گناهن ڀريو ديوتا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ غريب گل طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2010۔

  1. غريب گل

    غريب گل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    ڌنڌو:
    خانگي نوڪري
    ماڳ:
    سيتا روڊ ۽ سکر
    گناهن ڀريو ديوتا
    *****************
    غريب گل سيتائي
    ****************

    ڪجھ ماڻهو اصولن جو پلهءُ ايئن پڪڙي هلندا آهن ، جي.ن معصوم ٻار ماءُ جي چولي جي ڪنڊ پڪڙي هلندو آهي ،شايد سرڪش سنڌي به اهڙي فطرت رکڻ ڪري سدائين بي اصول ماڻهن اڳيان اصولن جو ائينو رکي گفتگو ڪرڻ جهڙي گناھ کان باز نه اچڻ جهڙا گناھ ڪندو ٿو رهي ، انهي ڪري اڄ هڪ حلقي اندر هلندڙ گفت و شنيد ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪهنه مشق ڪاوش هلي رهي آهي ته سرڪش سنڌي ، جيڪو سنڌي قوم جو قومي ڏوهاري آهي ، سندس ڪيل عمل سنڌي قوم جي تاريخ کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي .
    هن عورت جي آزادي تي وار ڪندي انتها پسندي کي هٿي ڏني آهي ، ۽ سنڌ ۾ طالبان تحريڪ کي منظم ڪندي اسامه بن لادن جي جانشين طور ڪم ڪري رهيو آهي ، ۽ هنن حڪومتِ سنڌ تي زور ڀريندي هڪ مظلوم عورت کي هراسان ڪرڻ جي جرم ۾ سرڪش سنڌي کي ڦاهي کان گهٽ ڪابه سزا ان حلقي جي هيئانءُ کي هلڪو نه ڪندي .۽ هتان جي دور انديش حڪمرانن انهي جرم کي نظر ۾ رکندي سرڪش سنڌي تي ڪيس داخل ڪري پنهنجي روشن خيالي جو ثبوت ڏنو آهي.جرم چوڏهين جيان چٽو ۽ صاف آهي ان ڪري سزا جي عمل ۾ ڪابه دير نه گهرجي ، اهي آهن مطالبا انهن مهان ماڻهن جا جيڪي هن اڄوڪي سنڌ جا دانشور ۽ ڊگهي نظر رکندڙ ليکيا ۽ سڏيا وڃن ٿا ،جن جي نگاھ صدين جي مسافتن ۾ ماضي ۽ مستقبل کي چٽي طرح سان ڏسن ٿا .عورتن جي حقن جي اڳواڻي جو علم کڻي نڪرندڙ اها ناري جيڪا روڊن جي احتجاجن کان وٺي اخبارن جي سيني جو سينگار آهي ،اها انهن سمورن عملن لاءِ جس لهڻي ڇوته هن عورتن جي آزادي لاءِ روزِ اول کان وٺي قسم کڻي ڇڏيو آهي ،ته سندس مبارڪ قدم عورتن جي آزادي آڏو ايندڙ ڪيچ مڪران جا پهاڙ به هوءَ پيرين اگهاڙي پار ڪندي ، صنفِ نازڪ سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف صفِ اول جو ڪردار ادا ڪندي ،سندس اصولن جي اعلى تشريح مطابق جيڪڏهن ڪائي ڀيڻ ڀاءُ جي عزت کي بازار جي رونق بنائي ٿي ته اِهو ان جو پئدائشي حق آهي ،ڪائي ڌي پنهنجي پوڙهي پيءُ جي پٽڪي سان ڪنهن غير جا پير صاف ڪري ٿي ته اهو ان جو انساني حق آهي ، ۽ ڪائي گهرواري پنهنجي مڙس جي مان ، مريادا کي مٽي ۾ ملائي ، پر جيڪڏهن مڙس کيس چڱائي چوني رڳو ڇڙٻ به ڏئي ته اهو ان عورت جي آزادي جي خلاف خطرناڪ قدم هجي ٿو .اهڙن اصولن خلاف جيڪڏهن ڪوئي سرڪش ڪنڌ کڻڻ جي جرئت به ڪندو ته کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا ،منهنجي مطالئي ۽ مشاهدي جي وسعت ڀلي کڻي ٿوري ئي ڇونه هجي ، ڀلي مون فلسفي جي ڦرهي تي اڪ ڪارا نه ڪيا هجن پر ايترو ضرور سمجهان ٿو ته محبت روحن جي پاگيزگي جو نالو آهي ،بي حجابي جڏهن حدن ۽ دائرن کي پار ڪري ٿي ته اها بي حيائي بنجي پوندي آهي ، لوئي ۽ لڄ جو قسم کڻندڙ سرڪش ، جنهن جو ڏوھ اهو آهي ته هن چادر ۽ چوديواري کان ٻاهر رهندڙ ڌيءَ کي پنهنجي چائٺ پار ڪرڻ کان منع ڪندي ، ڌارين جي دهليز تي پنهنجي وارن کي ننگو نه ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو هو ، پنهنجي ڌيءُ کي ڌيڻپو سيکارڻ جي پاداش ۾ سرڪش سڄي قوم جو بنجي پيو آهي ، سندس جرم کي ڏسندي جيئي سنڌ قومي محاذ به قومي عدالت کي قيامِ عمل ۾ آڻيندي سرڪش کي ڏوھ جو ڏوهاري ثابت ٿيڻ تي سندس ميمبر شپ ختم ڪندي کيس قومي مجرم قرار ڏيندي کير سان وهنتل قومي اڳواڻ ۽ انهن جي حوارين هن قومي مجرم جي خلاف سرخ جهنڊا کڻي رستن تي نڪري آيا ،۽ دهل وڄي دوسو مڙي جهڙي محاوري سان مطابقت رکندڙ ڌمالي دانشور۽ ليکڪ قلم کڻي انهي قومي مجرم کي پنهنجي ٺاهيل قانونن کي نظر ۾ رکندي کيس ايتريون ته سزائون ٻڌايون جو هِن قومي مجرم سمورين سزائن کي ڏسندي ويچاري سرڪش خود ڪشي ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندي اعلان ڪيو ته هو خود ڪشي ڪندو. .
    آئون عورتن جي حقن جي انهي عورت اڳواڻ(جنهن جي سرفروشي جي قصا خواني ڪندي ڪاٽڪو قلمڪارن جا قلم ٿڪجن ئي نه ٿا) کان گهڙي کن مڃون ٿا ته سرڪش سنڌي وڏو ڏوهاري آهي ، سندس جرم ڪنهن به طرح معافي جي لائق ناهي ، ڇوته هن محبتن ماريل مظلوم عورت جي ناجائزجذبن کي نندڻ جو جرم ڪيو آهي ، پر انهي دانشور جو حساب ڪنهن کان وٺجي جنهن جي ڀاءُ پنهنجي گهرواري کي ڪهاڙين جي نظر ڪندي پنهنجي ڀاءُ جي شان مان جو به ڀرم نه رکيو ،۽ اهو دانشور دوست پوليس جي پروٽوڪول ۾ لاڙڪاڻي سرڪٽ هائوس جي عاليشان ڪمري ۾ پنهنجا اثر رسوخ استعمال ڪندي پنهنجي ڀاڄائي جي خون کي ٻوڙي ڇڏيو ،۽ اڄ تائين انهي بي گناھ جي قتل جو ڪوبه داد نه ٿي سگهيو آهي ،





    گلن جي جهڳٽي ۾ ويهي وجودن جا واس وٺندڙ انهي دانشور جي قول ۽ فعل کي ڪهڙي ڪيوٽي ۾ پرکيون ،۽ انهي مقتول عورت نه هئي ، يا اهو دانشور توهان جي اعلى ظرف حلقي جو حصو هجڻ ڪري توهان ماٺ ۾ ئي مصلحت ۽ بهتري سمجهي چپ رهيا .
    اهو فيصلو توهان تي آهي ، ڇو ته ضمير جي عدالت کان اعلى ڪا به عدالت نه هوندي آهي ، ۽ انهي سان گڏ آئون نسيم بخاري سميت سمورن اعلى اڳواڻن اڳيان عرض رکان ٿو ته سرڪش سنڌي جنهن کي توهان جهڙن غير معمولي انسانن پنهنجي علم ، عقل ۽ انساني حقن جي آڌار تي ڏوهي قرار ڏيندي کائنس نفرت ڪيو ٿا ، انهي ساڳي سرڪش سنڌيءَ کي هن سنڌ جا اسان جهڙا کوڙ سارا معمولي ماڻهو کيس محبتون آڇين ٿا . .
    انهي گناهن ڀرئي ديوتا جي جرم کي اڳيان رکندي نسيم بخاري کي نيازمندي جو سلام آڇيندي عرض ڪيان ٿو ته سيد سڳورا ! سنڌي قوم جي روايتن پٽاندر اسين نياڻين کي ست قرآن سمجهندا آهيون ، ته پوءِ ڪو ئي سرڪش پنهنجي قرآن کي ڪنهن ناپاڪ جڳھ تي ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي ،اسان جي ريتن جي مالها ۾ هيءُ به هڪڙو اصول پويل آهي ته سيد ذات جي ڪنهن ننڍڙي ننگ ڏانهن اک کڻي نهارڻ کي به عيب سمجهندا آهيون ، توڙي جو آخري خطبي ۾ آقاءِ دو جهان مسلمانن جي وچ ۾ تفريق جي ڪابه حد
    نه رکي آهي ، پر پوءِ به انهن ننگن اڳيان نگاهن کي هميشھ هيٺ رکڻ کي پنهنجو فرض سمجهندا رهيا آهيون ،ته پوءِ جيڪڏهن سرڪش سنڌي پنهنجي ڌيءَ کي دوکي جي چادر ويڙهي عزتن جي چوديواري اڪري عيبدار ٿيڻ کان روڪڻ کي پنهنجو فرض سمجهندي کيس منع ڪئي ته ڇا اهو سرڪش جو ڏوھ آهي .
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گناهن ڀريو ديوتا

    تمام بهترين ڪهاڻي آهي ادا

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گناهن ڀريو ديوتا

    ادا سائين سرڪش سنڌيءَ خلاف نام نهاد ويلفيئر، ميڊيا واران ماڻهن جي پروپيگنڊا ڏسي اندر سڙي پيو۔۔ پر ادا غريب گل تنهنجي ۽ مون جهڙي غريب جي ڳالهه تي ڪير ڌيان ڏيندو۔۔۔
     
  4. سجاد علي منگسي

    سجاد علي منگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گناهن ڀريو ديوتا

    سائين توهان تمام سٺي شي موڪلي آهي اسين توهان جي همت افزاهي ٿا ڪريون
     
  5. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گناهن ڀريو ديوتا

    ايڏي وڏي ڪهاڻي اڌ پڙهي آهي باقي اڌ بعد ۾ پڙهڻ کان پوء خبر پوندي ته ڪئين آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو