******* اتحاد ۽ اتفاف *******

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ امان الله ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2013۔

  1. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    اسان مسلمان آهيون اسان کي پاڻ ۾ اتحاد سان رهڻو آهي
    هر ڏک سک ۾ اسان هڪ ٻئي جي مدد ڪريون جي ڪڏهن
    ڪو غير مسلم آهي ته ان سان به همدردي ڪريون هن جي خوشيءَ ۽
    غم تڪليف ۾ ڀرپور شريڪ ٿيون پر انسان ذات سان پيار ڪرڻ
    اسان جي حضور پاڪ صه جن پاڻ هن دنيا ۾ ڇو آيا هيا ان ڪري آيا هئا
    ته مسڪينن يتيمن جي خدمت ڪريان پاڻ هڪ عيد جي ڏينهن عيد نماز
    تي وڃي رهيا هئا ته واٽ تي هڪڙو يتيم ٻار بيٺو هو پاڻ ان کي گهر وٺي آيا
    ان کي نوان ڪپڙا پارائي پاڻ سان گڏ عيد نماز لاءِ وٺي آيا ته اسان مسلمان
    پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ گهرجي اتحاد هجي ۽ اتفاق نه هجي ته
    اتحاد جي معنيٰ غير معمولي ٿيندي آهي
    الله سائين اسان کي صرف کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ لاءِ پيدا نه ڪيو آهي الله سائين
    اسان کي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي اسان جا نيڪ عمل الله سائين کي پسند ايندا آهن
    اسان جو پاڻ ۾ ڪڏهن اتحاد ٿيندو آهي پر ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي اسان
    ۾ اتفاف ڇو نه ٿو ٿئي؟ ان جو سبب اهو آهي ته اسان اسلام کان هٺي ويا آهيون
    ڇو ته جي اسان اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪريون ته اسان ۾ اتفاق ٿي ويندو
    ڀلي شيعو هجي چاهي ديوبندي هجي چاهي بريلوي هجي هر ڪو پهنجي
    مسلڪ تي قائم رهي هر ڪنهن کي پهنجي طريقي جي عبادت ڪرڻ جو مڪمل
    "حق آهي ڪنهن تي زبردستي جي ضرورت ناهي " لڪم دين ڪم ولي دين
    " ترجمو "توهان لاءِ توهان جو دين مهنجي لاءِ مهنجو دين
    اسان مسلمانن ۾ اتحاد ڪيترا به هجن پر وڏي ڳالهه اها آهي ته اتفاق به لازمي
    آهي هر ڪنهن کي برداشت ڪرڻ گهرجي اسان ۾ برداشت جي وڏي کوٽ آهي
    اڳي اسان جي وڏن ۾ برداشت هوندي هئي اهي هڪ ٻئي کي بردشت ڪندا هئا
    پر اڄ جي هن جديد دور ۾ جڏهن ٽيڪنالوجي پهنجي عروج تي پهتي آهي
    دنيا ايڏي ترقي آهي جو هاڻي چنڊ تي به پهتاآهن
    دنيا جو نقشو ائين بدلجي ويو آهي جو ڪو سڃاڻي نه ٿو سگهي ته مان ڪيئين آهيان
    هن ماڊرن دور ۾ اسان ۾ اتفاق ڇو نه ٿي رهيو آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن
    جو اسان اتحاد ته ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر اتفاق ڪڏهن ٿيندو
    اتفاق لاءِ ضروري آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ٿڌي دماغ سان برداشت ڪرڻو پوندو
    مثال مان هڪ اتحاد ڪريان ان ۾ 30 ماڻهن اتحاد ڪيو ان مان 20 اعتراض ڪيو
    ته اهو اتحاد ڪامياب نه ٿيندو جڏهن اتفاق هوندو تڏهن اتحاد تڏهن ڪامياب ٿي سگهي ٿو
    اسان ۾ شعور ته آهي پر سمجهه ناهي علم ته آهي پر دوستو عمل ڪانهي اسان کي ڀائيچاري
    سان هڪ ڀاءُ جي حيثيت سان اسان کي هتي رهڻو آهي جيڪڏهن ڪو ڀاءُ غلط ڪم ڪري
    ته ان کي سمجهائبو ته هي جيڪو تون عمل ڪرين ٿو اهو ٺيڪ ناهي جي توهان ان کي جوش
    ۽ جذبي ڪاوڙ سان سمجهائيندو ته هو سمجهڻ بجاءِ ويتر ڇتو ٿيندو ۽ اهو ڪم ڪندو
    اسان پوئتي ان ڪري آهيون جيڪڏهن مان ڪنهن کي گار ڏيان ته ٻيو به گار ڏئي ته
    فرق ڪهڙو ٿيو هن ته گار ڏني پرٻيو برداشت ڪري هليو وڃي ايئن ئي اسان پاڻ ۾ محبت
    سان رهي سگهون ٿا ٿورڙين ٿورڙين ڳالهين تي پاڻ ۾ وڙهڻ اهو عمل درست ناهي
    هن آلودهه ماحول ۾ اسان کي پاڻ ۾ اتحاد سان گڏ اتفاق به ڪرڻو پوندو تڏهن اسان
    دلي سڪون ملندو اهو ڪم وڏا ڪندا پر ننڍن تي لازم ٿئي ٿو ته جيرو ٿي سگهي
    پاڻ ۾ متحد ٿيڻ اتحاد سان رهڻ ۽ پاڻ ۾ اتفاق جي هڪ فضا قائم ڪرڻ ان جي اسان کي ضرورت آهي
    اسان ڪنهن تي الزام تراشي ته ڪيون ٿا پهريون تحقيق ڪريون ته واقعي هيءَ ڳالهه آهي
    اسان جنهن جي واتان ٻڌون ٿا ان تي فورن عمل ڪيون ٿا پهريون سوچو پوءِ عمل ڪيو
    اميد آهي ته اسان دين اسلام جي سربلندي پاڻ ۾ ٻڌي ايڪي جي جستجو سان اسان هن ماحول کي پاڻ
    سنواري سگهون ٿا
    اسان کي هن دنيا ۾ هڪ روشن مستقبل سان سرشار ٿيڻو آهي
    الله سائين اسان کي هر شي ۾ ڪامياب ڪري
    آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو