اڄوڪو ڏينهن 15 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

'اپريل' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 اپريل 1917ع سائنسدان ڊاڪٽر آء ايڇ عثماني جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1922ع شاعر صوفي دوست محمد ساجد سرشاري (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1924ع شاعر غلام علي سوز کوکر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1925ع ليکڪ ۽ ٻوليء جي ماهر ابن الياس سومرو (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1928ع ليکڪ محرم خان شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1929ع شاعر گر مُک گُل (حيدرآباد / احمد آباد) جيجنم جو ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1936ع شاعر امير بخش منير جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1941ع گلوڪار خوبچند خوشي راڻي (ڪراچي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1949ع سگهڙ صاحب خان جلالاڻي (جلالاڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1950ع شاعر قاضي مقصود گُل (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1951ع ٿعليمي ماھر، ليکڪ ۽ صوفي ازم جي پرچارڪ پروفيسر ڪي ايس ناگپال جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1955ع ليکڪ ۽ اڪيڊمي ادبيات جي اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1962ع ليکڪ مانجهي زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1963ع شاعره پشپا ولڀ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1967ع صحافي نذير لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1967ع ليکڪ منظور برهماڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1969ع شاعر ڊاڪٽر خادم منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1972ع ليکڪ ناجي نور محمد جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1973ع صحافي جاويد سحر (بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1975ع شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار علي آڪاش جو جنم ڏينهن آهي.
    15 اپريل 1980ع ليکڪ اصغر ڳاهو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    15 اپريل 1865ع اڳوڻي آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن کي قتل ڪيو ويو.
    15 اپريل 1963ع ليکڪ ڀورومل رام رکياڻي ديهانت ڪري ويو.
    15 اپريل 2007ع اڳوڻي سينيٽر حسين شاهه راشدي جو لاڏاڻو ٿيو.
    15 اپريل 2021ع برک تعليمي ماھر مولا بخش لاڙڪ لاڏاڻو ڪري ويو.​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    15 اپريل 1912ع تي دنيا جو خوبصورت سامونڊي جهاز ٽائيٽنڪ هڪ برفاني ڇپ سان ٽڪرائيندي ٻڏي ويو هو۔

    ياد رهي ته ٽائيٽنڪ جهاز ۾ عملي سميت 1503 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا۔

    ٽائيٽنڪ لاء چون ٿا ته عياشيء جو وڏو اڏو هيو ۽ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ اڄوڪي حساب سان 50 هزار ڊالر جي هئي۔

    300 اهڙن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا جن کي لائيف جيڪيٽس ته پاتل هيون پر ان رات سمنڊ جو درجه حرارت منفي 31 ڊگري هيو، جيڪو موت جو گهڻو سبب بڻيو هو۔

    وڌيڪ تفصيل ڪاوش دنيا جي هن پيج تان پڙهي سگهو ٿا۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    15 اپريل 2009 تي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت ۽ مقبول ترين فورم سنڌ سلامت جو آغاز ٿيو۔ هن فورم جي شروعات رشيد سمون، علي ظفر عرف علي علي، عامر ضياء چارڻ ۽ ڪجهه ٻين دوستن ملي ڪئي۔

    اڄ سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي اهم ويب سائيٽ ۽ فورم ليکيو وڃي ٿو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو