اڄوڪو ڏينهن 21 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 21 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    21 مئي 1921ع ليکڪ ارجن ڀارواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 مئي 1936ع ليکڪ حشمت هرواڻي (جهنڊو مري/احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 مئي 1949ع ليکڪ حسين بخش ڪانهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 مئي 1949ع ليکڪ پٿر ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي.
    21 مئي 1951ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ارشاد نبي عباسي (سوڀودير / تنوير عباسي جو ڀاء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 مئي 1951ع ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    21 مئي 1954ع اسٽيج ڊائريڪٽر وڪرم شهاڻي (خيرپور / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    21 مئي 1973ع ناليواري صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري (ڇور) جو جنم ڏينهن آهي.



    وڇوڙو:

    21 مئي 1951ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا در محمد ڊول جو انتقال ٿيو.
    21 مئي 1970ع مشهور هاري اڳواڻ، شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو لاڏاڻو ٿيو.
    21 مئي 1975ع مشهور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر کي اٽليء ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
    21 مئي 1991ع ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش بم حملي ۾ قتل ڪيو ويو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 21 مئي جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 مئي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو