چونڊن ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿيندي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ پئسو هلندو:پير پاڳارو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ علي اصغر سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2013۔

  1. علي اصغر سومرو

    علي اصغر سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قمبر شهر

    چونڊن ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿيندي، سنڌ ۽ پنجاب ۾ پئسو هلندو:پير پاڳارو
    لاهور(بيورو رپورٽ) فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير صاحب پاڳاري سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر جي تبديلي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ وڏي پئماني تي رتوڇاڻ ٿيندي، چونڊون پئسن جون چونڊون هونديون. پنجاب ۽ سنڌ ۾ پئسو هلندو ۽ اسان وٽ جيترو به پئسو آهي اهو اليڪشن تي لڳائينداسون پر ارب پتي ماڻهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. چئني صوبن ۾ سياسي گورنر آهن جيڪي پنهنجي پنهنجين جماعتن جي حمايت ڪندا ته پوءِ شفاف اليڪشن ڪيئن ٿي سگهندي؟، اسان وقت سر چونڊون چاهيون ٿا ۽ چونڊون وقت تي ٿي ويون ته ان سان ملڪ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا. ڪالهه هتي چوڌري ظهير ۽ ٻين جي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن پيرپاڳاري چيو ته اسان ته سدائين مسلم ليگي ڌڙن کي متحد ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهيون، نواز ليگ به هاڻي ليگي ڌڙن جي اتحاد جي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اڳ ۾ 2008ع ۾ ليگي ڌڙا متحد ٿي وڃن ها ته اڄ ملڪ ۾ مسلم ليگ جو وزيراعظم هجي ها. هن چيو ته جمعيت علماءَ اسلام (ف) آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي سٺو ڪم ڪيو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته اها ڪانفرنس گهڻو وقت اڳ ڪوٺائي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته مسئلا طاقت سان حل ناهن ٿيندا پر ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا ۽ اسان کي اميد آهي ته اي پي سي جا نتيجا سٺا نڪرندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ وڏي پئماني تي رتوڇاڻ ٿيندي ڏسي رهيو آهيان پر منهنجي دُعا آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گڙ ٻڙ ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ ۾ چونڊون وقت سر ٿيڻ گهرجن پر ان سان ملڪ ۾ ڪا به وڏي تبديلي ايندي ائين ناهي ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو هن وقت اسيمبلين ۾ آهن انهن کي ئي ٻيهر اسيمبلين ۾ اچڻو آهي. وڌ ۾ وڌ 20 يا 30 نوان ماڻهو ايندا ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته اصل ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ اسان سڀ متحد ٿي وڃون. هن چيو ته اسان ملڪ ۽ قوم جو درد رکندڙ هر جماعت جي دروازي تي وينداسون، هن چيو ته پاڪستان ۾ جيترا مسئلا اڄ خراب ٿي چُڪا آهن، ايندڙ حڪومت لاءِ اهي مسئلا حل ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم هوندو.

    Source by Kawish
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو