آزمائش

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    ٽن دوستن جن جي شادي نه پئي ٿئي ملڪ جي بادشاهه کي درخواست ڪئي ته سندن جي شادي ڪرائي وڃي ۔۔ بادشاهه ٽنهي کي گهرايو ۽ چيائين ته ”مان توهان جي شادي ڪرائي ڇڏينديس ۔۔۔ پر هڪ شرط آهي۔۔۔ توهان کي هڪ آزمائش مان گذرڻو پوندو۔۔۔ جيڪو ڪامياب ويو ان جي شادي هڪ خوبصورت ڇوڪري سان ڪرائي ويندي ۽ جيڪو ناڪام ويو ان جي شادي ڪنهن بدصورت ڇوڪري سان ڪرائي ويندي۔۔۔“
    ٽنهي دوستن شرط منظور ڪئي ۔۔۔ کين هڪ تاريڪ ڪمري ۾ آندو ويو جتي مڪمل انڌيرو هيو۔۔ کين ٻڌايو ويو ته هتي پوري مهيني تائين کين رهڻو پوندو ۔۔۔ سڀ ڪجهه۔۔ کائڻ پيئڻ، سمهڻ اٿڻ اتي ئي هوندو۔۔ ڪمري ۾ جڳهه جڳهه تي پاپڙ پڻ رکيا ويا ۽ کين چيو ويو ته ڪمري ۾ گهمندي جيڪڏهن ڪنهن جو پير پاپڙ تي آيو ته ان کي فورن ڪنهن بدصورت ڇوڪري سان شادي ڪرائي ويندي۔۔۔
    9 ڏينهن خير سان گذريا ۔۔۔ پر ڏهين ڏينهن هڪ دوست جو پير پاپڙ تي اچي ويو۔۔ سپاهي فورن ڪمري مان وٺي ويو ۽ ان جي شادي هڪ بدصورت ڇوڪري سان ڪرائي وئي۔۔ هاڻي باقي ٻئي دوست خوش ٿيا ته ٽئين دوست جي وڃڻ سان هاڻي جڳهه ڪجهه کُلي ٿي پئي۔۔ 19 ڏينهن ٻيا گذري ويا ۔۔۔ ويهين ڏينهن هڪ ٻئي دوست جو پير پاپڙ تي اچي ويو ۔۔ سپاهي ان کي به روئندو رڙندو وٺي ويا۔۔
    هاڻي آخري دوست وڃي بچيو ۔۔۔ ان باقي ڏينهن سنڀالي سنڀالي گذاريا ۽ آخر آزمائش ۾ پورو آيو ۔۔ ان جي شادي هڪ خوبصورت ڇوڪري سان ڪرائي وئي۔۔ ۽ هو خوشي خوشي رهڻ لڳو۔۔۔
    هڪ ڏينهن هن پنهنجي زال کي ڏسيو۔۔ ”توکي خبر آ توکي حاصل ڪرڻ لاءِ مون ڪيڏيون نه تڪليفون سٺيون آهن۔۔۔؟“ ۽ پوءِ سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس۔۔ پوءِ پڇيائينس ۔۔ ”چڱو ڀلا تون ڏس۔۔۔ تو مون کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇاڇا ڪيو۔۔؟“
    زال ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيائين ”اسان به ٽي سهيليون هيوسين۔۔۔ هڪ ڪمري ۾ بند هيونسين۔۔ پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو پير پاپڙ تي اچي ويو۔۔۔“:)
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڪفايت الله

    ڪفايت الله
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 اپريل 2013
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    Energy and Environment Engineer
    ماڳ:
    گھوٽڪي
    ها ها ها تمام سٺو ادا۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ههاههههههههههههههههههههههههههههههها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ابول ايڏي سزا ان معصوم ڇوڪري کي
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايهه ته صفا ڳالهه ڳاٽي ڪنون چڙهه ڳَئي ۔۔۔۔ هههههههه
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔

    اهو ٽيون دوست ڪير هو، اوهان ته اڪثر ٻه هوندا آهيو ، مطلب اوهان ۽ عرس پريو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    عرس ته پهريون هو جنهن جو پاپڙ تي پير آيو هو۔۔۔ :) هوئن به کائنس کان اها ئي توقع هئي۔۔۔ ;)
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    خيئر هاڻي ڳالهه اها آهي ته اهو ٽيون بچيو ڪير ؟

    ان جو نالو ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، سنگت ظاهر ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو