪلاس ٽيچر سان شهباز جي شڪايت ڪئي ، ٽيچر هن کي دڙڪا ۽ سزا ڏني۔ “ امير بخش جي ڳاله ٻڌي هن جي والده چيو”پٽ پهرين ڳاله ته توکي ڪلاس ٽيچر وٽ شهباز جي شڪايت نه ڪرڻي هئي پر تون پاڻ شهباز کي معاف ڪرين هان ،ڇاڪاڻ ته الله سائين معاف ڪرڻ وارن کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي۔تو اڄ نيڪي ڪرڻ جو موقعو ضايع ڪري ڇڏيو۔سڀني کان اهم ڳاله ته تنهنجو چوڻ ته الله پاڪ توکي خوبصورت ڇو نه ٺاهيو،اها تنهنجي سوچ ۽ چوڻي غلط آهي، الله پاڪ هر انسان کي خوبصورت ٺاهيو آهي ! انسان جي خوبصورتي اها آهي ته هن جا سڀ جسماني عضواء صحيح سلامت هجن، هو ڏسي سگهي، ٻڌي سگهي، هلي سگهي، ڪجه کائي سگهي ۽ ذهني معذور نه هجئي۔ ان لحاظ کان تون مڪمل ۽ خوبصورت آهين، باقي رنگت جي ڳاله ته ان جي ڪمي کي پنهنجي حسن ؤ اخلاق ۽ حسن سيرت سان پورو ڪري سگهين ٿو، منهنجو توکي مشورو آهي ته هر ڪنهن سان مسڪرائي ۽ حسن سلوڪ سان پيش اچ۔“ امير بخش جيڪووڏي توجه سان پنهنجي والده جون مٿيون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ،هڪدم چيو :_”امي! توهان سچ ٿا چئو۔آئينده مان توهانجي ڳالهين تي عمل ڪنديس ۽ سڀاڻي اسڪول وڃي شهباز کان معافي وٺيندس“۔ ٻئي ڏينهن امير بخش هڪ نئين عزم سان اسڪول ويو ۽ سڄي ڪلاس جي سامهون شهباز کي چيئن ”آئي ايم سوري! ڪاله ڪاوڙ ۾ ڪلاس ٽيچر کي تنهنجي شڪايت ڪري توکي سزا ڏياريم،مون کي معاف ڪر۔جيڪڏهن تنهجي خوشي ان ۾ آهي ته مون کي ڪارو چئو ته ڀلي چئو مان ناراض نه ٿينديس،“اهو چئي امير بخش ڪلاس کان ٻاهر نڪري آيو۔ شهباز اهو سڀ ٻڌي هڪو بڪو ٿئي ويو ۽ سوچائين ته امير بخش ته مون کان برتر ۽ عظيم آهي، مان ان جي مقابلي ۾ تمام ننڍي ذهن جو مالڪ آهين۔ انسان رنگ ؤ روپ ۽ پيسئي سان وڏو نه ٿيندو آهي پر انسان صرف عمل ؤ اخلاق سان وڏو ٿيندو آهي۔ پوء شهباز وڃي امير بخش کان معافي ورتي ۽ امير بخش کي ڀاڪر پئي هن سان دوستي ڪئي ۽ امير بخش کي چيو:_ امير بخش! تون وڏو عظيم آهين، توپنهنجي عمل سان منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آَهن، مان تنهنجو شڪر گذارآهيان“

    دوستو! اسان کي گهرجي ته ڪنهن جي عيب کي نه ان جي چڙ ٺاهيون نه ان تي ٺٺولون ڪيون۔ ڇاڪاڻ ته الله پاڪ جي ويجهو اهو بهتر آهي جيڪو ان پالڻهار جي مخلوق کي تنگ نه ٿو ڪري۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ماشاء الله !
    بهترين ۽ سبق آمواز ۔
    الله تعالى کان دعا آهي ته بلال کي پنهنجي امان ۾ رکي ، ۽ اڳتي پڻ هن نيڪ عزم کي وڌائيڻ جي توفيق عطا ڪريس . آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ميمڻ صاحب، انگريزي مان ترجمو ڪرڻ جو انتهائي محنت وارو اوهان جو ڪم بلڪل نروار آهي، تمام عمده ۽ لاجواب ترجمو ڪيو اٿو، يقينن اوهان جو هي ڪم سنڌ سلامت ۽ سنڌين لا فخر جو باعث آهي، لک لائق۔۔۔ جاري رکجو سر۔۔۔
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا طاهر سنڌي صاحب اسلام عليڪم۔ ادا مٿين ڪهاڻي اسان جي ننڍي صاحبزاده بلال مصطفي جن انگلش ۾ لکي هئي جنهن جو ترجمو ڪري اسان ٻارڻي ادب واري صفحي تي چٽيو تاڪي بلال بابا جي تلقيد ڪندي ٻيا ننڍڙا ۽ سٻاجهڙا ٻاراڙ به همٿ ڪري نصحيت ڀريون ڪهاڻيون لکي هت ونڍ ڪن۔ پسند ڪرڻ تي اسان ۽ بلال بابا جي طرفان توهانجو شڪريوؤمهربانيون۔
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سبق آموز ليک آهي ، پياري ليک ونڊڻ لا شهزادي بلال صاحب ۽ سندن والد جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو