سرمائيڪاري ڪرڻ جو آسان طريقو۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انهن لاءِ جيڪي دنيا جي موجودا مالي بحران کي مشڪل سمجهندا هجن۔۔۔ هي ڪهاڻي مددگار ثابت ٿيندي۔۔۔

    [​IMG]

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ همراهه جو ڪنهن ڳوٺ مان گذر ٿيو هن ڏٺو ته ڳوٺ جي ٻاهر موجود جهنگ ۾ ڀولڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي جيڪي پنهنجي مختلف حرڪتن سان ايندڙ ويندڙ جي توجه پاڻ ڏانهن ڇڪرائي رهيا هيا۔۔۔۔ پر جيئن ته ڳوٺ وارن لاءِ اها ڳالهه ڪا نئين نه هئي ان ڪري ڳوٺاڻا ڀولڙن جي اهڙين حرڪتن تي گهٽ توجه ڏيندا هيا ۔۔۔ هر وقت پنهنجي روزگار سان رڌل رهندا هيا۔۔۔۔۔
    ان ماڻهون ڪجهه سوچي ان ڳوٺ ۾ پڙائو ڪيو ۽ وال سٽريٽ نالي هڪ ڪمپني جو بورڊ هڻي ڳوٺ جي ٻاهران هڪ آفيس ڪرائي تي ورتي۔۔۔۔ همراه اعلان ڪيو ته هُو في ڀولڙو 250 روپين ۾ خريد ڪندو۔۔۔۔
    ڳوٺاڻن ڏٺو ته جيئن ته ڳوٺ ۾ ڀولڙا جام آهن جن کي پڪڙڻ به آسان آهي پوءِ ڇو نه اهو سولو ڪم ڪري هو آرام سان ڏهاڙي ڪمائڻ شروع ڪن۔۔۔۔ ان ڪري ماڻهن ڌڙا ڌڙ ڀولڙا پڪڙڻ شروع ڪيا۔۔۔۔
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڳوٺ ۾ ڀولڙن جو تعداد گهٽجي ويو۔۔۔۔
    هاڻي همراه اعلان ڪيو ته في ڀولڙو 400 روپين ۾ خريد ڪندو۔۔۔
    هن دفعي هڪ هفتي جي جستجو کان پوءِ هڪ ڳوٺاڻو هڪ ڀولڙو پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو جيڪو کيس ڏي کڻي آيو۔۔۔
    همراهه اهڙي صورتحال ڏسي اعلان ڪيو ته هاڻي هُو في ڀولڙو 500 روپين ۾ خريد ڪندو۔۔۔ گڏ هن پنهنجي ماتحت کي ڀولڙا خريد ڪرڻ جي چارج ڏني ۽ پاڻ واپار جي سلسلي ۾ شهر ڏانهن روانو ٿيو۔۔۔
    همراهه جي سکيا ورتل ماتحت، ڳوٺاڻن کي گڏ ڪيو ۽ چيائين ته ڏسو مون وٽ پنجري ۾ کوڙ سارا ڀولڙا آهن ۔۔۔ مان توهان کي اهي سڀ 350 روپيا في ڀولڙو جي حساب سان ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان۔۔۔۔
    ڳوٺاڻن سوچيو ته اهو سودو نقصان وارو نه آهي۔۔۔ هو اهي ڀولڙا خريد ڪري همراه کي 500 روپيا في ڀولڙو کپائيندا۔۔۔ اهڙي نموني هو هڪ ڀولڙي تي 150 روپيه منافعو ڪمائيندا۔۔۔۔
    هڪ ئي ڏينهن ۾ ماتحت سمورا ڀولڙا کپائي ڇڏيا۔۔۔۔
    ٻئي ڏينهن ڳوٺاڻا صبح جو سوير ئي اٿي سمورا ڀولڙا ساڻ ڪري ڳوٺ جي ٻاهران همراه جي آفيس آڏو پهتا ۔۔۔۔۔ پر ۔۔۔۔۔۔ همراه سميت کين ماتحت به وري نظر نه آيو ۔۔۔ بس بورڊ تي وال سٽريٽ لکيل ڀليڪار ڪندڙ بورڊ نظر آيو ۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا هيءَ ته ساڳي شگرملز وارن جي داستان آهي، جيڪي ڪمند مڻ 100 رپين جي اندر خريد ڪن ٿا وري جڏهن کنڊ تيار ٿئي ٿي ته 40 رپيا ڪلو ته رڳو ڊسٽريبيوٽرز کي ڏين ٿا۔۔۔
    تمام بهترين ڳالهه توهان سمجهائي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو