خدا اڄ تائين ان قوم جي حالت ناهي بدلي .........

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    چوندا آهن ته هڪ جبل جي چوٽي تي لڳل هڪ وڻ تي هڪ عقاب پنهنجو آکيرو ٺاهيو هو۔۔۔ جنهن ۾ هن جا ڏنل چار آنا رکيل هئا۔۔۔ هڪ ڏينهن زلزلي جي جهٽڪي سان هڪ آنو هيٺ ڪري پيو جتي هڪ ڪُڪڙِ جو آشيانو هو۔۔ ڪُڪڙِ عقاب جي آني کي پنهنجو آنو سمجهيو ۽ سيني جي هيٺان رکي ڇڏيو۔۔
    هڪ ڏينهن ان مان هڪ ننڍڙو پيارو عقاب پيدا ٿيو۔۔ جنهن پاڻ کي انهي ڪُڪڙِ جو چوزو سمجهيو ۽ کائنس پرورش وٺندو رهيو۔۔ آخر پاڻ کي ڪُڪڙِ سمجهندو وڏو ٿيو ته هڪ ڏينهن ٻين ڪُڪڙين سان کيڏندي پري آسمان جي اوچاين تي ڪجهه عقابن کي اڏرندي ڏٺو۔۔ هُن جي دل سٽ کاڌي ته ڪاش هُو به انهن وانگر اڏري سگهي ها۔۔۔ جڏهن هُن ان ڳالهه جو اظهار ٻين ڪڪڙين سان ڪيو ته انهن سندس جو مذاق اڏايو ۽ ٽهڪ ڏيندي چيو ته تون هڪ ڪُڪڙِ آهين ۽ تنهنجو ڪم عقابن وانگر اڏرڻ ناهي۔۔۔
    چون ٿا ان کان پوءِ ان عقاب اڏرڻ جي حسرت دل دٻائيند هڪ وڏي عمر گذري ۽ ڪڪڙين وانگر زندگي گذاري ۽ ڪڪڙين وانگر ئي موت ڏنو۔۔۔

    ڪاٽو سوچون دل ۾ رکي زندگي گذارڻ انهن سوچن جو غلام بڻجي زندگي گذارڻ برابر آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان عقاب آهيو ۽ توهان جا خواب آسمانن جي اوچاين تي اڏرڻ جا آهن ته پوءِ پنهنجي خوابن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪريو۔۔ ڪنهن ڪُڪڙِ جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيو۔۔ ڇو ته انهن توکي به پاڻ سان گڏ اونهاين ۾ رکيو آهي۔۔ پنهنجي ڪردار کي بلند رکڻ ۽ پنهنجي نظرن کي منزل تي رکندي عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌائڻ ئي توهان جي ڪاميابي جو رستو هجڻ گهرجي۔۔۔ جي ڳالهه اڳتي نه وڌي ته پنهنجي روزانو جي عادتن کان هٽي ڪري ڪجهه ڪرڻ به ڪاميابين کي آسان بنائڻ آهي۔۔۔ ۽ پوءِ اهو به ته ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ۔۔۔

    خدا اڄ تائين ان قوم جي حالت ناهي بدلي
    جنهن کي پنهنجي حالت بدلڻ جو خيال نه آيو۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    إِنَّ اللَّهَ لا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتَّى يُغَيِّرُوا مَا بِأَنْفُسِهِمْ
    بيشڪ الله تعالي نه ٿو مٽائي (ان) قوم کي جيڪي پنهنجو پاڻ کي نه ٿا مٽائين.
    سورة رعد آيت 11
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي اهڙا ڪم ڪري ويندو آهيان جن جي تڪميل تي پهچڻ کانپوء حيرت ٿيندي آهي ته مان اهو سڀ ڪري سگهان ٿو ۔۔۔ پر الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن ڪي سولا ۽ آسانيء سان ٿيندڙ ڪم به ڪري ناهيان سگهندو ۔۔۔۔

    پر جڏهن حوصلو بلند هوندو آهي ته ماڻهو پهاڙ به سر ڪري وٺندا آهن ۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    همٿ مردان ، مدد خدا ، نا همٿ مردان بيزار خدا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالعزيز سمون

    عبدالعزيز سمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2012
    تحريرون:
    348
    ورتل پسنديدگيون:
    613
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    243
    هڪ سچ چيو اٿو ، ڪوشش بغير ڪو به ڪم ڪرڻ ناممڪن آهي ،ويٺي ته شينهن به مريو وڃن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تدبير سان تقدير“ مطلب ته جهڙو سوچيندا آهيون اهو ئي حاصل ڪندا آهيون ۔۔۔ هونءَ ته واڳ ڌڻيءَ جي وس آهي پر الله تعالا چيو آهي ته اوهان خئير جي طرف سوچيو ته آءُ اوهانکي عمل جي سگهه عطا ڪريان، اوهان هڪ قدم کڻو ته آءُ اوهان سان شامل حال ٿيان۔

    انڪري چيو اٿن ته سوچون سر گهرن ۔۔۔

    تمام سهڻو ونڊ ۔۔۔ لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪوشش ته مان به ڪجهه ڪرڻ جي ڪندو آهيان پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪندو ڪجهه آهيان ٿي ڪجهه ويندو آهي
    ڪوشش ڪاميابي ء جي ڪنجي آهي۔

    جيڪڏهن گهڻو سوچڻ کان ٿورو ڪجهه عمل ڪجي ته تقدير به بدلجي سگهي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو