ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
    ۽ انهن جا ڪردار
    (هڪ جائزو)
    رياضت ٻرڙو
    ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
    پهرين ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“:هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
    (1) مُرڪڻ،
    (2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
    (3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
    (4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
    (5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
    (6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.
    انهن اصولن جي بنياد تي ”مان“ جو ڪردار دڪاندار ”انجم“ سان دلچسپ گفتگو ڪري ٿو ته جيئن پنهنجي لاءِ بهترين بوٽ وٺي سگھي. ٻئي طرف ”انجم“ به ڊيل ڪرنيگيءَ کي پڙهيو ويٺو آهي ۽ سندس رهنما اصول ياد ڪيل اٿس. نيٺ جڏهن ”مان“ ڪردار بوٽ وٺي دڪان تان لهي ٿو، ته دڪاندار کيس ڊيل ڪانيگيءَ جو هي اصول ٻڌائي ٿو: ”ٻئي جي تعريف ڪيو، هو يڪدم بيوقوف بڻجي ويندو.“
    جيتوڻيڪ هيءَ ڪهاڻي مزاحيه انداز ۾ لکيل آهي، پر ان مزاح ۾ هڪ دلچسپ نتيجو اهو ٿي ڏسي ته هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پوءِ ڪو فائدي ۾ ٿو وڃي ته ڪو گھاٽي ۾.
    ٻي ڪهاڻي ”همدردي“:هن مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ٽن نوجوانن جا ڪردار ڏيکاريل آهن، جن جا نالا لکڻ ضروري ناهن سمجھيا ويا، ۽ نه ئي انهن جي نالن جي ڪا خاص ضرورت محسوس به ٿئي ٿي. ٻه نوجوان بس ۾ چڙهيل آهن ۽ ٽيون نوجوان بس ۾ چڙهڻ چاهي ٿو ته جيئن روڊ جي اڳئين موڙ تي لهي وڃي ۽ پنهنجو پنڌ بچائي، پر پهريان ٻئي نوجوان کيس بس ۾ چڙهڻ نه ٿا ڏين ۽ پاڻ ۾ قوم جي سست هجڻ بابت ڳالهائن ٿا، ۽ جڏهن بس موڙ مڙڻ لڳي ٿي ته بس مان لهي وڃن ٿا.
    هن ڪهاڻيءَ م ٻئي کي نه سهڻ واري ڪيفيت آهي، ۽ عام رويو، ٻئي تي تنقيد ڪرڻ، پيش ڪيل آهي، پوءِ ڀلي ته پاڻ اهو تنقيد جوڳو ڪم (عمل) ڇو نه ڪجي!
    ٽين ڪهاڻي ”ڪتو“:هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار ”ڇتو ڪتو“، ڪهاڻيءَ جو واقعو ٻڌائيندڙ/راوي ”ڏاڏو رجب“ ۽ واقعي ۾ ٻڌايل ڪردار ”شاهو“ آهن. ڪتو، جنهن کي شاهوءَ پالي وڏو ڪيو، پر ڪتي ڇتو ٿي شاهوءَ کي به کاڌو، ته ڳوٺ جي ٻن ٻارن کي به، ۽ نيٺ بندوق جي فائرن کيس ماري وڌو. شاهو نيڪ دل ۽ رحم دل ماڻهو هئو، جنهن ڪتي کي ڪَهل کائي کيس ڪَسيءَ تان کنيو ۽ پالي تاتي وڏو ڪيو، پر ڪتو ڇتو ٿي پيو ۽ نتيجو اهو نڪتو، ته ”هيو برابر ’ڪتو‘ ئي“.
    ڪتي جي ڪردار تي گھڻيون ئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، جن مان ڪجھه ۾ سندس بهادريءَ ۽ وفاداريءَ جو ذڪر آهي ته ڪجھه ۾ سندس ڇتائپ ۽ لوسائپ جو. انهن خصلتن جي بنياد تي ڪتي جي ڪردار کي تمثيلي طور پيش ڪيو ويندو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ئي ڏيکاريل آهي ته ڪتي مان چڱائيءَ جي اميد نه ٿي رکي سگھجي، پوءِ ڀلي کيس ڪيترو به کارائجي ۽ سک سان رهائجي.
    چوٿين ڪهاڻي ”ٿلهي ٿيڻ لاءِ نسخي جي ڳولا“:هيءَ مزاحيه ڪهاڻي آهي، جيڪا سماج جو اونداهو رُخ ڏيکاري ٿي. مکيه ڪردار ضمير متڪلم جي صورت ۾ ”مان“ آهي، جيڪو ارڙهن سالن جو، لئيءَ جي چهبڪ جيان سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو آهي ۽ ٿلهو ٿيڻ چاهي ٿو، ان ڪري مختلف ٿلهن ڪردارن جھڙوڪ: سٻر پيٽ واري ڊاڪٽر، ڪپڙي جي واپاري سيٺ گرمکداس، چرس وڪڙندڙ وڏيري نصير، مَتاري مُلان، ۽ پيٽ واري فقيرياڻيءَ کان ٿلهي ٿيڻ جو راز پڇي ٿو. هيءَ ڪهاڻي جيتوڻيڪ کل ڀوڳ واري انداز ۾ لکيل آهي، تڏهن به سماج جي ڪجھ ناسورن تان پردو کڻندڙ آهي.
    پنجين ڪهاڻي ”شاڪ“:هيءَ ڪهاڻي به سماجي برائيءَ بالاخاني بابت آهي، جنهن ۾ خراب صحبت جي هاڃيڪار اثر جي پڻ نشاندهي ڪيل آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار قادر بخش، اقبال، حسينه ٻائي ۽ قادر بخش جي ڀيڻ (نالو ناهي ڄاڻايل) آهن. قادر اقبال جي سنگت ۾ اچي، حسينه ٻائيءَ جي بالاخاني تي جنسي باهه اجھائڻ لاءِ اچي ٿو، ته کيس جنهن عورت وٽ آڻن ٿا سا سندس ڀيڻ آهي، جنهن تان ٻنهي کي شاڪ (صدمو) رسي ٿو. ڪهاڻيءَ مان اهو پڻ سبق/نتيجو ملي ٿو ته جيڪو ڪجھ توهان ٻين سان ڪيو ٿا سو توهان سان به ٿي سگھي ٿو.
    ڇهين ڪهاڻي ”هوڏ“:ضمير متڪلم ”مان“ جي صورت ۾ لکيل ڪهاڻي آهي، جيڪا ضد جي اگري نتيجي ۽ ماءُ جي محبت بابت آهي. ”مان“ جو ڪردار جواري ۽ سگريٽ ڇڪيندڙ هڪ ٻار آهي جيڪو خرچيءَ لاءِ ضد ڪري ٿو، ۽ گھر ۾ ٽاٻڙڪو مچائي، ماءُ کان خرچي حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ خوشيءَ مان ٺينگ ڏئي نڪري ٿو ته گھڙا منجيءَ ۾ وڃي لڳي ٿو ۽ نائي ٿي پويس، جنهن تي ماءُ ٿڌي پَهي مِثل هٿڙا رکي ٿي، ته کيس ضد جي نتيجي ۽ ماءُ جي پيار جو احساس جاڳي ٿو.
    ستين ڪهاڻي ”يادون ۽ سُڪون“:ڪتاب جي هيءَ ٽائيٽل ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ غريب نوجوان (نالو ناهي ڏنل ۽ ”هُو/هُن“ ڪري لکيل آهي) جي نوڪريءَ لاءِ ڪيل ڪوششن، نوڪري ملڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ مليل سُڪون بابت آهي. ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار نوجوان هڪ غريب جو پٽ آهي جيڪو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪلارڪي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪهاڻيءَ جا ٻيا ڪردار انجنيري کاتي جو آفيسر، ٽيڪسٽائل ملز جو مئنيجر ۽ مختيارڪار آهن، جن وٽ نوجوان عجيب انٽرويو ڏئي ٿو ۽ نيٺ انٽرويوئن جي تجربي جي بنياد تي مختيارڪار وٽ ڪلارڪي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته اسان جي معاشري ۾ غريب لاءِ تعليم پرائڻ ۽ نوڪري وٺڻ ڪيڏو نه مشڪل ڪم آهي ۽ ڪيڏا نه ڌڪا ٿاٻا کائڻا ۽ بي عزتيون سهڻيون ٿيون پون. اهليت کي ڪا به اهميت نه آهي، پر اهميت چاپلوسيءَ کي آهي. هيءَ ڪهاڻي به مزاح واري اثر هيٺ لکيل آهي.
    اٺين ڪهاڻي ”نيڪي“:هيءَ ڪهاڻي ريل ڪار جي سفر ۾ هڪ ڪراڙي ۽ غريب عورت سان ٿيل جُٺ بابت آهي، جنهن سان بيمار پوڙهو به ساڻ آهي. ڪراڙي هڪ عورت کي سري جڳهه ٿي ڏئي، ته جيئن هوءَ ٻار کي کير پياري سگھي، پر عورت نيڪيءَ جي اجر ۾ پوڙهيءَ کي گھڻو ئي تنگ ڪري ٿي، ڪراڙيءَ جي ڪريل سڪن کي به پير هيٺان لڪائي ڇڏي ٿي ۽ پنهنجي مڙس کي به سيٽ تي ويهاري ٿي. هن ڪهاڻيءَ مان نتيجو ٿو ملي ته سفر ۾ هر ڪو مطلب جو يار آهي، ماڻهو خود غرض آهي، ڪنهن کي به ٻئي جي تڪليف جو احساس نه آهي.
    نائين ڪهاڻي ”ڊاڪٽر“:هن نصيحت ڀري ڪهاڻيءَ جا ڪردار ”ڊاڪٽر“ ۽ سندس ”پيءُ“ آهن. ڊاڪٽر، جيڪو ڊاڪٽري پڙهڻ دوران احساس وارو هئو ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد، ٻين ڊاڪٽرن جيان ڦورو ۽ ظالم ٿي پيو، ۽ پيءُ جيڪو سندس ستل ضمير کي جاڳائڻ آيو ته کيس ڪمري مان ڪڍي ڇڏيائين. ڊاڪٽر ڪار، بنگلي، سوسائٽي، عورت ۽ مقام کي ڇڏي نه سگھيو ۽ لالچ جي زنجيرن ۾ وچڙيل ئي رهجي ويو. سندس پيرن هيٺ انسانيت ڦٿڪندي رهي.
    ڊاڪٽر محبت هن ڪهاڻيءَ جي ”ڊاڪٽر“ ڪردار کي پاڻ، پنهنجيءَ شخصيت واسطي ٿڏي ڇڏيو. ڪهاڻيءَ جو ڊاڪٽر کلنائڪ آهي ۽ ڊاڪٽر محبت هڪ نائڪ، جنهن انسانيت واسطي ڪارن، بنگلن ۽ سهولتن کي ڇڏي ڏنو.
    ڏهين ڪهاڻي ”منگھڻ“:هيءُ پڻ ڪتي جي ڪهاڻيءَ وانگر تمثيلي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ منگھڻ کي علامتاً بيان ڪيل آهي. ڪهاڻي پر اثر آهي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار ضمير متڪلم جي صورت ۾ ”مان“ ۽ ”ماءُ“ آهن. ماءُ ”مان“ ڪردار کي منگھڻ کان خبردار رهڻ جي تڏهن وقتائتي هدايت ٿي ڪري، جڏهن هو اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي شهر کان ٻاهر ٿو وڃي.
    يارهين ڪهاڻي ”ڪٿان کان ڪٿي“:هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار نوجوان ڇوڪري، سندس ماءُ، ننڍڙو تازو ڄاول ڀاءُ ۽ ملڪه آهن. هيءَ ڪهاڻي، جنهن ۾ رب جي رضا ڏيکاريل آهي، حضرت موسيٰ عليه سلام جي ڪهاڻيءَ سان ٺهڪندڙ آهي، جنهن کي سندس ماءُ نيل نديءَ حوالي ڪيو ۽ جنهن کي بيبي آسيه رضه پاليو. ”ڪٿان کان ڪٿي“ ڪهاڻيءَ ۾ ٻارڙي جي محل تائين پهچڻ ۽ سندس ماءُ جو دائي ٿي اچڻ تائين بيان آهي. ان لحاظ کان ڪهاڻي جي شروعات ته پوري آهي، پر پڇاڙي ناهي لکيل.
    ٻارهين ڪهاڻي ”سخاوت ڳچيءَ پئجي وئي“:هيءَ ڪهاڻي هڪ شاگرد پاران ڪيل خود ڪلامي آهي جنهن جا مهيني جي پوئين تاريخ هئڻ ڪري پئسا ختم ٿي ويا آهن جنهنڪري هُو پڪوڙن تي گذارو ڪرڻ چاهي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جو ٻيو ڪردار ”فقير“ هن جا اهي پڪوڙا ۽ مانيون کڻي رفوچڪر ٿي وڃي ٿو ۽ شاگرد بکيو ئي رهجي وڃي ٿو، جنهنڪري کيس سخاوت، جيڪا هن فقير کي ماني کارائي ڪرڻ پئي، ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.
    تيرهين ڪهاڻي ”اڄ جا سورهيه“:هيءَ ڪهاڻي يونيورسٽيءَ جي هڪ شاگردياڻي جي آهي ۽ ضمير متڪلم جي صورت ۾ آهي. ڪهاڻيءَ ۾، بس ۾ سفر ڪندڙ شاگردياڻين تي ٿيندڙ ٺٺولين جي عڪاسي ڪندڙ آهي جيڪي سنڌي شاگرد ساڻن ڪن ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ شاگرد نوجوان ٺٺولين جو عمل ته ڪن ٿا، پر شاگردياڻين جو ڪو به عملي رد عمل ڏيکاريل ناهي. فقط ”مان“ ڪردار سوچن جو ڪجھه رد عمل ڏيکاري ٿو. جيئن عنوان مان پڌرو آهي ته هيءَ ڪهاڻي ”اڄ جي سورهين“ جي هلڪڙائپ کي ظاهر ڪري ٿي.
    چوڏهين ڪهاڻي ”هڪ انسان“:هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ انسان ”عيدوءَ“ جي عمر جا ٽي حصا ٻار، جوان ۽ ٻڍي، وارا ڏيکاريل آهن. عيدو جڏهن ”ٻار“ هو، ته سندس ماءُ پيءُ مٿس گھور پيا ويندا هئا. وري عيدو ”جوان“ ٿيو ته عيد محمد ٿي پيو، جنهن تي پنهنجي والدين جي وفات به ڪو اثر نه ٿي ڪري، ۽ جنهن سڀ براين جا ڪم ڪيا آهن ۽ خدا، جنت ۽ جهنم جو انڪاري آهي. ۽ آخر ۾ عيدو ”ٻڍو“ ٿيو ته سندس سگھ موڪلائي وئي، هُو اڪيلو رهجي ويو، ڪوئي ساٿي نه رهيس، جسم ٿوٿريل ۽ ٽنگون پُونءِ ڀريل ٿي پيس ۽ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس. ڪهاڻيءَ اهو ئي ٿي ٻڌائي ته هر عمر جي دور جي الڳ تقاضا ٿئي ٿي پر اها داخلي طور هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهي ٿي. فصل اهو ئي لڻبو، جيڪو پوکبو. البت هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار عيدوءَ جا ٻالڪپڻو بلڪل صاف سٿرو آهي. جوانيءَ ۾ عيدوءَ ڪيئن گناهن ۽ ڏوهن جي دنيا ۾ پير ڌريا، اهو ناهي ڏيکاريل. البت ٻڍائپ سندس جوانيءَ جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي.
    بهرحال ڊاڪٽر محبت جون هي ڪهاڻيون مزاح به سانڍن ٿيون ته سنجيدگي به. انهن ڪهاڻين ۾ رواني به آهي ته ٺهراءُ به. ڪهاڻين جي ٻولي وڻندڙ آهي، ڪردارن ۾ دلچسپي آهي، گفتگوءَ ۾ سادگي ۽ سچائي آهي، موضوعن ۾ ڏيهه ۽ ڏيهه واسين لاءِ محبت آهي ۽ سماجي مسئلن جي نشاندهي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو