سڏ سڏڪا سارون

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سڏ سڏڪا سارون


    نوجوان شاعر واحد سوز ملاح جو ڪتاب
    رکيل مورائي
    واحد سوز ملاح لاڙپٽ جي سجاول شهر جو نوجوان شاعر آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ لاڙ جي ٻوليءَ جي اها سموري سونهن آهي، جيڪا لاڙ جي سڃاڻپ آهي.۱۹۷۳ع ۾ ڄاول واحد سوز ملاح چڱي وقت کان لکي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏانهن شاعريءَ وسيلي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس محبتن ۽ محنتن جو ثمر سندس پهريون ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهنڪري هاڻ هو صاحب ڪتاب شاعر چوائڻ جو حق رکي ٿو، ان کان اڳ ۾ به سندس شاعري الڳ الڳ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. پهريون ڪتاب اچڻ تي ليکڪ کي جيڪا خوشي ٿيندي آهي ان خوشيءَ ۾ اسين واحد سوز ملاح سان شريڪ آهيون پر کيس اهو نه وسارڻ گهر جي ته هيءَ سندس شروعاتي وک آهي، اڳتي پنڌ اڻانگو آهي ۽ منزل ڏور آهي.
    سڏ سُڏڪا سارون“ واحد سوز جي ڪتاب جو نالو آهي. شاعر ڪنهن به طرح صنفن جو محتاج نه هوندو آهي پر صنفن تي طبع آزمائيءَ مان شاعر کي گهڻو ئي فائدو پوندو آهي. پڙهندڙ کي به اهو اطمينان ٿيندو آهي مان جنهن شاعر کي پڙهي رهيو آهيان اهو مڪمل شاعر آهي. ان سبب کي ڏسبو ته واحد سوز ملاح جي ڪتاب ۾ پنج شاعراڻيون صنفون آهن جن تي هن طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ به لڳي ايئن ٿو ته غزل ڏانهن شاعر جو ڌيان وڌيڪ آهي. ڪتاب ۾ صفون غزل، نظم، چَوسٽا، هائيڪا ۽ وايون شامل آهن، پر ڏسڻو اهو آهي ته انهن فارمن جي دائري اندر شاعري ڪيتري آهي. اها ئي واحد سوز ملاح لاءِ اصل ڪسوٽي ٿيندي. هن کي اڄ تائين همت افزائيءَ جي گهرج آهي. جيستائين هو پنهنجو رستو جوڙي وٺي.
    سندس هيءُ پهريون ڪتاب اهڙو امڪاني کڻي آيو آهي ته واحد سوز سچائيءَ، سادگيءَ ۽ ٻوليءَ جي سونهن سان گڏ هن سفر کي مسلسل جاري رکندو. سندس هيءُ ڪتاب اهو به ڏسي ٿو ته واحد سوز شاعريءَ سان جيڪو نينهن لڳايو آهي ان کي توڙ تائين پهچائيندو ۽ اڳتي هلي هو پنهنجي نالي سان سنڌ جو هڪ سگهارو شاعري ٿي سڃاپندو، ڇو ته منجهس هڪ شاعر جون سڀ خوبيون موجود آهن. نه رڳو اهو پر سندس شاعراڻي روايت به مضبوط آهي جنهن ۾ مولوي احمد ملاح کان شمشير، سرويچ، منشي ۽ مجيديءَ جهڙا سُخن شناس ۽ باڪمال شاعر موجود آهن. سڏ سڏڪا سارون ڪتاب جو مهاڳ سنڌيءَ ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر عبدالغفار تبسم لکيو آهي ۽ ڪتاب ۾ 192 صفحا آهن. پڪي جلد ۽ لهندڙ سج جي تصوير واري ٽائيٽل سان هن ڪتاب جو مُلهه 180 رپيا آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو