اسحاق راهي : شاعر ، محقق ۽ پبلشر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG][​IMG]


    گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري

    آزاد انور ڪانڌڙو

    مرحوم اسحاق راهي، ان سڀاڳي سرزمين جي پيداوار هو، جنهن سرزمين شمس الدين بلبل (پاڪستان کان اڳ جو وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي) سنڌ جو برک اديب، دانشور مولانا غلام محمد گرامي، سنڌي ڪهاڻين جو بادشاهه جمال ابڙو، ضياءُ الدين ايس بلبل، ۽ ٻيا عظيم ماڻهو پيدا ڪيا. اسحاق راهي، ميهڙ ۾ 9 اپريل 1935ع تي محمد صالح سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو. پهرئين کان ميٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو، پاڻ پهريون ۽ ٻيو درجو برک اديب مولانا غلام محمد گرامي ۽ ميٽرڪ تائين مشهور اديب مترجم م.ن محزون (محمد نواز ڀٽي) وٽ پڙهيو. راهي صاحب پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ رهيو، اسحاق راهي 1956ع کان لڳاتار آخري وقت تائين شاعري ڪئي. اسحاق راهيءَ جا شعر سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي تان نشر ٿيندا رهن ٿا. اسحاق راهيءَ جو سنڌ جي ادبي جماعتن سان گهاٽو سٻنڌ ۽ واسطو رهيو آهي. پاڻ بزمِ لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلعي دادو جو آرگنائيزر، حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري بزم شعراءُ ضلعي دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو. هن تي نفيس جذبن، احساسن، مُرڪن ۽ نفرتن جو به ڀرپور اثر ٿيندو هو ته قومي سطح تي ٿيندڙ ننڍين توڙي وڏين زيادتين ۽ ظلمن کان علاوه انساني قتل عام تي هو ماٺ ڪري نه ويهندو هو. اظهار جي طاقت کان واقف هو ۽ اظهار راءِ ۾ ڪٿي به سچائيءَ کان ڪم وٺندي ڪيٻائيندو نه هو. پنهنجي وطن ۽ ڌرتي واسين سان راهيءَ جو پيار اَڻ مَيو، بي پناهه محبت ۽ لامحدود عشق هو. جيڪو هڪ انقلابيءَ جيان ڌرتيءَ ۾ پيوست ٿيل آهي. راهيءَ جي سوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل آهي. هو پنهنجي جيون کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور نه ٿو ڪري. اسحاق راهي، آدرشي شاعر هو، هن جو مقصد امن، اتحاد ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ هو. هو انسانيت جي اعليٰ قدرن جو حمايتي هو، طبقاتي ويڇن جو قائل نه هو پر انسانن جي ترقيءَ جو قائل هو. سندس شعر جو موضوع پڻ آزادي، سماجي سهڪار ۽ ديس جي مارن جي آسودگي آهي. اسحاق راهيءَ کي ان ڳالهه تي ايمان هو ته، شاهه لطيف سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود جو محافظ آهي. اسحاق راهي سنڌ جي آزاديءَ جا گيت لکيا، هن سچ پچ جيڪا به تخليق ڪئي ان جو نه رڳو پاڻ خلقيندڙ هو، پر ان تي کيس فخر به هو ته هو باعمل شاعر هو. هن جون تخليقون ۽ هن جو عمل هن ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ ۽ آجپي لاءِ هو. راهي صاحب کي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماريءَ جسماني طور ضرور هيڻو ڪري ڇڏيو هو، پر سندس حوصلو بلند هو. سندس شاعريءَ مان ڪنهن به قسم جي مايوسي ۽ ڪمزوري نه پئي بَکي. 6 جون 1994ع تي اسان کان وڇڙي ويل اسحاق راهي اسان کان جدا ناهي ٿيو. هو هن وقت به دلين ۾ زنده آهي. سندس لکڻيون زندهه آهن، سندس شاعري، پيغام، سندس تقريرون ۽ ٻيون تحريرون اسان وٽ موجود آهن. سندس شاعريءَ جي اهم خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪشش آهي جيڪا پڙهندڙن کي مجبور ڪري ٿي، اها هر شاعر جي خوبي نه هوندي آهي.

    گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن،
    ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري،
    ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن،
    ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري،


    راهيءَ کي سزاءِ عشق ڏجي،
    ”راهيءَ“ جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
    پنچائت گُهرائي بحث پيا ڪن،
    ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان

    ________________
    اسحاق راهي: -اسحاق راهي- سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل نالو محمد اسحاق سومرو ۽ تخلص ”راهي“ هو ۽ ”اسحاق راهيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد صالح سومرو هو. -اسحاق راهي- 9 -اپريل- 1935ع تي ميهڙ ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- ميهڙ مان ئي حاصل ڪيائين. پهريون ۽ ٻيو درجو مشهور محقق ۽ عالم مرحوم مولانا غلام محمد گراميءَ وٽ ۽ مئٽرڪ مشهور اديب م. ن محزون وٽ پڙهيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ پرائمري -استاد- مقرر ٿيو، گڏوگڏ مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان واڳيل رهيو، جن ۾ بزم لطيف (نصيرآباد)، بزمِ اڪبر (ميهڙ)، سنڌ ڪلچرل ڪائونسل (ضلعو دادو)، بزمِ شعراء، بزم طالب الموليٰ، سنڌي ادبي سنگت، رابيل شر ادبي فورم ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. هن ڪهنه مشق شاعر جي شاعري سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چُڪي آهي. پاڻ هڪ اشاعتي اداري، ”سرمد پبليڪيشن“ جو بنياد پڻ وڌائين، جتان علامه مستاني سيوهاڻيءَ جو ناول ”ٻير جي ڍنگهري“ ۽ هڪ سؤ اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عُمرين تي مشتمل هڪ ڪتاب ”وڻجارا“ ڇپايائين. سندس ذاتي تصنيفن ۾ ”گلدستو“، ”مجموعه غزل“ ۽ ”رباعيات راهي“ شامل آهن. سنڌ جي هن شاعر، محقق ۽ پبلشر 6 جون 1994ع تي وفات ڪئي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    اسحاق راهي جو ڀائيٽيو امتياز عادل سومرو به هڪ بهترين شاعر آهي_
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    قطعا - اسحاق راهي

    موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ،
    يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ،
    ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾،
    مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.
    *
    هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان،
    جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان،
    چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي،
    صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان.
    *
    پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ،
    بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ،
    منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال،
    نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ،
    *
    توکي جيئن مان ڏسندو آهيان.
    مرندي مرندي بچندو آهيان،
    مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو،
    مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسحاق راهي جي تخليق:

    وارن تي ويهي لک!!

    گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک،
    لکڻو اٿئي ته دل جي بهارن تي ويهي لک

    هر دم، قدم ۽ راهگذارن تي ويهي لک
    گھٽ گھيڙ تي ۽ چاهه جي چارن تي ويهي لک

    نظرن کي آ فريب مليو سبزه زار کان
    ويران شهر، صحرا، مزارن تي ويهي لک

    ذڪر_ خزان فضول آ گلشن ۾ همنشين
    دل ٿي چوي ته دل جي قرارن تي ويهي لک

    گرهڻ لڳي ٿي جن کي انهن تي لکڻ ڇڏي
    ٽيڙو ڪتبن فلڪ جي ستارن تي ويهي لک

    گيسو ڇڏي ٿو يار ته ٻئي جڳ ٿا واسجن
    راهي لکين ته ان جي ئي وارن تي ويهي لک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو