"پاڪستان کپي" بابت راء شماري

'راءِ شماري' فورم ۾ شمس طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2009۔

  1. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم،

    جيئن ته سڀني دوستن کي خبر آهي ته سنڌي ٻولي ۾ لفظ "کپي" جون ٻه معنائون وٺي سگهجن ٿيون، جيڪي آهن
    1۔ گهرجي،
    2۔ فروخت ڪرڻ،

    جيئن ته جناب صدر مملڪت پنهنجي هر تقرير ۾ "پاڪستان کپي" جا لفظ ورجائيندو آهي، ته هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي لفظ "کپي" جي معني جناب صدر مملڪت جي سوچ مطابق ڇا آهي۔

    ان لفظ جي صحيح معني ڇا آهي، سبب ۽ جواز ڏئي سڀني جي علم ۾ ضرور اضافو ڪندا۔
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا شمس توهان انتهائي نازڪ موضوع تي راءِ پڇي آهي۔۔
    ادا توهان کي ياد هوندو ته محترمه جي شهادت کان پوءِ ڪجهه شر پسند عنصرن ماڻهن کي ملڪ سان بغاوت لاءِ اڪسائڻ جي ڪوشش ڪئي۔
    ڪافي مفڪرن ته ان ڳالهه کي واضح به ڪيو ته محترمه جي شهادت اصل ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ جو هڪ منصوبو هو جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ وس آهر ڪوشش به ڪئي وئي هئي۔ ان سلسلي ۾ سنڌين جي دلين ۾ وڏي صوبي لاءِ نفرت پڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي۔ پر جيئن ته پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي سڀني صوبن ۾ اڪثريت حاصل رهندي آهي ان جي اڳواڻن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت کي صحيح رخ تي موڙڻ لاءِ ۽ ايسٽيبلش منٽ جي اکين کي کولڻ لاءِ پاڪستان نه کپي (پاڪستان نه گهرجي) جي نعري کي بهترين حڪمتِ عملي ڪندي تبديل ڪيو ۽ پاڪستان جي موجوده صدر ۽ پيپلز پارٽي جي ڪو چيرمين پاڪستان کپي (پاڪستان گهرجي) جو نعرو لڳايو۔
    پاڪستان جا مخالف ۽ پيپلز پارٽي جا مخالف پنهنجو منصوبو ناڪام ٿيندي ڏسندي هاڻي سنڌي ٻوليءِ جي هن خاص لفظ جي مختلف معنيٰ کي پکيڙڻ جي چڪر ۾ آهن جيئن هو پنهنجي منصوبن کي ٻيهر ساڳي طرح وڌائين۔
    ٻين لفظن ۾ جيڪو نعرو پاڪستان جي موجوده صدر لڳايو هيو سو آهي پاڪستان کپي (پاڪستان گهرجي)
    جنهن کي غلط ڪري پيش ڪيو پيو وڃي۔
     
  3. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا، تمام گهڻي نوازش، اسان کي علم سان آشنا ڪرڻ لاءِ ۔ ۔ ۔
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا رشيد واهه ڇا ته جواب ڏنو آهي توهان، وڏو ڪو فلسفي دان، ۽ ماهر ٻوليات آهين،
     
  5. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي ناچيز ڀاءُ رشيد سان موافق آهيان
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيد جيڏانهن گروُ تيڏانهن چيلو، اسان توهان جي پويان آهيون،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو