1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

مُزاحمت جي علامت۔۔مائي جندو۔۔

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    جون : ٽنڊو بهاول سانحو
    “مائي جندو جي جدوجهد جنهن ذريعي هن فوجين کي ڦاسي ڏياري ڇڏي”
    ٽنڊو بهاول سانحو: ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ ٽنڊي بهاول سان خونريزيءَ جو هڪ جڳ مشهور سانحو ٿيو، جنهن ۾ 9 ڳوٺاڻا پورهيت ۽ مزدور شهيد ٿيا ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿيو، انهن ۾ منٺار پٽ محمد بخش چانڊيو (عمر 22 سال)، حاجي اڪرم پٽ ڪمال چانڊيو (عمر 45 سال)، -بهادر- پٽ محمد بخش چانڊيو (عمر 30 سال)، ڪنڊو پٽ محمود خاصخيلي (عمر 38 سال)، جاويد پٽ محمود خاصخيلي (عمر 22 سال)، غلام مصطفيٰ پٽ غلام محمد -بروهي- (عمر 17 سال)، شفيع محمد پٽ غلام علي ڀرڳڙي (عمر 28 سال)، هملو پٽ ڏُجهو ڪولهي (عمر 38 سال) ۽ ڀر واري ڳوٺ جاڙا -ٻير- جو هاري ڌڻي بخش پٽ صوف خان -ٻٻر- (عمر 40 سال) شهيد ٿيا، جڏهن ته ڀرڳڙي خاندان جو قديم خدمت گذار محمد عثمان پٽ الهه بچايو خاصخيلي (عمر 55 سال) سخت زخمي ٿيو. 5 جون 1992ع جي هڪ شام جو قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي هڪ ڪئپٽن ارشد جميل ڪيترين ئي فوجي ۽ سوِلين گاڏين سان ڳوٺ ٽنڊي بهاول تي سج لهڻ مهل ڪاهه ڪئي، اُن وقت هاري ۽ پورهيت ٻنين، ملن ۽ بٺن -تان- مزدوري ڪري پنهنجي گهرن ڏانهن موٽيا هئا، سندن ونيون، مائرون ۽ ڀينرون چُلهيون ٻاري سندن لاءِ ماني پچائي ۽ ڀت رڌي رهيون هيون ته اوچتو ڄاڻايل گاڏين وارا گهرن ۾ ڪاهي پيا ۽ ڏهن (10) ئي ڳوٺاڻن کي کنڀي درياهه پار ٻئي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ کڻي ويا ۽ ڄامشوري پُل ڀرسان پاڻيءَ جي پمپنگ -اسٽيشن- لڳ کين منهن وارا برسٽ هڻي ماري ڇڏيائون. انهيءَ واقعي کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ ڄامشوري ٿاڻي تي هڪ ايف آءِ -آر- نمبر 92/57 -تاريخ- 6 جون 1992ع تي سرڪار پارانU/S 307,353,148,149 (4) B-Explosive Substance Act 1958 هيٺ داخل ڪئي، جنهن ۾ شهيد ٿيل ڳوٺاڻن کي اڻ ڄاتل ماڻهو ڄاڻايو ويو، جيڪي قانون نافذ ڪندڙن سان مقابلي ۾ ماريا ويا هئا. اها ايف. آءِ. -آر-، -ايس-. ايڇ. او ملوڪ چنڙ، سب انسپيڪٽر مشتاق ۽ الهڏني جي مدعيت ۾ ڪٽرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته اهي ماڻهو (ڳوٺاڻا) هڪ پاڙيسري ملڪ جا دهشتگرد هئا. پرڏيهي ملڪ جا هٿ آيل هٿيار به ميڊيا -تان-ڏيکاريا ويا، جن ۾ 36 دستي -بم-، 36 ڊيٽونيٽرز، 4 ڪلاشنڪوف، 12 مئگزين ڪلاشنڪوف جا، 4 گرنينڊ، 36 ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد ۽ هڪ شارٽ گن شامل هئي. ڪئپٽن ارشد جي -ان- نام نهاد ڪارنامي تي کيس ميجر رئنڪ ۾ -ترقي- ڏني وئي. اهڙي ڪارنامي تي شروعات ۾ سنڌ جي دوري تي آيل وزيراعظم نواز شريف به کيس ساراهيو. جڏهن ته خاص ڪري سنڌي پريس ۽ بي.بي.سي لنڊن هن واقعي تي شڪ ڏيکاريو ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن انهيءَ واقعي کي هٿ ناٽ سڏيندي، واقعي جي اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو. ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج کان پوءِ انهيءَ عام ڪوس جي هڪ ٻي ايف. آءِ. -آر- نمبر 42/92، مائي جادو ڀرڳڙيءَ جي پري جي مائٽ ۽ اٽارني درياهه خان عرف خميسي خان ڀرڳڙيءَ پاران هوسڙي ٿاڻي تي رات جو 10 وڳي، واقعي جي 75 ڪلاڪن کان پوءِ -تاريخ- 8 جون 1992ع تي داخل ڪئي وئي. انهيءَ واقعي تي گهڻين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ٽنڊي بهاول پهچي عذر خواهي ڪئي ۽ مظلوم ڳوٺاڻن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ساٿ ڏيڻ جو وعدو ڪيو. 15 جون 1992ع تي بينظير ڀٽو ٽنڊي بهاول پهچي شهيدن جي وارثن سان -تعزيت- ڪئي ۽ چيو ته، ”جن جا ڀائر ۽ والد ماريا وڃن ٿا، انهن جو ڏک آءٌ ڄاڻان ٿي.“ 24 جون 1992ع تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ وزيراعظم نوازشريف، ٻنهي جي جنرل هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ٿي ۽ ٻنهي ٽنڊي بهاول واري واقعي جي اصل حقيقت کان دير سان آگاهه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي پنهنجي ڳجهي جاچ سبب ميجر ارشد جميل ۽ 14 ٻين سپاهين جو چيف آف آرمي اسٽاف -آصف نواز جنجوعا- جي حڪم تي 24 جون 1992ع تي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 8 جولاءِ 1992ع تي آرمي ڪورٽ ۾ ميجر ارشد جميل ۽ سندس چوڏهن (14) ساٿين تي ڪيس هليو، جيڪي سمورا آرٽلري فيلڊ نمبر 86 جا ملازم هئا، جن جا نالا ۽ عُهدا هن ريت آهن: (1) ڪئپٽن ارشد جميل، (2) حوالدار محمد اقبال، (3) حوالدار محمد اڪرم، (4) حوالدار غلام محمد، (5) نائڪ رحمان دين، (6) لائنس نائڪ پرويز-اختر-، (7) لائنس نائڪ گل محمد، (8) نائڪ محمد رزاق، (9) لائنس نائڪ خضر حيات، (10) لائنس نائڪ فلڪ شير، (11) لائنس نائڪ نصرالله خان، (12) لائنس نائڪ شير سمند خان، (13) لائنس نائڪ محمد يونس، (14) لائنس نائڪ خالد حسين مٿن 2 جون 1992ع تي چوريءَ جي پڪ اپ ۾ پرڏيهي ملڪ جا هٿيار هٿ ڪرڻ 5 جون 1992ع تي ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري مارڻ، هٿ ناٽ سان اهي هٿيار ڳوٺاڻن تي مڙهڻ ۽ ڄامشوري ٿاڻي تي لاش آڻڻ وارا الزام هئا. جن بابت اکين ڏٺن شاهدن جا بيان پڻ رڪارڊ ٿيا ۽ هڪ ڳوٺاڻي زخمي عثمان خاصخيليءَ ميجر ارشد جميل کي سڃاتو ته ”اهو ماڻهو پٺاڻ لالي محي الدين ۽ سندس ڀيڻوئي غلام نبيءَ وٽ ٽنڊي بهاول ۾ ايندو رهندو هو“. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي پهرين ڪارروائي، 8 جولاءِ 1992ع تي ٿي. ڪورٽ آف انڪوائري ۾ برگيڊيئر شوڪت جي سربراهي ۾ اکين ڏٺن شاهدن پاران بيان رڪارڊ ڪرايا ويا. جن ۾ زخمي عثمان خاصخيليءَ کان سواءِ -امام- بخش چانڊيي، درياهه خان ڀرڳڙي، سوجهي ڪولهي، هوسڙي ٿاڻي جي -ايس-. ايڇ. او سعيد رند ۽ پمپنگ -اسٽيشن- ڄامشوري جي ڊرائيور الهڏني بروهيءَ کان سواءِ ٽريفڪ پوليس جي اي. -ايس-. آءِ شمس الدين بيان ڏنو ته ڪيپٽن ارشد جميل جي استعمال هيٺ ٽويوٽا هاءِ لڪس، ڊبل ڪيبن پِڪ اَپ نمبر 1310 کي هُن -بيگر- ۾ جهلي ڪئپٽن جي حوالي ڪيو هو، جنهن کي هڪ ڊاڪٽر هلائي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ ڪاٺ جون پيتيون هيون، هاڻ معلوم ٿيو آهي ته اها گاڏي اصل ۾ چوريءَ جي هئي ۽ -تيل- ڳولڻ واري ڪمپني يونين ٽيڪساس جي ملڪيت هئي. اها گاڏي هن ميجر ارشد جميل جي حوالي ڪئي. 30 جولاءِ 1992ع تي ميجر ارشد جميل ۽ ٻين 14 فوجين تي شاهديون مڪمل ٿيون. 29 -آڪٽوبر- 1992ع تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ميجر ارشد جميل کي موت جي سزا ۽ 13 فوجي اهلڪارن کي عمر قيد جي سزا جو فيصلو ٻڌايو. جڏهن ته ٻارهون نمبر ملزم لائنس نائڪ شير سمند خان -بري- ٿيو. 12 نومبر 1992ع تي سينيٽ پاران ڪنهن به فيلڊ جنرل ڪورٽ طرفان ٻڌايل سزا واري هر فيصلي خلاف اعليٰ عدالتن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ جو فيصلو آيو، جڏهن ته قومي -اسيمبلي- اهڙي اپيل واري حق بابت فيصلو اڳ ۾ ئي ڏئي چڪي هئي. انهيءَ عرصي وچ ۾ سويلين قاتلن مان لالو غلام محي الدين جاچ دوران 11 جون 1992ع تي پوليس تحويل ۾ دل جو دورو پوڻ سبب مري ويو. جڏهن ته سندس ڀيڻويو غلام نبي افغاني، -افغانستان- ڏانهن فرار ٿي ويو، جڏهن ته مشتاق -اعواڻ- ۽ لالي محي الدين جو پُٽ غلام نبيءَ کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد 1995ع ۾ عمر قيد سزا ٻُڌائي. اپيل ۾ هاءِ ڪورٽ ساڳي سزا بحال رکي. 2009ع ۾ اهي ملزم عمر قيد سزا ڪاٽي آزاد ٿي ويا.
    هن واقعي جو پس منظر ٽنڊي بهاول جي ڀرڳڙين جي هزارين ايڪڙن تي زرعي جاگير هئي، جنهن جا مالڪ رئيس فتح خان ۽ سندس ٻه سؤٽ حاجي مدد علي عُرف مدو خان ۽ جهان خان عرف سومر هئا. اها جاگير حيدرآباد تعلقي جي ديهه بوچڪي، ٽنڊي حيدر ۾ 200 ايڪڙن ۽ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي شهدادپور جي ديهه شجاع جکري ۽ ديهه رانجهو باگراڻيءَ ۾ 1600 -ايڪڙ- تي مشتمل ڪل جاگير 1800 -ايڪڙ- هئي. -ان-کان سواءِ حيدرآباد جي گرانڊ هوٽل ۽ لطيف -آباد- نمبر 6 ۾ هڪ -بنگلو- پڻ سندن ملڪيت هو. ڀرڳڙي اميرن کي ڪو به پٽاڻو اولاد ڪو نه هو. -ان- ڪري پٽاڻي اولاد لاءِ پٺاڻن سان رشتو ڪيو هو. هن ڳوٺ ۾ افغاني پٺاڻن جي اچڻ ۽ ٽنڊي بهاول جي ڀرڳڙين سان مائٽي ڪرڻ وارو قصو هن ريت آهي. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ محمد جان پٺاڻ نالي هڪ افغاني حيدرآباد جي ٽنڊي غلام حيدر، ٽنڊي بهاول، ٽنڊي غلام محمد، بهاول زنئور، ڳوٺ جاڙا -ٻٻر-، ڳوٺ دائود وڪي ۽ ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن ۾ مڻهيارڪو ڪم ڪندو هو. هو چوڙيون، لالي، لپسٽڪ،-ايرينگ-، واليون ۽ اهڙو ٻيو زالاڻو ڪوڙن زيوَرن وارو وکر وڪرو پيو ڪندو هو ۽ رات جو ٽنڊي بهاول ۾ اچي مسجد ۾ آرامي ٿيندو هو. جتي کيس رات ۽ صُبح جي ماني خيرات ۾ ملندي هئي. ڀرڳڙين جو وڏو سؤٽ رئيس فتح خان وڏيءَ عمر جو هو ۽ هن کي رڳو ٻن نياڻين جو اولاد هو، هڪ جيجي جادو ۽ ٻي جيجي سانئڻ. هو ڳوٺن ۾ مسجد جوڙائڻ، کوهه کوٽرائڻ ۽ پاڻيءَ لاءِ نلڪا لڳرائڻ واري نيڪ ڪم ۾ مشغول رهندو هو.
    محمد جان پٺاڻ هاڻي گهور ڪرڻ سان گڏ ڀرڳڙي رئيسن جي مال جي واڙي جي چوڪيداري پڻ ڪرڻ لڳو ۽ هن ماني ۽ رهڻ جو سک ڏسي پنهنجا -ٻار- ٻچا به -افغانستان- مان گهرائي ورتا هئا. هن رئيس فتح خان کي پنهنجي وڏي ڌيءَ شاهه پريءَ جي سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن کيس پٽ جو اولاد ٿي سگهي پر هن پنهنجي بزرگيءَ جو عذر ڏئي انڪار ڪيو. محمد جان پٺاڻ پنهنجي ٻي وڏي ڌيءَ دُراني، حاجي فتح خان جي سؤٽ جهان کي پرڻائي ڏني ۽ -ٽين- ڌيءَ مليزئي جو سنڌ جي هڪ پوليس عملدار مشتاق -اعواڻ- سان نڪاح ڪرايو، -ان- ريت سڱابندين وسيلي هن سنڌ ۾ پنهنجي حيثيت کي پختو ڪري ورتو. 27 ڊسمبر 1965ع تي رئيس فتح خان گذاري ويو. -ان- کان پوءِ 1977ع ۾ حاجي مدو خان به هڪ بيواهه مائي سميءَ کي ڇڏي بنا اولاد گذاري ويو. 12 جنوري 1985ع تي رئيس جهان خان به اوچتو گذاري ويو. -ان- ئي ڏينهن حاجي فتح خان جي وڏي نياڻي جيجي سانئڻ به گُذاري وئي. -ان- کان پوءِ پونئيرن ۾ رئيس فتح خان جي هڪ نياڻي جيجي جادو ۽ حاجي مدو خان ۽ جهان خان جون ٻه بيواهون جيجي سمي ۽ مائي دُراني وڃي رهيون هيون. محمد جان پٺاڻ جي مرڻ کان پوءِ -ان- جو پٽ لالا محي الدين پٺاڻ، ڀرڳڙين جي جاگير جو رکوال ٿي رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مائي درانيءَ ماٺ ميٺ ۾ هڪ افغاني غلام نبيءَ سان ٻيو نڪاح ڪري ڇڏيو. -ان- کان پوءِ ٻئي سالا ڀيڻويا ڳوٺ جون زمينون هٿ ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن خلاف سٽون سٽڻ لڳا. غلام نبي افغاني ۽ لالي محي الدين ڳجهه ڳوهه ۾ ڀرڳڙي بيواهن جون زمينون پنهنجي نالي ڪرائي ورتيون. 1960ع ۾ جڏهن محمد جان پٺاڻ -افغانستان- مان پنهنجي -آڪهه- کي وٺي آيو هو، -ان- وقت لالو محي الدين ننڍڙو هو ۽ رئيس فتح خان جي خدمتگار طور وليز جيپ جي روزانو صفائي ڪندو هو، پوءِ اڳتي هلي هُو ڀرڳڙي رئيسن جو ڊرائيور ٿيو ۽ ڀرڳڙي پنهنجي جاگير ۾ جيڏانهن به ويندا هئا، لالو ڊرائيور يا خدمتگار جي حيثيت ۾ ساڻن گڏ ئي گڏ هوندو هو. اڳتي هلي مائي دُرانيءَ جو سڱ ڀرڳڙين ۾ ڏيڻ سان هن جي حيثيت وڌيڪ مستحڪم ٿي. مٿئين وحشت ناڪ واقعي جي هن ڪردار ڀرڳڙي رئيسن جي وفات کان پوءِ سندن زمينداري سنڀالڻ جو ”پاور آف اٽارني“ حاصل ڪيو ۽ انهيءَ جاگير جي آڌار تي زندگيءَ جي آسائشن سان ڀرپور زندگي گذارڻ لڳو. هن ٽي شاديون ڪيون. پهرئين زال خورشيد بيگم، ٻي زال -اختر-بيگم ۽ -ٽين- زال رابعه عرف روبي، جيڪا حيدرآباد جي مشهور ڳاڙهي -بازار- سان تعلق رکندڙ آهي. هوءَ ڳوٺ تي هراس پکيڙڻ لاءِ هوائي فائرنگ به ڪندي هئي ۽ ڳوٺ جي عورتن تي رعب ۽ خوف ويهارڻ لاءِ کين تهه خاني ۾ -بند- ڪري، مٿن تشدد ڪندي هئي. انهن ٽنهي زالن مان کيس 8 پٽ ۽ 7 نياڻيون ٿيون ۽ هن سنڌ جي وڏن ۽ اثر وارن خاندانن سان مٽي مائٽي ڪري پاڻ کي سنڌ ۾ اثر رسوخ وارو ۽ مضبوط وڏيرو بڻايو. سندس ننڍو ڀاءَ شير خان حيدرآباد جي اثر واري خاندانن جي نوجوانن سان مختلف فنڪشنن ۾ گڏ گڏ نظر ايندو رهندو هو.
    روينيو رڪارڊ موجب رئيس جهان خان مسمات درانيءَ کي گرانڊ هوٽل ۽ 23 فيبروري 1985ع ۾ ديهه شجاع جکري، ديهه رانجهو (شهدادپور) واري 1300 -ايڪڙ- زمين ۽ ديهه بوچڪي ٽنڊي حيدر واري 200 -ايڪڙ- زمين 22 -اپريل- 1985ع تي تحفو ڪري ڏني، جڏهن ته رئيس جهان خان 12 جنوري 1985ع تي گذاري ويو هو. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪو ماڻهو وفات جي 68 ڏينهن کان پوءِ پنهنجي زمين پنهنجي زال دُرانيءَ کي گفٽ ڪري ڏئي! -ان- ريت هن خوني سانحي ۾ قانون نافذ ڪندڙن سان گڏ روينيو شعبي جا عملدار به شامل هئا. انهن زمينن بابت جسٽس سجاد علي شاهه انساني حقن جي ڪيس نمبر 1992/26k ۾ ٻڌڻي ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل هاءِ ڪورٽ کي انتظاميا کي وارثن کي زمينون ڏيڻ بابت هدايتون ڏنيون؛ -ان- ريت اها زمين بعد ۾ جسٽس دراب پٽيل جي ڪوششن سان ڀرڳڙي خاندان جي بيواهن کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، جن جو وارثياڻيون جيجي جادو ڀرڳڙي ۽ مائي سَمي ڀرڳڙي هيون. -ان- بابت 9 -آگسٽ- 1992ع تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو، جڏهن ته ڀرڳڙي عورتن پاران درياهه خان ڀرڳڙي ۽ غلام حسين ڀرڳڙي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا رهيا. اڄ به هنن جا ڪورٽن ڏانهن ساڳيا پنڌ آهن.
    1991ع ۾ ڀرڳڙين جي حويلين ۾ رئيس فتح خان جي وڏي نياڻي جيجي جادو ۽ حاجي مدد علي عرف مدو خان جي بيواهه مائي سميءَ کي ڪنهن ڄاڻ ڏني ته توهان جي سموري جاگير مائي درانيءَ جي نالي ٿي چڪي آهي، -ان- سان صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي ۽ اهي عورتون ڄڻ ته حويليءَ ۾ قيد ٿي ويون. ٽنڊي بهاول ۾ ڳوٺ جي ڪنهن به گهر ۾ ڪو به مهمان نه ٿي اچي سگهيو. هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهن جي ڪري علائقي جا ڊنل ۽ هيسيل ماڻهو افغاني پٺاڻن جي سامهون ٿي بيٺا. ٿيو ائين جو -اپريل- 1992ع ۾ لالي محي الدين ڀرڳڙين جو ڀريو وٿاڻ وڪرو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي مال پڙيءَ مان واپاري گهرايا. سمورو مال، مينهون، ڳئون، ٻڪريون، ٽنڊي بهاول ۽ ڳوٺ جاڙا -ٻٻر واري- رستي تي وڪري لاءِ بيهاريو ويو. دلال هڪ هڪ وهٽ ڏسي اگهه مقرر ڪرڻ لڳو. اهو ڏينهن هو، جڏهن رئيس فتح خان جي پرديدار ۽ بزرگ نياڻي، جيجي جادو پهريون ڀيرو حويليءَ مان ٻاهر نڪري مال وڪرو وڪري ڪرڻ واري عمل جي مزاحمت ڪئي. هنن پٺاڻن کي خبر نه هئي ته سنڌي عورتون گهر جي مال کي به گهر جي ڀاتيءَ وانگر سمجهنديون آهن. اهڙي محبت جي تصديق لطيف سائينءَ هن -بيت- ۾ ڪئي آهي ته:
    ڪانڌ مَ وڪڻ ڪُنڍيون، ڌَڻ سڀوئي ڌار،
    اَڀريون سڀريون پنهنجيون، سِسيُون سڀ سَنڀار،
    ٻَنُ ڇڏي ڇن پئي، وڃي ولهارن وار،
    ته اچي اڱڻان ٻَهار، سَرلا ڪنديون سَڏڙا.
    ان مزاحمت واري وقت ٽنڊي بهاول جو مزاحمتي ڪردار مائي جندو چانڊيو -اڏ- تي ڪپڙا ڌوئي رهي هئي، ڪپڙا ڌوئڻ واري سوٽي ساڻ ڪري مائي جادو ڀرڳڙيءَ سان گڏ اچي بيٺي ۽ واپاريءَ کي سوٽيون هڻي ڊوڙائي ڪڍيائين. -ان- کان پوءِ افغاني لالي محي الدين جي خلاف ٽنڊي بهاول جي ڳوٺاڻن جي مزاحمت ڪر کنيو، -ان- ۾ تر جو هڪ وڏيرو الهرکيو گوپانگ به شريڪ ٿيو، جنهن کي لالچ هئي ته اها زمين نيٺ کيس ملندي. مائي درانيءَ جي مڙس غلام نبي افغانيءَ -ان- سڄي مزاحمت کي ختم ڪرڻ ۽ جاگير سدائين لاءِ ڦٻائڻ لاءِ آرميءَ جي ڪئپٽن ارشد جميل سان ساز -باز- ڪئي، جنهن سان ڀٽائي اسپتال ويجهو ڪپڙي وڪڻڻ وارن پٺاڻن جي جهڳين ۾ ساڻس ملاقات ۽ پوءِ دوستي ٿي. هن انهيءَ لطيف -آباد- واري علائقي مان سميرا نالي ڊاڪٽرياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي.
    ٽنڊي بهاول ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پهرين جون 1992ع تي جيجي جادو ۽ جيجي سَمي وس وارن کي درخواست موڪلي ته هنن جي زندگين ۽ ملڪيت کي لالي محي الدين ۽ -ان- جي ساٿين مان سخت خطرو آهي ۽ هنن پنهنجي جاگير ۽ گهرن بابت پاور آف اٽارني درياهه خان ڀرڳڙي ۽ غلام حسين ڀرڳڙيءَ کي ڏنو آهي. -ان- جي رد عمل ۾ لالي محي الدين ۽ غلام نبي افغاني، ڪئپٽن ارشد جميل سان سازش ڪري 5 جون 1992ع جي رات جو ارشد جميل ٽِن خاڪي گاڏين سان ڪاهه ڪري 10 ڳوٺاڻن کي کڻي وڃي ڄامشوري پل لڳ پمپنگ -اسٽيشن- تي بي رحميءَ سان قتل ڪيو.
    هن قتل عام تي مائي جندو سان گڏ انصاف جي حصول واري سفر ۾ سڄي سنڌي پريس ۽ خاص طرح سان سماجي تنظيم ”سنڌي قومي ساٿ“ جي اڳواڻ فهميده قريشيءَ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن پهريون ڀيرو تفصيل ۾ وڃي روينيو رڪارڊ ۾ ٿيل گهوٻين جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي آڌار تي سموري زمين ڀرڳڙي خاندان جي عورتن جي حوالي ڪرڻ جو آرڊر ٿيو. -ان- ڏس ۾ جسٽس دوراب پٽيل، وڏو سهڪار ڪيو. بعد ۾ ڪامورا شاهيءَ جي پرڪارن، پيرن، وڏيرن ۽ ٻين مستقل مفاد قوتن جي ڪردار جي ڪري ۽ ڀرڳڙين خاندان ۾ -اتحاد-نه هئڻ ڪري، اها زمين رئيس فتح خان، سندس عزيزن ۽ اولاد جيجي جادو ۽ جيجي سميءَ بدران ٻين ڌارين جي حوالي ٿي وئي. ٽنڊي بهاول جي پورهيت ۽ هاري شهيدن جي هڪ به خاندان کي انهيءَ زمين مان هڪ -ايڪڙ- به نه مليو، جنهن لاءِ سندن رت وهيو هو. انهيءَ زرعي زمين جي هاڃي ۾ سنڌ جي روايتي وڏيرا شاهيءَ جو ڪردار چٽو نظر اچي ٿو. شهدادپور، ديهه شجاع جکرو ۽ ديهه رانجهو باگراڻيءَ مان رڳو 82 -ايڪڙ- ۽ ديهه بوچڪيءَ مان 180 -ايڪڙ- زمين ڀرڳڙي عورتن جي نالي ٿي، اڳتي هلي وڏيرڪي سازش سبب اها زمين به هٿان نڪري وئي. -ان- جو قصو هن ريت آهي: 2004ع ۾ ٽنڊي غلام محمد جي وڏيري گُلي خان ڀرڳڙيءَ زمينن تي قبضو ڪرڻ لاءِ شاهنواز جوڻيجي جي پٽن کي آندو، -ان- جي مقابلي ۾ ڀرڳڙي بيواهن جي اٽارني غلام حسين ڀرڳڙي ۽ شير خان ڀرڳڙي، بخشل زرداريءَ کي آندو. هن انهن کان زمين لکائي ورتي ۽ ٺلهو چيڪ ڏئي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها زمين مقاطعيدار الهه رکئي گوپانگ کي رجسٽرڊ ڪري ڏئي رمندو رهيو. جيجي جادو ڀرڳڙي سال 2006ع ۾ وفات ڪري وئي. آخري وارثياڻي جيجي سمي ۽ -ان- جو پٽيلو شير خان ڀرڳڙي انهيءَ ويران حويليءَ ۾ اڄ به رهن ٿا. آسپاس جي زمين تي الهرکيي گوپانگ جي مالڪي قائم آهي. هي ڳوٺ هاڻ ”نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا سوار“ جو چِٽو مثال آهي.
    اڳوڻي ميجر ارشد جميل کي مليل ’فيلڊ ڪورٽ جنرل‘ جي سزا تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن قومي ساٿ جي پليٽ فارم -تان- احتجاج شروع ڪيو، جيڪو حيدرآباد کان وٺي ايوان صدر -اسلام- -آباد- تائين هليو. چيف آف آرمي اسٽاف پاران رحم جي اپيل رد ڪرڻ جي ڄاڻ جي ايڇ ڪيو جي ليٽر نمبر No/4868/168/C/PC-2 -تاريخ- 14 سيپٽمبر 1993 ذريعي سپرنٽينڊنٽ آف سينٽرل جيل، حيدرآباد کي ڏني وئي. اها اپيل ڪئپٽن (ر) ارشد جميل 10 ڊسمبر 1992ع تي ڪئي هئي. آرمي ايڪٽ 1952آف XXX/X ۾ ٿيل ترميمي ايڪٽ 1992 جي شق نمبر 133-B تحت اپيل جو حق نه ڏيڻ بابت جي. ايڇ. ڪيو پاران ليٽر نمبر: 482/15735/PS-1(D)، -تاريخ- 26 -آڪٽوبر-1993ع ذريعي جيل سپرنٽينڊنٽ کي سُڌ ڏني وئي. اها اپيل 14 -آڪٽوبر- 1993ع تي ڪئي وئي، جيڪا ٻن هفتن ۾ رد ڪئي وئي. صدر فاروق لغاري 31 جولاءِ 1995ع تي اڳوڻي ميجر ارشد جميل جي رحم جي اپيل رد ڪئي، -ان- تي هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ، ڪراچي ليٽر نمبر No: JB/13513/14، تاريخ: 1 -آگسٽ- 1995ع تي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد کي ڄاڻ ڏني ته ارشد جميل جا وارث 7 -آگسٽ- کان پهرين آخري ملاقات ڪن، ڇو ته کيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 4-5 وڳي جي وچ ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو. -ان- کانپوءِ سندس -تڪ- -اٽڪ- مان چونڊيل ميمبر قومي -اسيمبلي- ملڪ لال خان 2 -آگسٽ- کان حيدرآباد ۾ پنهنجي لطيف -آباد- واري گهر تي ڪئمپ قائم ڪري قاتل ارشد جميل جي زندگي بچائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڏنا. 2 -آگسٽ- تي قومي ساٿ ۽ ٽنڊي بهاول جي ڳوٺاڻن پاران ڦاهيءَ جي سزا تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻارڙن جو وڏو انگ شريڪ ٿيندو هو. 3 -آگسٽ- تي ملڪ لال خان قومي ساٿ جي اڳواڻن سان ميجر ارشد جميل جي معافيءَ لاءِ رابطي لاءِ سندن قومي ساٿ جي آفيس تي پهتو، فهميده قريشي ۽ حفيظ قريشيءَ کيس کُتو جواب ڏنو. ملڪ لعل خان اهڙو بيان پاڻ ڏنو ۽ چيو ته آءٌ ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ آهيان. ملڪ لعل خان شروعات واري سياسي زندگيءَ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ورڪر هو، هن کيس پيٽرول پمپن جون پرمٽون ڏنيون، هو پ.پ جو خزانچي به بڻيو هو. -ڀٽي- صاحب جي شهادت کان پوءِ هو مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي نيشنل پيپلز پارٽيءَ ۾ مرڪزي اڳواڻ ٿيو، آخر ۾ هو مسلم ليگ نواز گروپ ۾ شامل ٿي ايم. اين. اي بڻيو هو. 9 -آگسٽ- تي ٽنڊي بهاول جي ڳوٺاڻن ۽ قومي ساٿ جي اڳواڻن پريس ڪلب حيدرآباد آڏو مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ته ”ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي مک قاتل جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا وڃن ۽ ٻين روپوش ٿي ويل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.“ پهرين سيپٽمبر تي پريس ڪلب آڏو مائي جندو اعلان ڪيو ته صدر قاتلن جي سزا تي عمل درآمد کي روڪيو ته پاڻ کي ساڙينداسين. -ان-کان پوءِ پهرين حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بئنچ ۾ ارشد جميل جي وڏي -ڀاءُ- محمد پرويز آرمي ايڪٽ 155 ۾ ٿيل ترميم (B) 133 تحت ڊبل بئنچ ۾ سزا خلاف آئيني پٽيشن نمبر 454، -تاريخ- 3 -آگسٽ- 1995ع تي داخل ڪئي هئي. -ان- وچ ۾ صدر فاروق احمد لغاري پاران -اول- -آگسٽ- ۽ ٻيهر سيپٽمبر 1995ع ۾ ٻه ڀيرا، هڪ هڪ مهيني لاءِ سزا تي عمل درآمد روڪرائڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا. هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ميجر (ر) ارشد جميل جو وڪيل حيدرآباد جو سياسي اڳواڻ نواب مرزا هو، جيڪو پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به بڻيو ۽ -ان- جي هر شنوائيءَ تي قومي ساٿ جي اڳواڻ فهميده قريشي، مائي جندو، زيب النساءِ، صاحبزادي -ٻٻر-، تيجي ڪولهڻ ۽ هنن جا ننڍڙا -ٻار- ۽ ٻيا حمايتي هاءِ ڪورٽ آڏو احتجاج ڪندا رهيا هئا.
    26 سيپٽمبر 1995ع تي ڊبل بئنچ جي ججن جسٽس راڻا ڀڳوان داس ۽ جسٽس امان -الله- عباسيءَ فيصلو ڏنو ته ”هاءِ ڪورٽ اهڙي سزا ۾ مداخلت جو حق نٿي رکي.“ 27 سيپٽمبر 1995ع تي ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن مائي جندو، شير خان ڀرڳڙي، صاحبزادي -ٻٻر-، قومي ساٿ جي اڳواڻن فهميده قريشي، حفيظ قريشيءَ ۽ ٻين ايوان صدر -اسلام- -آباد- آڏو صدر پاڪستان پاران ميجر ارشد جميل جي سزا تي عمل درآمد 30 ڏينهن لاءِ ٻه ڀيرا روڪرائڻ واري عمل خلاف مظاهرو ڪيو. اُتي مظاهري کي روڪڻ جو -اسلام- -آباد- ۾ بندوبست ڪيل هو. ايوانِ صدر آڏو مظاهري پهچڻ شرط چئن ڄڻن جي وفد کي ايوانِ صدر ۾ گهرايو ويو. جن ۾ مائي جندو، شيرخان ڀرڳڙي، مائي صاحبزادي -ٻٻر- ۽ حفيظ قريشي شامل هئا. ايوانِ صدر جي قانون واري ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (ر) احمد جهانزيب وفد کي چيو ته ”هاڻ کين وڌيڪ مهلت نه ملندي، ڪئپٽن (ر) ارشد جميل جو -ڀاءُ- محمد پرويز ۽ ٻيا هتي اچي اسان کي ورغلائن ٿا ته سمورن مقتولن (شهيدن) جي خاندانن سان ٺاهه ٿي ويو آهي، باقي هڪ خاندان رهيو آهي.“ مائي جندو کي تمام گهڻو اطمينان ڏياريو ويو ته ”هاڻ وڌيڪ ٽائيم نه ڏنو ويندو.“ هن حيدرآباد واپس اچي 30 سيپٽمبر 1995ع تي حيدرآباد پريس کي ٻڌايو ته کيس يقين آهي ته انصاف ملندو ۽ 3 -آڪٽوبر- 1995ع تي -اخبار-ڪاوش لکيو ته سزا تي عمل روڪرائڻ جو مدو جيڪڏهن نه وڌايو ويو ته هفتي اندر قاتل ارشد جميل کي سزا اچي ويندي.
    4 -آڪٽوبر- 1995ع تي ارشد جميل جي وڏي -ڀاءُ- محمد پرويز جي آئيني درخواست جي سپريم ڪورٽ جي جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ ٻڌڻي ڪري سزا تي عمل درآمد روڪرائڻ لاءِ ’Stay Order‘ جاري ڪيو. ايوان صدر کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاران مليل ‘Stay Order’ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي خاندانن کي تمام گهڻو مايوس ڪيو. تر جي وڏيرن الهرکيي گوپانگ کان وٺي، سنڌ جي پيرن، سيدن ۽ سياسي گادين جو دٻاءُ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ وڌيو ته مائي جندو چوڻ شروع ڪيو ته ”ميجر (ارشد جميل) سنڌ جي راڄ جو ماڻهو نه آهي، اسان جي ٻچن جيڪر سندس ڪڪڙ کنئي هئي ته اسان مينهن ڀري ڏيون ها، پر هن اسان جا ناحق خون ڪيا آهن، خون ڪونه بخشينديس.“ ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي وارثن کي -ان- ريت وڏيرن، ڪامورن، پيرن ۽ سيدن تمام گهڻو ڪڪ ڪيو، اَڪري (ضلعي ڄامشوري) جو هڪ بزرگ سيد جنهن جي مٽي مائٽي سرحد جي پٺاڻن سان هئي، هو ماڻهن جي وڏي انبوهه سان گڏ ٽنڊي بهاول جي پورهيتن جي قاتلن جي عزيزن ۽ دوستن سان ڳوٺ پهتو. هنن سان تر جي وڏيري الهرکئي گوپانگ جو نوجوان پٽ به گڏ هو، شهيد غلام مصطفيٰ بروهيءَ جي وڏي ڀاءَ محمد بروهيءَ اڳتي وڌي کين چيو ته اوهان جنهن جي چوڻ تي آيا آهيو، اهو توهان سان گڏ نه آيو آهي، -ان- مان سمجهو ته هتان ”اوهان کي مانَ نه ملندو، بهتر آهي ته واپس هليا وڃو!“ انهيءَ زوري ٺاهه ڪرائڻ واري انبوهه مائي جندو ۽ سندس ڌيءَ زيب النساءِ کي مڇرائي وڌو. ماڻهن جي چوڻ موجب ”انهيءَ وير اهي مايون ڄڻ -باهه- جا گولا هجن، جيڪي سوين ماڻهن تي هلان ڪري ڦرن پيا.“ -ان- ريت -ان- دور ۾ وڏيرن، پيرن، سيدن ۽ وس وارن، ٽنڊي بهاول وارن لاءِ انصاف جا ڄڻ گهِٽ -بند- ڪري ڇڏيا. ويتر کين پنهنجن ئي منجهائي ماريو. مائي جندو جي ڌيءَ حاڪمزاديءَ جي مڙس فيروز ڀٽيءَ کين ٻڌايو ته 14 -آگسٽ- 1997ع تي پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي حڪومت ميجر ارشد جميل جي سزاءِ موت کي عمر قيد ۾ تبديل ڪندي. اهڙين ڳالهين تي هنن مايوس ٿي احتجاج لاءِ انتهائي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. شهيدن جي وارثن مان مائي جندو چانڊيو جي ڌيءَ حاڪمزاديءَ ۽ ٻين 4 سالن جي انتظار بعد 14 -آگسٽ- 1996ع تي پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪيو. حيدرآباد انتظاميا ڊپٽي ڪمشنر زاهد سعيد ۽ ٻين ٽنڊي بهاول پهچي کين انصاف جو يقين ڏياريو. هنن سيپٽمبر 1996ع ۾ اهڙو اعلان ٻيهر ڪيو ۽ نيٺ 11 سيپٽمبر 1996ع تي هنن حيدرآباد جي جي. او. -آر- ڪالونيءَ ۾ واقع هڪ دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ آڏو پاڻ کي -باهه- ڏئي ساڙيو. -ان- حادثي ۾ مائي جندو چانڊيو -بچي- وئي، کيس 11 سيپٽمبر 1996 تي سول اسپتال حيدرآباد جي پرائيويٽ وارڊ نمبر 10 ۾ داخل ڪيو ويو. فهميده قريشيءَ کي 21 سيپٽمبر 1996ع تي سندس وحدت ڪالونيءَ واري گهر مان گرفتار ڪري بلديه ٿاڻي/ سي. آءِ. سينٽر تي رکيو ويو. 26 ۽ 27 سيپٽمبر تي سندس آفيس ”قومي ساٿ ويلفيئر سينٽر“ کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ لکپڙهه وارو سمورو رڪارڊ ضبط ڪيو ويو. 5 -آڪٽوبر- تي مائي جندو ۽ فهميده قريشيءَ کي جي. او. -آر- ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل هڪ ايف. آءِ. -آر- نمبر 96/42 جي آڌار تي، حيدرآباد جي ٿرڊ ايڪسٽرا جوائنٽ سول جج عبداللطيف جي عدالت مان جوڊيشنل رمانڊ تي سينٽرل جيل ڪراچي جي ڀر ۾ نيو ’جيونائيل جيل‘ اُماڻيو ويو، جڏهن ته مائي جندو جي اڪيلي پٽ ممتاز چانڊيي، ڏوهٽي سجاد چانڊيي ۽ حاڪم زاديءَ جي گهر واري فيروز ڀٽيءَ ۽ -ان- جي دوست حيدر ڪڇيءَ کي نارا جيل اُماڻيو ويو. -ان- وچ ۾ فهميده قريشيءَ کي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ تي سندس مڱيندي ظهور احمد کيمٽيي،-ڀاءُ- عبدالاحد قريشي، ۽ قومي ساٿ جي ورڪرن ابراهيم دل، مير احمد يار خان، فيروز جان محمد -ڀٽي- ۽ حمايتي -اعجاز- مولائيءَ کي حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي، جي. او. -آر- ٿاڻي ۽ مڪي شاهه ٿاڻي تي دهشتگرديءَ جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ بعد چالان ڪري نارا جيل اُماڻيو ويو. ٽنڊي بهاول واري انهيءَ ڪيس ۾ فهميده قريشيءَ جا 13 عزيز ۽ 250 کن هاري ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. انهن مان 7 ڄڻن کي دهشتگرديءَ جي ڪيسن ۾ ۽ گهڻن کي 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪيسن ۾ جيل اماڻيو ويو. جڏهن ته مائي جندو جون ٻه ڌيئرون حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ ڪجهه ڏينهن بعد بحريه جي اسپتال- پي. اين. شفا ۾ 20 ۽ 21 -تاريخ- تي وفات ڪري ويون. 6 -آڪٽوبر- تي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ Stay Order ڏيڻ کانپوءِ هڪ سال جي ڊگهي عرصي بعد ٻڌڻي ڪري ميجر (ر) ارشد جميل جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاران مليل سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ڏنو. انهيءَ بئنچ ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي ۽ جسٽس ضياءَ محمود صديقي هئا. ارشد جميل جو وڪيل ايم. -بلاول- هو. ايڊوڪيٽ جنرل قاضي جميل دليل ڏيندي چيو ته -آئين- جي آرٽيڪل 199 جي سيڪشن 3 ۽ 5 تحت ڪورٽ جو اختيار ناهي ته اها آرمي ٽربيونل جي فيصلن خلاف اپيل واري درخواست جي ٻڌڻي ڪري، -ان- ڪري آرمي ايڪٽ هيٺ هن فيصلي کي چئلينج نٿو ڪري سگهجي.
    ارشد جميل جي وڪيل ايم. -بلاول- پريس وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ”ٻن عورتن (حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ) پاران پاڻ کي -باهه- ڏيڻ واري واقعي کان پوءِ معاملو -آسمان- تي پهچي چڪو هو “ 28 -آڪٽوبر- 1996ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اڳوڻي آرمي آفيسر ميجر ارشد جميل کي ٽنڊي بهاول جي شهيدن جي ڪجهه وارثن جي سامهون ڦاهي ڏني وئي. هن جا ڀائر ۽ عزيز لاش کڻي ڪراچي ايئر پورٽ روانا ٿيا، حيدرآباد جي صحافين سپر هاءِ وي، ڄامشوري لڳ سندس ايمبولينس روڪي لاش جا فوٽو ڪڍيا، جنهن تي ارشد جميل جي عزيزن صحافين سان ڏند چڪ ڏنا. -ان- ريت سندس مائٽ لاش پي. آءِ. اي جي اُڏام پي. ڪي. 364 ذريعي -اسلام- -آباد- کڻائي ويا، جتي ضلعي ڪيمل پُور ويجهو ڳوٺ ”پنڊي گهيپ“ ۾ کيس دفن ڪيو ويو. -ان- عرصي دوران مائي جندو چانڊيو ۽ فهميده قريشي نيو جيونائيل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد هيون. صبح جو مائي جندو ننڊ مان اُٿي، قاتل کي ڦاهي اچڻ جي پڪ ڪري ٻين قيدياڻين ڏانهن وئي، هن اُتي منشيات ڪيس ۾ گرفتار مڪراني ۽ ٻين عورتن کان ميڪ اپ جو سامان گهريو. لپ اسٽڪ ۽ پاؤڊر لڳائي. هُن عورتن جي ميڙ ۾ اُٿي ناچ ڪرڻ لاءِ اڃا هٿ مس لوڏيو ته اوچتو بيهوش ٿي ڪري پئي. جيل ۾ عورتن جو گوڙ ٿي ويو. هو کٽڻ کان پوءِ به هارائجي وئي هئي. هن جي اڱڻ تي پهرئين 3 کٽون ۽ هاڻ 5 کٽون خالي هيون. هن کي هوش آيو ته سڀني کان پڇيائين: ”حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ ته ٺيڪ آهن؟“ پوءِ پاڻهي چوڻ لڳي ته ”منهنجيون ڌيئرون -الله- جو نالو وٺي -باهه- ۾ گهڙيون آهن، -الله- کين پار اُڪاريندو!“ مٿس پنهنجي ٻن ڌيئرن کي خودسوزيءَ لاءِ اُڀارڻ جو هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. 5 نومبر تي صدر فاروق احمد لغاريءَ پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ڪرڻ کان پوءِ هنن جون ضمانتون منظور ٿيون. فهميده قريشيءَ جي گهر ٻاهران 5 مهينن تائين بڪتربند گاڏيءَ جي چوڪي قائم ڪئي وئي. حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ پاران انصاف لاءِ پاڻ ساڙڻ واري عمل تي انصاف جا سمورا ايوان لڏي ويا. انهيءَ دور ۾ 21 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 7 ساٿين سان گڏ 70- ڪلفٽن آڏو پوليس فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو. انهن واقعن عوامي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. پارٽي جي ئي صدر پاران عوامي حڪومت جي انت کان پوءِ ٽنڊي بهاول جي متاثر خاندانن ۽ قومي ساٿ جي اڳواڻن ۽ حمايتين جون ڪورٽن مان ضمانتون ٿيڻ شروع ٿيون. 7 نومبر تي مائي جندو ۽ فهميده قريشيءَ کي سينٽرل جيل ڪراچيءَ مان آزاد ڪيو ويو، جيل جي گيٽ -تان-فهميده قريشيءَ کي ٻيهر هڪ ٻئي ڪيس نمبر 96/22 تحت گرفتار ڪري نظربند ڪيو ويو. هفتي کن کان پوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. مائي جندو جي اڪيلي پٽ ممتاز چانڊيي ۽ ڏوهٽي سجاد چانڊيي جي ضمانت آئيني مونجهارن سبب دير سان اٽڪل 11 مهينن کان پوءِ ٿي ۽ ساڍن -ٽن- سالن کان پوءِ اهو ڪوڙو ڪيس ختم ٿيو. 29 جولاءِ 2000ع تي سڪسٿ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي ڪورٽ مائي جندو، فهميده قريشي ۽ ٻين کي خودسوزيءَ لاءِ اُڪسائڻ واري هن ڪيس مان باعزت طور -بري- ڪيو.
    حڪومت 1992ع جي ٽنڊي بهاول جي شهيدن ۽ هڪ زخمي کي 24-24 -ايڪڙ- زمين ۽ 3-3 لک رپيا امداد ڏني هئي، اها زمين ضلعي -ٺٽي-جي جاتي تعلقي جي ديهه دونهين ۾ ڏني وئي، جتي پاڻي موجود نه هو ۽ اها زمين سمنڊ ويجهو ۽ سونامي جي خطري هيٺ هئي. 1995ع ۾ جيڪو سامونڊي طوفان آيو، -ان- ۾ جيڪي ماڻهو وڌ کان وڌ متاثر ٿيا، سي انهيءَ علائقي جا هئا. شهيدن جي وارثن -ان- لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ آئيني پٽيشن نمبر: 438/06 شهيد ڌڻي بخش -ٻٻر- جي بيوهه مائي صاحبزاديءَ داخل ڪئي. ٻئي طرف مائي جندو احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو. اهڙي جدوجهد جي نتيجي ۾ حڪومت 9 شهيدن جي وارثن ۽ هڪ زخميءَ کي 5-5 لک رپيا ۽ مائي جندو جي ٻن پٽن منٺار، -بهادر- ۽ ناٺي حاجي اڪرم ۽ ٻن نياڻين حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ جي ناحق خون عيوض مالي سهائتا لاءِ 10-10 لک رپيا امداد ڏني. زمين بدران اها مالي سهائتا ڏيارڻ ۾ -اردو- اديب جميل جالبيءَ جي لائق فرزند ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر ڄام شورو، خاور جميل جو وڏو هٿ هو. جنهن ڪامورا شاهيءَ کي اِهو سمجهايو ته ”امداد ايتري ڏيو، جو هي ڊٺل ۽ ماريل ماڻهو ڪي سال مالي مسئلن جو شڪار نه رهن!“ اڄ به -ٽنڊو بهاول- انهيءَ ڏک ۾ سوڳوار آهي. ٽنڊي بهاول جا سمورا شهيد هملي ڪولهيءَ سوڌو سمورن راڄن جي حمايتين سان گڏ ٽنڊي بهاول جي قبرستان ۾ آرامي آهن. اهو منظر شاهه عنايت جهوڪ ڌڻيءَ جي درگاهه جهڙو آهي، جتي سڀ -انسان-بنا ڪنهن متڀيد ۽ عقيدي جي فرق جي گڏوگڏ ۽ هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ابدي آرامي آهن.
    هن سانحي بعد حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ ۾ عورتن جو ڪردار سڀ کان اُتم رهيو. جاويد خاصخيليءَ جي بيوهه ريحانه ٺيڪ ٻن سالن کان پوءِ 5 جون 1994ع تي مڙس جي شهادت جي صدمي ۽ وڇوڙي سبب پسٽل سان لوندڙيءَ تي گولي هڻي پنهنجو انت آندو. هن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائڻ کان پهرين پنهنجي وهانءَ جي فلم پڻ ڏٺي. شهيد منٺار چانڊيي ۽ شهيد -بهادر- چانڊيي جي ٻن ڀينرن حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ پاڻ کي ساڙي جان فدا ڪئي. 34 -ٻار- يتيم ٿيا، 10 خاندان برباد ٿيا ۽ سنڌ جي روايتي قبيلائي سماج جي ڪيترين ئي ڪڌين ڳالهين جي ڪري ڪيترا مسئلا پيدا ٿيا. انصاف لاءِ مائي جندو چانڊيو، مائي صاحبزادي -ٻٻر-، مائي تيجي ڪولهڻ، فهميده قريشي ۽ ٻين عورتن 18 سالن تائين جاکوڙ ڪئي. مائي جندو اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري، مظلومن لاءِ هڪ مثال بڻجي ويئي. اڃا انصاف جو ڪجهه حصو باقي آهي، جنهن لاءِ ڳوٺ ٽنڊي بهاول وارن جي جاکوڙ جاري آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,718
    ورتل پسنديدگيون:
    3,877
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سلام ٿا پيش ڪيون سنڌ جي سورمين کي جن هڪ قدم به پوئتي نه هٽائيو۔۔افسوس ٿا ڪيون انهن ڀاڙين پيرن، ميرن، وڏيرن تي جن ڪو ساٿ ته نه ڏنو پر پنهنجن جا خون لوڙهڻ ۾ ڌارين ٻٽ رهيا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو۔۔!!!:(
    هن سانحي ۾ دشمني، لالچ، حوس، ظلم، بغاوت، جدوجهد، قومي محبت، ٻڌي، ثابت قدمي جا اڻ ڳڻيا مثال سمايل آهن۔ اڄ کان ٻه سال اڳ جڏهن پنجاب ۾ ريمنڊ ڊيوس وارو واقعو پيش آيو ۽ ڊالرز جي عيوض خون معاف ڪيا ويا هئا ته ان وقت مون کي مائي جندو جون قربانيون ياد ڪري سنڌي هجڻ تي وڏو فخر محسوس ٿيوهو۔ مائي جندو، جنهن پنهنجن ٻچڙن جي خون وهائڻ جي وڏي کان وڏي قيمت ٺُڪرائي ڇڏي ، وحشي فوجين جوهر قسم جو دٻا برداشت ڪيو ۽ ڊگهي لازوال جدوجهد ڪري هڪ فوجي ميجر کي ڦاسي تي لٽڪائي ڇڏيو۔ سلام آ هن سنڌي امڙ تي۔۔
    اسان کي سنڌي عورت جي حيثيت سان مائي جندو جي هن قرباني تي کيس عظمت ڀريو رتبو ڏيڻ گهرجي ته جيئن دنيا آڏو اسان اهو ٻُڌائي سگهون ته سنڌي قوم سجاڳ ۽ قومي شعورسان ڀرپور قوم آهي ۽ پنهنجن هيروز کي سندن صحيح مقام به ڏئي ٿي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,735
    ورتل پسنديدگيون:
    27,177
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ ۾ ٽنڊو بهاول سانحو هڪ ڏکائتو واقعو آهي، جنهن ۾ بربريت ۽ ظلم جو انت ڪندي سنڌ جي ماروئڙن ۽ ڌرتي ڌڻين سان وڏو ڪيس ڪيو ويو۔ سلام آهي مائي جندو، انهن نياڻين کي جن جان ڏني ۽ انهن سماجي ڌرين سان گڏ سياسي ڌرين کي به جيڪي ثابت قدم رهيون ۽ ظالم کي ڦاسي تي پهچايو۔

    مائي جندو جو ڪردار جدوجهد جو عظيم مثال آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو