سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبُڪ (صاف) جي ٻئين سالگرهه ۽ مچ مشاعرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مختلف ملڪن ۾ ملهايل سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبُڪ (صاف) جي ٻئين سالگرهه رپورٽ
    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ، تصويرون : عبدالحفيظ لغاري


    انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي بين الاقوامي ادبي تنظيم سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ جي ٻئين سالگرھ 6 فيبروري 2013 تي مختلف ملڪن ۾ ملھائي وئي۔ هندستان جي مختلف شهرن ۾ صاف انڊيا جي چيئرمين اندرا شبنم پونا والا جي اڳواڻي ۾ پورو ھفتو تقريبون ٿي رهيون آهن. ان سلسلي جي پھرين سالگرھ تقريب جو پروگرام پوني ۾‌ٿيو، جنھن ۾هندستان جي ناليوارن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ھن سال سنڌي ادبي ايسوسيئيشن جي مرڪزي جنرل سيڪٽري ذوالفقار بھڻ اعلان ڪيو ھو ته ايسوسيئيشن جي سالگرھ تقريبن جي موقعي تي مشاعرن جون محفلون ڪرايون وينديون، ان سلسلي ۾ هڪ مشاعرو 2 فيبروري 2013 تي پونا انڊيا ۾ ٿيو۔ سالگرھ جي حوالي سان ٻي تقريب هندستان جي شهر الھاس نگر ۾ 4 فيبروري تي ٿي اتي به مشاعري جي محفل سجائي وئي۔

    صاف جي سالگرھ جي مرڪزي تقريب 6 فيبروري تي ڪراچي ۾ ملهائي وئي. سخت سردي جي موسم ۾ سالگرهه تقريب سان گڏ مچ مشاعري جي محفل به رکي وئي. اها سالگرهه تقريب سچل ڳوٺ ڪراچي جي روشن تارا اسڪول ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ملهائي وئي. ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي تقريب کي براھ راست وڊيو اسٽريمنگ وسيلي سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ تي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن آنلائين ڏٺو. هن تقريب ۾ سچل ڳوٺ ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان آيل ادب دوستن حصو ورتو ۽ مشاعري جي محفل مان لطف اندوز ٿيا. سالگرھ تقريب جي مشاعري جي صدارات ناليواري شاعر عبدلغفار تبسم ڪئي جڏهن ته مهمان خاص ناليوارو شاعر مختيار ملڪ هيو. مشاعري ۾ سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل شاعرن پنھنجي پنھنجي شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو۔
    محبتي ماڻهن جي هن ميڙ ۾ ملهايل هن مشاعري جي شروعات غلام سرور ڀٽو پاران شاهه لطيف جي وائي سان ٿي. محفل مشاعري جي ڪاروائي صاف جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار بهڻ هلائي جڏهن ته عبدالغفار تبسم، صاف چيئرمين ھدايت بلوچ، اصغر باغي، مختيار ملڪ، مسرور پيرزادو، شفقت کوسو، مرتضى شيخ، شاھجھان سميل، شبير لاکو، ياسر منگي، ڏاترشر، آتش پھنيار، عابد مظھر، سجاد ظھير ۽ ذوالفقاربھڻ شاعري ٻڌائي داد حاصل ڪيو. ذوالفقاربھڻ سنڌي ادبي ايسوسيشن ڇو ۽ ڇالاء؟ صاف جا مقصد، صاف جي ڪارڪردگي، ٻولي کي ٽيڪنالوجي ذريعي انٽرنيٽ تي سڌريل ٻولين جي مقابلي ۾ آڻڻ لاء تنظيم جي ڪردار تي ھڪ جامع رپورٽ پيش ڪئي۔

    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ ترجمان ۽ سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن جديد دور ۾ اهو اسان سڀني سنڌين جو فرض آهي ته ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي امير بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون. ھن ٻڌايو ته صاف دنيا جي سڀني سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاء جدوجهد ڪئي آهي. ھن چيو ته اڄ به ڪمپيوٽر تي ٻوليء لاء ڪم ڪندڙن ۾ ادارن بجاء انفرادي طور ڪوششون ٿيون آهن. ان سلسلي ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻولي جا خير خواھ انٽرنيٽ ، ٽيڪنالوجي تي ڪوششون وٺي رھيا آھن جن ۾ ماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم بي لوث ۽ اڻ ٿڪ ڪوششون ورتيون آهن. هن سڀني سنڌين کي اها دعوت ڏني ته پنهنجي ٻارن کي ٽيڪنالاجي جي دنيا کان واقف رکن ۽ انهن کي سنڌي ادب سان به روشناس ڪرائن.
    سالگرھ تقريب جي محفل کي مختصر خطاب ڪندي حميد ڀٽو چيو ته فن ثقافت، ادب جي واڌ ويجھ لاء انٽرنيٽ جي ذريعن وارو ميدان خالي ڇڏڻ قومي مجرماڻو فعل ثابت ٿيندو۔ سالرھ تقريب ۾ ڪھي آيل مهمانن جا سچل ڳوٺ جي معزز ۽ سنڌي گريجوئيٽس جي مرڪزي عهديدارتاج محمد وساڻ ٿورا مڃيا۔ مشاعري محفل جي صدارت ڪندڙ ناليواري شاعر عبدالغفارتبسم ايسوسيشن جي عھديدارن ، ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ھيٕءَ تنظيم 2 سالن ۾ ترقي ڪندي ھڪ عالمي سنڌي ادبي تنظيم ٿيڻ ڏانھن وکون کڻي رھي آھي۔

    مشاعري محفل جي تقريب ۾ ڪراچي ۽ ٻين شھرن کان آيل ماڻهن ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا جي سرگرم شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ڊاڪٽر اسحاق انصاري،زاھد ميراڻي،ضياء ابڙو، عبدالحفيظ لغاري، ڪرم الاھي چنا، ھمسفرگاڏھي، غلام مرتضي وساڻ، علي انور بالادي، غلام رسول ٻٻر، غلام سرور وساڻ، پرويز وسطڙو، عارف جهتيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ مرڪزي چيئرمين ھدايت بلوچ سمورن مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ پريس ڪلب گھوٽڪي ۾ چيئرمين صاف (سنڌ) رئوف پارس دايو جي اڳواڻي ۾ ملھائجندڙ سالگرهه تقريب جي تعريف ڪئي، هن چيئرمين صاف (انڊيا) اندرا شبنم پونا والا، جنرل سيڪريٽري صاف انڊيا پرڪاش سيوڪ آھوجا ۽ ترجمان صاف ( انڊيا) انيل آھوجا کي پورو ھفتو سالگرھ تقريبون ملھائڻ تي مبارڪون ڏنيون۔ پرڪاش سيوڪ آھوجا ۽ رسول بخش دائود پوٽو طرفان صاف جي سٿ کي ڀيٽا لاء شاعريءَ جي پڻ تعريف ڪئي۔ هدايت بلوچ پاران سعودي عرب جي صاف چيئرمين نظر پياسي، جنرل سيڪريٽري صاف (سعودي عرب) حسن صغير جتوئي ۽ آرگنائيزر صاف نثار ابڙو کي سعودي عرب ۾ سالگرھ جي موقعي تي مشاعرو ڪرائڻ تي مبارڪ پيش ڪئي۔ ھن موقعي تي عھد ڪيو ويو ته امڙ جي ٻوليءَ کي ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ مالا مال ڪرڻ لاء ڪوششون جاري رھنديون۔

    تقريب جي آخر ۾ نيڪ تمنائن سان ٻئين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو جنھن ۾ گھوٽڪي جي سمورن ساٿين براھ راست اسٽريمنگ جي ذريعي ھيپي برٿ ڊي ڳائي تاڙيون وڄائي ڪراچي واري تقريب ۾ انٽرنيٽ ذريعي آن لائين شرڪت ڪئي۔ اهڙي طرح رات دير سان هي سالگرهه تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ ناليوارو شاعر عبدالغفار تبسم شاعري پيش ڪندي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ صاف چيئرمين هدايت بلوچ شاعري پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ ناليوارو شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيارملڪ شاعري پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ محترم اصغر باغي شاعري پيش ڪندي​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ عابد مظهر شاعري پيش ڪندي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ مسرور پيرزادو شاعري پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ مرتضى شيخ نظم پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ شاهجهان سُميل پنهنجي شاعري پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ ياسر منگي غزل پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ ذوالفقار بهڻ شاعري پيش ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ آيل مهمانن کي تاج محمد وساڻ ڀليڪار ڪري رهيو آهي.​
    [​IMG]
    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبڪ (صاف) پاران سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ منعقد ڪيل ٻئين سالگرهه تقريب ۽ مچ مشاعري ۾ صاف ترجمان ۽ سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ ٻوليء جي بهتري لاء بريفنگ ڏئي رهيو آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    ادا سليمان وساڻ توهانجون محنتون تمام گهڻيون ساراه جڳيون آهن
    توهان هميشه سنڌ لا ڪوشش ڪندا رهيا آهيون ، توهان جي ڪري اڄ مان انٽرنيٽ تي سنڌي ۾ لکي سگهان ٿو
    ادا ڌرتي ما جي خدمت ڪري ڌرتي جو سچو پُٽ هجڻ جو سبوت ڏنو آهي
    توهان جي وڏي مهرباني

    اوهان کي دعائون ڪندڙ
    محمد جان زريناڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني ڀاء

    اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار

    اميد ته اسان سڀ گڏجي پنهنجي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهنداسين۔ اوهان بهترين سنڌي لکي رهيا آهيو، ان لاء اوهان کي جس هجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار رپورٽ ته مشاعري کان به وڌيڪ مزو پئي ڏي۔ پر بهرحال پهريون دفعو مشاعرو وڻيو۔ ۽ هي راءِ قائم ٿي۔

    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ وارن دوستن پاران ڪرايل مشاعري کي ٻُڌي اندازو ٿيو ته شاعر جيڪڏنهن هر فورم تي پنهنجي چونڊ شاعري پيش ڪري مقدار کان معيار کي ترجيح ڏين ته واهه واهه ٿي وڃي. پاڻ به خوش ته کين ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ وارا به خوش۔

    ادا سليمان وساڻ اجازت هُجي ته”صاف ترجمان ۽ سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ ٻوليء جي بهتري لاء بريفنگ“ آن ايئر ڪجي؟؟؟؟؟؟ :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها ابا اوهان جي خواهشن جي هميشه تڪميل ڪئي آهي ۔۔۔۔ اوهان جي شديد خواهش آهي ته پوء ڀلي لڳايو۔
     
  7. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! اسان کي دعوت ڇونه هُئي؟:(
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    بلڪل اوهان کي به دعوت هجڻ گهرجي ها خبر ناهي ادو سليمان ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۔۔۔۔۔ته ڇو نه ڏئي سگهيا دوعت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ابا! بِلڪُل ادا سليمان ڏيو جواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟:(
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    امان سهڻي پارس ڳالهه اها آهي ته سليمان وساڻ جا سواءِ نوڪري جي ٻيا سڀ ڪم اچانڪ هوندا آهن۔ ڪو پلان يا ٽائيم فڪس نه هوندو آهي۔ اوهان يقينن يقين نه ڪندؤ پر اها حقيقت آهي ته انهي پروگرام جي خبر سليمان کي به پروگرام کان ڪلاڪ اڳ پئي جڏنهن هو آفيس کان موٽي رهيو هو۔ مشاعرو منهنجي گهر سان ويجهو بلڊنگ ۾ هُجڻ ڪري هنگامي طور مونکي انتظام سنڀالڻ جو چيو ويو۔ ۽ تڙ تڪڙ ۾ اهو سڀ ڪرڻو پيو۔
    سو سڀني کي دعوت نه ملي سگهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن مشاعري جي عام دعوت فيسبوڪ جي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن جي ٻنهي گروپس سان گڏ فيسبوڪ تي به سڀني کي ڏني وئي هئي۔ سائين سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي سبب اندازو هو ته شايد هي مشاعرو ۽ محفل ڪينسل ٿئي۔ پر پوء به آخري وقت ۾ سڀني دوستن کي فيسبوڪ ذريعي ئي دعوت ڏني وئي هئي۔

    ڪنهن کي به ذاتي طور ڪو دعت نامو ڪونه موڪليو هو۔ پوء به معذرت ڪجي ٿي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون وڪيل صاحب ۔۔۔۔ مان ته هونء ئي جواب ڏيان هان ۔۔۔ ؟؟؟ اهو سوال اوهان کان ته ڪونه پڇيو ويو هو، پر پوء به جواب ڏئي چڪو آهيان ۔۔۔۔ اميد ته ناراضگي ختم ٿيندي۔
     
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن محفل جي پڇاڙي ۾ سليمان وساڻ جيڪو پُرجوش خطاب ڪيو سو به ٻُڌڻ وٽان هو۔

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    واھ محمد سليمان اوھان کي جس ھجي تمام خوبصورت ۽ پيرائتي رپورٽ ونڊ ڪرڻ تي اوھان کي مبارڪون ھجن۔
    آءُ صاف جي عھديدارن، ڪارڪنن ۽ ھمدردرن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو۔ جن مختلف ملڪن ، شھرن ۾ 2 سالگرھ جي موقعي تي مشاعرا ڪرايا، فيسبڪ تي پنھنجي تصوير بجائي صاف لوگو کي نمايان ڪيو_ انھن سمورن ھمدردن جي به مھرباني جن ٽيليفون ۽ اي ميل ڪري ھمت افزائي ڪئي۔ ڪجھ دوست ڪن مجبورين تحت ڪراچي واري مک تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگھيا پر ھمت افزائي ڪندا رھيا ، انھن سڄڻن جي به وڏي مھرباني۔

    ادارا انفرادي ڪوششن سان نه پر اجتماعي ڪاوشن سان منزل ماڻيندا آھن .
    مونکي به فخر آھي جومنھنجا قابل فخر دوست تنظيم کي فعال رکڻ ۾ سڏ ۾ سڏ ڏيندا رھيا آھن۔

    صاف انڊياجي قابل فخر عھديدارن خاص طور اندرا شبنم پوناوالا،پرڪاش سيوڪ ۽ انيل سيوڪ مبارڪ جا مستحق آھن جن پورو ھفتو صاف جي سالگرھ تقريبن جو اھتمام ڪيو۔

    صاف سعودي عرب جا قابل فخر عھديدارنظرپياسي، صغير جتوئي،نثار ابڙو ،دانش لطيف تيوڻو ۽ ٻين کي ڪامياب سالگرھ تقريب ڪرڻ تي مبارڪون۔

    صاف گھوٽڪي جي صدر رئوف پارس دايو ۽ سندس سموري ٽيم کي مبارڪون جن ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي گھوٽڪي ۾ ملھائجندڙ سالگرھ تقريب کي اسٽريمنگ جي ذريعي انٽرنيٽ تي ڏيکارڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو۔
    ان کان علاوھ مرڪزي عھديدار جن ۾ ھدايت بلوچ، محمد سليمان وساڻ کي به مبارڪون ڏيان ٿو۔
    ذوالفقاربھڻ .
    مرڪزي جنرل سيڪريٽري
    سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبڪ (صاف)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذوالفقار بھڻ

    ذوالفقار بھڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2010
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    203
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi ڪراچي
    (رپورٽ: رئوف پارس دايو)

    سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ (صاف) جي ٻئين سالگرهه جي موقعي تي (صاف ) ضلعي گهوٽڪي پاران سالگرهه ۽ مشاعري جو پروگرام تاريخ 06.02.2013ع تي پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ 5.00 لڳي شام جو پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ ٿي گذريو جنهن جي صدارت محترم الهورايو بوزدار ڪي.ٽي.اين ۽ ڪاوش جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان گهوٽڪيءَ خاص مهمان گهوٽڪيءَ جي مشهور علمي ۽ ادبي شخصيت محترم سيد تراب علي شاهه جن هئا.

    پروگرام جي شروعات ۾ ٻئين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽن جي رسم ادا ڪرڻ بعد (صاف ) ضلعي گهوٽڪي جي صدر رئوف پارس دايو آيل مهمانن جي آجيان ڪندي ٻڌايو ته صاف جو قيام 6 فبروري 2011ع تي عمل ۾ آيو جنهن ۾ ڊاڪٽر امداد سهتو، هدايت بلوچ، ذوالفقار بهڻ، ابراهيم هنڱورو، اندرا پونيوالا، رئوف پارس دايو ۽ ٻين جون ابتدائي ڪوششون شامل آهن. صاف ضلعي گهوٽڪي پاران گذريل سال جيان هن سال به سالگرهه وڏي اهتمام سان ملهائي رهيا آهيون.

    ان موقعي تي هيٺين ساٿين پنهنجون ڪوتائون پيش ڪيون:
    1. رئوف پارس دايو (گيت)
    2. سڪندر مگسي (غزل)
    3. سرور سيوائي (چؤسٽو)
    4. نويد چاچڙ (غزل)
    5. ماجد ميراڻي (غزل)
    6. اياز لطيف دايو (بيت)
    7. ايس.جي ڀاڳيا (غزل)
    8. عبدالحئي ڀٽو (غزل)
    9. سيد تراب علي شاهه (گيت)
    10. الهورايو بوزدار (غزل)

    هن سالگرهه ۽ مشاعري جي پروگرام ۾ هيٺيان ساٿي شريڪ ٿيا:

    رئوف پارس دايو، الهورايو بوزدار، سيد تراب علي شاهه، ايس،جي ڀاڳيا، حافظ محمد صادق سميجو، آغا محمد بلاول پٺاڻ، امام بخش سميجو، سجاد احمد دايو، محمد يوسف لاشاري، ارشد عزيز ڪولاچي، عرفان علي رڪ، زبير احمد دايو، استاد جمال شاهه، نويد چاچڙ، محمد سليم دايو، ماجد ميراڻي، عبدالحفيظ ڏهر، غلام سرور سيوائي، عبدالرحمان دايو، اياز لطيف دايو، ڪامريڊ سيد جمال شاهه، فيصل دايو، سڪندر مگسي، وجيش ڪمار، فرمان علي سومرو، ڪاظم امير بخاري، اياز شيخ، عبدالباقي پٺاڻ، بادل ملڪ، ۽ سائينڏنو عباسي شامل آهن. هي سالگرهه جو پروگرام شام جو 5.00 لڳي شروع ٿي شام جو 7.00 لڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
    [​IMG]

    ============================

    رپورٽ پرڪاش سيوڪ آهوجا.

    (انڊيا /الھاسنگر)
    سنڌي ادبي ايسوسيشن فيسبوڪ جي ٻي سلگره سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن،شهرن ۾ ملھائي وئي۔انڊيا ۾ صاف جي سالگرھ پورو ھفتو ملھائي وئي، جنھن سلسلي ۾ پھرين فيبروري تي اندرا شبنم پوناوالا چيئرمين صاف انڊيا جي سندس ئي شھر ۾ پونا ۾ ملھائي وئي
    جنهن ۾ سنڌي ليکڪا تارا ميرچنداڻي،گورڌن شرما گهايل،پرڪاش سيوڪ آهوجا،انيل آهوجا، شامل ٿيا،مشاعري جي محفل ٿي ۽صاف جي سلگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو۔

    اُلهاسنگر ۾ سنڌو سوشل سيوڪ جي طرفان صاف جي سالگره 4.2.2013 تي ملھائي وئي،سوامي شانتي پرڪاش يوگا ڪيندر ۾ مشاعرو ڪرايو ويو،دادا دولترام چانڊواڻي جي آشيرواد سان پروگرام جي شروعات آرتي سان ڪئي وئي مشاعري ۾ ڀاڳ وٺندرون کي سنڌو سوشل سيوڪجي طرفان صاف جي سهڻي ٽرافي ڏني وئي.اندارن شبنم صاف انڊيا جي چئرمين پنهنجي غزل پيش ڪئي.،انيل آهوجا سڀني آيل مهمانن جا شڪرانا مڃيا،صاف جي سلگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ، جنهن ۾ ميڊيا جو ڪوريج تمام سندر هو، 6 فيبروري تي ڪونارڪ اُلهاسنگر جي نيوج ۾ تمام سٺي نموني ڏکاريو ويو،سنڌو سوشل سيوڪ جي سيڪريٽري شري ديال لُنڊ کيماڻي ،مھمانن جو سواگت ڪيو،صاف انڊياءِ سنڌو سوشل سيوڪ جي ميمبرن جو ڀرپور نموني سان ساگرھ کي ملھايو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو