ڪونجڻين ڪڻڪار

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2013۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙي جي ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“ تي تاثر
    ڪونجڻين ڪڻڪار
    عابد ڪاظمي
    وقت ڇا آهي؟ اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا بنا ساهيءَ جي گذرندي رهي ٿي؟ جيڪڏهن اهو گذري نه ٿو ته ڪٿي آهي؟ اهو ڪٿي ته لازمي هجڻ گهرجي. اهي ڪٿان اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن هليو وڃي ٿو؟ ان جا لمحا ڪٿان کان شروع ٿين ٿا ۽ ڪٿي وڃي دنگ ڪن ٿا؟ وقت ڇا آهي؟
    مان اڪثر انهيءَ تي سوچيندو رهندو آهيان، پر هن ڪائنات جي وشال ڪئنواس تي لکين اهڙا خيال چِٽيل آهن جن جا رنگ مدهم آهن ۽ هزارين اهڙا تصور آهن جن جا مڪمل جواب نه ٿا ملي سگهن ۽ ان لاءِ مختلف رايا موجود آهن. وقت جي اڪيڊمڪ بحث مان مون اهو پروڙي ورتو آهي ته ان جو سڦلائتو استعمال ڪهڙو آهي! اسان جو ماضي بي تغير آهي. هزار ڪوششون ڪيون، ان ۾ تبديلي آڻي نه ٿا سگهون ۽ اسان جو آئندو هڪ افسانو myth آهي. جيڪي اسين سوچي ويهون، سڀ ان جي ابتڙ ٿي سگهي ٿو. بس اسان جو اختيار پنهنجي هلندڙ وقت تي آهي، ۽ صاحب فهم ماڻهو اهو هنر رکندا آهن ته انهن جو استعمال ڪيئن ڪجي ۽ رياضت به انهن مان هڪ آهي.
    مون جڏهن 2003ع ۾ پروگرام پروڊيوسر طور ريڊيو پاڪستان جوائن ڪيو هو، ان وقت ريڊيو لاءِ منهنجو رايو هو ته ان جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، بس بيروزگاريءَ جي اذيت کان پناهه وٺڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي، پر جڏهن مون ڪم شروع ڪيو ته منهنجي راءِ غلط ثابت ٿي، ڇو ته ريڊيو کي مون هڪ طاقتور ميڊيا جي حيثيت ۾ لکين ماڻهن تائين پهچندي ڏٺو ۽ ان مشاهدي منهنجي اندر ۾ موجود سماجي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ شخص کي حوصلو ڏنو. ڪارل مارڪس جو قول منهنجي آفيس جي ديوار تي سندس تصوير سان گڏ لکيل آهي ته اڄ تائين فلسفين دنيا جي صرف تشريح ڪئي آهي، جڏهن ته اصل مسئلو دنيا کي تبديل ڪرڻ آهي. اسين ڀلي ڪو سياسي يا اقتصادي انقلاب آڻڻ جي سگهه نه رکندا هجون، پر ايترو ويساهه ضرور آهي ته اسين ماڻهن جي روين ۾ تبديلي آڻي انهن کي معاشري جو ذميوار فرد بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. ان سوچ تحت مون ريڊيو پاڪستان جي پاليسين کي نظر ۾ رکندي اهڙا پروگرام ترتيب ڏنا جيڪي انساني روين جي سائنسي بنيادن تي بحث ڪندي ان جي تربيت جي ذميواري نڀائي سگهن. ان ڪم ۾ ظاهر آهي اهڙن دوستن جي ضرورت محسوس ٿي جيڪي اهل علم ۽ سماجي شعور رکندڙ هجن ۽ ان کي استعمال ڪرڻ ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي اصولن مطابق هنر به رکندا هجن. ان ڳولا ۾ مون کي عادل عباسيءَ کان وٺي رياضت ٻرڙي تائين تمام گهڻا ساٿي ملي ويا جيڪي روايتي لفاظيءَ کان هٽي ڪري بامعنى ڪم ۽ مقصديت ڀريو ڪم ڪرڻ جي فن جا ماهر آهن. منهنجي ان انداز جي ڪم تي پنهنجي سينئرن سان ۽ ٻين هم پيشه ساٿين سان بحث به ٿيا جن مان اڪثر سينئر آفيسرن حوصله افزائي ڪئي ۽ گڏوگڏ رهنمائي به ڪئي.
    رياضت ٻرڙو هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ صرف نغما هلائڻ ۽ تفريح لاءِ ٽوٽڪا لکڻ جو ڪم نه ڪيو بلڪ هڪ اهل دانش اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي پروگرام جا اسڪرپٽ ڄاڻ، علم، فڪر ۽ رهنمائيءَ واري صلاحيت سان لکيا جن ۾ معلومات، دلچسپ اندازِ بيان، تفريح ۽ اڪيڊمڪ مباحثا به شامل رهيا. هن ابتدا کان وٺي ڊسڪ جاڪي پروگرام ”لاڙڪاڻو اسپيشل“ تسلسل سان ڪيو آهي.
    ڊسڪ جاڪي پروگرام موسيقيءَ ۽ تفريح ڀرين دلچسپ ڳالهين تي مشتمل هوندو آهي. رياضت ان جي بنيادي گهرج کي بحال رکندي ان کي اصلاحي، علمي ۽ معلومات ڀري اسڪرپٽ سان سنواريو. سندس موضوعن ۾ انساني ڪيفيتن جي گوناگون دنيا جي سفر سان گڏوگڏ ثقافتي، ادبي ۽ فڪري پهلوئن جو مشاهدو به شامل آهي. هن معلومات ۾ سنڌ جي شخصيتن، تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن، ادب کي به گفتگوءَ جو موضوع بڻايو، ته گڏوگڏ انسان جي من اندر جهاتي پائي سندس دل ۽ دماغ جي دنيا کي به سمجهي بيان ڪيو. هن حضرت عليؑ کان وٺي جديد دَور جي باوقار ماڻهن تي به لکيو، شاعريءَ جي پرڪيف ۽ حساس احساسن جا به رنگ رچيا ته گڏوگڏ شاهه لطيف، شيخ اياز کان وٺي لاڙڪاڻي جي لوڪ ادب جي ڏاهن سان به ٻڌندڙن کي ملايو. هن عالمي ڏهاڙن جي پس منظر ۾ سماجي شعور کي به اجاگر ڪيو ته گڏوگڏ انساني ڪٽنب جي فرد هجڻ ناتي ذميوارين جو احساس به ڏياريو آهي. سندس لکڻ جو انداز سادو ۽ بيان جو اظهار اثرائتو آهي. مثال طور هو هڪ پروگرام جي اسڪرپٽ ۾ محبت جي نفيس ۽ نرمل جذبي تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته:
    محبت بابت گھڻو ئي ڳالهايو، لکيو ۽ سوچيو ويچاريو ويو آهي، تڏهن به محبت بابت سدائين نئين کان نوان جذبا ۽ احساس ماڻهوءَ جي من ۾ ڪَر موڙيندا رهيا آهن. عام احساس هيٺ محبت به عام جذبو هوندي آهي، پر خاص احساس هيٺ، جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جي ڪائنات جاڳڻ لڳندي آهي، جڏهن ان سجاڳيءَ ۾ خمار به هوندو آهي ته قرار ۽ انتظار به هوندو آهي، تڏهن محبت خاص جذبو بڻجي پوندي آهي.... ان لمحي محبت جي معنى ڪا هڪ مخصوص ۽ سادي معنى ناهي هوندي، جيڪا ڊڪشنريءَ ۾ لکيل هجي يا جنهن جو ذڪر محبت تي لکيل ڪتابن ۾ سولائيءَ سان ملي وڃي، پر ان محبت جي وسعت هن وشال سنسار وانگر وسيع ٿي ويندي آهي.“
    ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته رياضت جا موضوع ۽ بيان به وسيع آهن، ڪٿي ڪٿي جيڪڏهن هو مبالغانه گفتگو ڪري به وڃي ٿو ته جلدي ئي وري حقيقت پسندانه Approach اختيار ڪندي شين کي بلڪل حقيقي انداز ۾ بيان ڪري ٿو.
    رياضت ٻرڙو ڌيمي انداز ۾ گفتگو ڪندڙ، نرم مزاج ۽ حساس ليکڪ آهي. هو معاشري جو ذميوار فرد هجڻ سان گڏوگڏ محبت ڪندڙ ۽ مخلص دوست به آهي. هو هر وقت فن ۽ فڪر جا نوان جهان ڳوليندو رهندو آهي، ليڪچرر جي محنت طلب نوڪريءَ سان گڏ ريڊيو، پبليڪيشن جيڪم، لکڻ پڙهڻ ۽ سماجي خدمت جي محنت طلب ڪمن ۾ هر وقت مصروف رهندڙ به آهي ۽ سندس شخصيت جا اهي سمورا رنگ هن جي ريڊيو پروگرام جي اسڪرپٽ ۾ به شامل رهيا آهن. سندس هي ڪتاب ريڊيو جي اسڪرپٽس تي مشتمل آهي، جيڪو انفراديت سان گڏوگڏ محض ريڊيو جي اڪثر سڪرپٽ لکندڙن جيان لفاظي نه آهي، پر پڙهندڙن جي علمي ذوق جي پورائي جو ڪامياب ۽ بهترين ذريعو به ثابت ٿيندو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو