ٻولي ۽ ڪلچر بچائڻ جي ضرورت

'مقالا' فورم ۾ سرفرازملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سرفرازملڪاڻي

    سرفرازملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد، ڄامشورو، دادو
    ٻولي ۽ ڪلچر بچائڻ جي ضرورت
    عابد حسين شر
    گھڻو عرصو اڳ جڏھن سنڌي ٽي وي چئنل اسان وٽ نه ھيا ۽ سنڌي پروگرام صرف سرڪاري ٽي وي ذريعي ڏسڻ نصيب ٿيندا ھيا تنھن زماني ۾ سنڌي پروگرام ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو ھيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ٽي وي اسڪرين جي اڳيان ڪنھن سينئما گھر جھڙي رش ڏسڻ ۾ ايندي ھئي پروگرام شروع ٿيڻ بعد وچ ۾ ماڻھن جا ڳالھايا ويندڙ لفظ اھي عام ھوندا ھيا ته بابا ٿورو مٿو ھيٺ ڪر ٻانھن پاسي تي ڪر نظر نه ٿو اچي سچ پچ ته تنھن دور جو ته مزو ئي پنھنجو ھوندو ھيو تڏھن ڊرامن ۾ ڏيکاريون ويندڙ ڪھاڻيون به دل سان لڳنديون ھيون ۽ ھر ماڻھو پنھنجي ڪٽنب سان اھي پروگرام گڏ ڏسڻ ۾ ڪين ڪيٻائينديو ھيو .وقت بدلجندو ويو ۽ اسان جا سنڌي چئنل به آھستي ايندا ويا ۽ ماڻھن به وڏي خوشي محسوس ڪئي ته ھاڻي اسان کي ھفتي ۾ ھڪ دفعي بجاءِ 24 ڪلاڪن جي سنڌي نشريات ڏسڻ ۾ ملندي ۽ اسان جي ختم ٿيندڙ تھذيب ثقافت بچي سگھندي .شروع شروع ۾ ته ڏاڍا سٺا پروگرام نشر ڪيا ويا پر ھوريان ھوريان الائي جي ڪنھن جي نظر لڳي جو اسان پنھنجي سنڌي ڪلچر کي ڇڏي ڪري اسان جو سنڌي چئنلن جو لاڙو اردو ڪلچر طرف ڏانھن ٿيڻ لڳو ھاڻي ته اسان کي پنھنجا چئنل سنڌي گھٽ اردو چئنلن جھڙو ماحول گھڻو ڏيکاريو پيو وڃي.
    اوھان اھڙا کوڙ سارا پروگرام ڊرامه ڏٺا ھوندا جنھن ۾ مڪس سنڌي اردو ڳالھائي ويندي آھي مثال طور ڀاءُ کي بھائي .ڀاڄائي کي بھابي .سھري کي داماد. ماسي کي خاله ڪنوار کي دلھن چوڻ جھڙن لفظن سميت ٻيا ڪيترائي لفظ ڳالھايا ويندا آھن ۽ صبح جو سنڌي چئنلن تي نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ به اھڙا مھمان خاص طور گھرايا ويندا آھن جنھن کي ذرو به سنڌي نه ٿي اچي ۽ پوءِ مجبور ٿي ان پروگرام جو اھو ميزبان به مھمان سان گڏجي اردو ۾ڳالهائڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ پوءِ اھو سنڌي پروگرام اردو پروگرام ۾ ضم ٿي ويندو آھي ڇا توھان ڪڏھن اھو ڏٺو آھي ته ڪنھن اردو چئنل تان سنڌي ۾ پروگرام ھلندو ھجي يا ڪنھن پنجابي چئنل تي پشتو ۾ پروگرام ڏيکاريو وڃي يا ڪنھن انگلش نيوز چئنل تي عربي ۾ ڪو پروگرام ٿيو ھجي ؟
    ٻئي پاسي اسانجا ڊراما به اھڙا ٿي ويا آھن جنھن ۾ اسان جا سنڌي چئنل صرف ڌاڙيل ڪلچر تي ئي ڪھاڻيون ڏيکارڻ پسند ڪن ٿا جنھن سان ٻاھرين ملڪن توڙي ٻين صوبن ۾ اھي ڊراما ڏسندڙن ڏي ڪھڙو تاثر ويندو ته سنڌي صرف ڌاڙيل ئي آھن يا وري ڪارو ڪاري تي ڊراما ڏيکاريا ويندا آھن. اسان جي نوجوان ڳائڻن جا حال به پورا سارا آھن گانا به اھڙا ٿي ويا آھن جيڪي ھر گز اسانجي ڪلچر کي نه ٿا ڀائين اوھان ھڪ پاسي پاڙيسري ملڪ جو ٽي وي تي گانو ھلايو ۽ ٻئي پاسي اوھان سنڌي چئنلن تي ڏيکاريا ويندڙ گانو ھلايو ۽ ان جو آواز بند ڪري ڇڏيو ڳالهه مڙئي ساڳي نظر ايندي.ٻئي طرف اسانجي سنڌي گانن جي شاعرن جي شاعري به انڊين گيتن جي ترز تي ٺاھيل ھجي ٿي جيڪي مشھور گانن جي پيروڊي ڪري ٿورڙي وقت لاءِ شھريت ته ماڻن ٿا پر انھن ڪلامن جي شاعري به اسانجي سنڌي ڪلچر جي خلاف ھجي ٿي.
    سنڌ صوفين پيرن فقيرن بزرگن جي ڌرتي آھي. ھزارين سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ جي ڪا ڪھاڻي ڊاڪومينٽري فلم ھجي يا سنڌ اندر ڌارين جي آباد ٿيڻ سنڌ جي وسيلن تي ٻين جي قبضن سنڌ جي تعليم جي تباھي جي ڪارڻن تي پروگرام ڇو ڪونه پيا ڏيکاريا وڃن ڇا سنڌ اندر صرف ڌاڙيل ئي رھن ٿا ۽ اسين سڀ ڌاڙيل ئي آھيون جو ھر عيد تي سنڌين کي تحفي طور ڌاڙيلن جي ڪھاڻي بابت ٽيلي فلم ٺاھي ڏيکاري پئي وڃي ان سان به اسانجي نئين نسل تي ڪھڙا ھاڃيڪار اثر پوندا. سنڌي ٻولي جي گيتن ۾ انڊين ڪلچر جي دھنن جا گيت ۽ انڊين فلمن جھڙي وڊيو کي ڪيئن روڪجي.ان معاملي بابت ڪڏھن به ڪنھن پنھنجو آواز اٿارڻ جي ڪنھن ڪوشش نه ڪئي آھي.
    سنڌ جي ورھانڱي جي ڳالھ ھجي يا سنڌ جي پاڻي يا سنڌ اندر ڌارين جي آبادي ھجي ڪالاباغ ڊيم جو اشو ھجي يا سنڌ اندر ٻٽي مڪاني نظام جو معاملو ھجي يا پئيسن عيوض وڪرو ٿيندڙ نوڪرين جو يا سنڌ خلاف ٿيندڙ ھر سازش تي آواز اٿاريندا آھيون. ھاڻي ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته پنھنجي قديمي ٻولي کي بچائڻ لاءِ اسان جي سرڪار سميت سنڌي ٽي وي چئنلن کي اھڙا قدم کڻڻ کپن جنھن سان اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائي سگھجي اھڙو ادارو جوڙيو وڃي جيڪو ان کي چانھ جي ڇاڻي وانگر پتي کي پيئڻ کان بچائي ۽ ان بابت ھر ماڻھو کي سوچڻ کپي ڇوته اسان اڄ ان بابت نه سوچيندا سين ته اسانجو ايندڙ نسل ان ڳالھ جو زميوار اسان کي ئي ڪندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو