سنڌ ورهائڻ واري پ پ پاڻ ورهائجڻ واري

'راءِ شماري' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    سنڌ ورهائڻ واري پ پ پاڻ ورهائجڻ واري
    سنڌ کي ورهائڻ وارا پاڻ ۾ وڙهي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارا، وازارتن جي معاملي تي پ پ ڌڙابندي جوشڪار ، امين فهيم، ناراض ٿيڻ جا اطلاع، هاڻ ڏسو سنڌ کي ورهائڻ وارا پاڻ ۾ ڪيئن ٿا ٽڪرا ٽڪرا ٿين ۔ نثار کهڙو به الڳ لابي ۾ ، مرزا جي وري الڳ لابي ٺهڻ واري، هن وقت زرداري لابي ۾ سنڌ ۾ به ڪمزور ٿي رهي آهي۔ پ پ ڌڙابندي جو شڪار ٿيڻ وڃي رهي آ۔ سنڌ شاهه لطيف ۽ سچل ۽ سامي جي ڌرتي آ جيڪو هن ڌرتي ڏانهن ميري اک کڻندو ان جو حشر به پ پ وانگر ٿيندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪهڙو فرق ٿو پوي؟
    جڏهن هنن عوام کي مارڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو تڏهن به سنڌي قوم هنن کي ووٽ ڏنو۔۔ هاڻ جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ ۾ وڙهن ۽ مارن ته به ووٽ ڀُٽي جو آهي۔۔ بحيثيت قوم اسان جي پستي دنيا جي آڏو واضح آهي۔۔ اسان ڪيئن چئون ته ووٽ غيرن ڏنا آهن؟ سنڌي قوم انهن کي چونڊيو آهي ۽ اسان پنهنجو پاڻ کي سنڌي قوم کان الڳ ڪيئن ٿا رکي سگهون۔۔ قبول ڪيو يا نه۔۔ پر اهي اسان آهيون جن جي ترجيح ظالم ۽ ڌاڙيل آهن۔۔ ماضي ۾ رهڻ ڇڏي ڏيو، حال ۾ اچو۔۔ موئن جي دڙي جي ثقافت، فلاڻو، فلاڻو۔۔۔۔تاريّخ صرف ماضي آهي۔۔ سچ اهو آهي ته سنڌي قوم پي پي ۾ آهي ۽ پي پي لاء آهي۔۔ انڪار ڪرڻ چاهيو ته بسم الله۔۔ ڪندا رهو۔۔ ميري اک۔۔ممتا۔۔ شهادت۔۔ آزادي۔۔ اهي صرف لفظ ئي آهن۔۔ ڀلي ڪتاب ڀري ڇڏيو۔۔ڪتاب لکڻ سان ڪڏهن ڪو انقلاب نه آيو آهي۔۔ اصل حقيقت عمل آهي۔۔ عملي طور اسان جا ڪرتوت ڪيترا ڪريل آهن۔۔ ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي۔۔ سڀني کي خبر آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو