سنڌ، سنڌي ۽ عالمي ضمير

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪڇان ته ڪافر
    سنڌ، سنڌي ۽ عالمي ضمير

    لياقت عزيز​

    سنڌ جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيبن مان هڪ آهي. آثار قديمه جي ماهرين جي راءِ مطابق موهن جو دڙو پنج هزار سال بدران اٺ هزار سال کان به وڌيڪ آڳاٽو آهي، ان جو مطلب ته سنڌ جي تهذيب اڃا به قديم آهي. عربن جي فتح کان اڳ سنڌ جون حدون تمام ڪشاديون هونديون هيون، انهيءَ ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو ڀاڱو اچي ٿي ويو. راءِ گهراڻي جي راجائن جي وقت ۾ سنڌ جون حدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولهه ۾ مڪران، ديبل ۽ سمنڊ، اتر ۾ قنڌار، سيستان ۽ سليمان جبل ۽ ڏکڻ ۾ سورت بندر تائين ڦهليل هيون، انهيءَ وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ ”الور“ هو.

    پنهنجن جي غداري ڪري سنڌ تي هميشه ڌاريا حڪمران لالچ جي نگاهن سان ڏسندي ڪاهون ڪندا رهيا آهن. سنڌ تي جن ڌارين راڄ ڪيو، انهن ۾ عرب، مغل، ترخان، ارغون ۽ انگريز شامل آهن. انگريزن جي فتح کان اڳ سنڌ هڪ آزاد وطن هو ۽ سنڌي آزاد قوم هئا. انگريزن سنڌ تي 1843ع ۾ قبضو ڪيو، سنڌ کي ملڪ ۽ صوبي بدران بمبئي صوبي جو حصو بڻايو ۽ سنڌ جي حيثيت هڪ ڊويزن سطح تي اچي ويئي، جنهن جو انتظام هلائڻ لاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ جي باشعور ۽ محب وطن اڳواڻن سنڌ کي تباهه ۽ برباد ٿيندي ڏسي سنڌ کي ڌارين جي استحصال کان بچائڻ لاءِ بمبئي کان ڌار ٿيڻ لاءِ پرامن ڪوششون ورتيون. ان وقت جي برطانوي وزير اعظم مئڪڊونالڊ برطانيا جي راڄڌاني لنڊن ۾ 1930ع کان 1932ع تائين سنڌ جي نمائندن تي مشتمل گول ميز ڪانفرنسون منعقد ڪيون ۽ سنڌ جي ڪيس کي درست سمجهي، سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري صوبي جي حيثيت ڏيڻ وارو مطالبو قبول ڪيو. سنڌ کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت بمبئي کان ڌار ڪيو ويو، پر عملي طور تي سنڌ کي 1937ع ۾ جدا پرڳڻو بنايو ويو. سر لين سيلاٽ گرهام کي سنڌ جو پهريون گورنر ۽ سر غلام حسين هدايت الله کي وزير اعليٰ نامزد ڪيو ويو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي پاڪستان جو وحداني ايڪو بنايو ويو.

    دنيا جي قديم بادشاهت ۽ مثالي جمهوريت واري ملڪ برطانيا جي گاديءَ جو هنڌ لنڊن سياسي لحاظ کان دنيا جو اهم شهر آهي. لنڊن صدين کان وٺي سڄي دنيا جي حريت پسند، انقلابي تحريڪن ۽ قومي تحريڪن جو اهم مرڪز رهيو آهي. لنڊن ۾ ٿيندڙ ڪا به بين الاقوامي ڪانفرنس جنهن ۾ واسطيدار قوم جي سموري collective wisdom جنهن ۾ سياستدان، دانشور، اديب، صحافي، استاد، هاري، پورهيت ۽ خواتين تنظيمن ۽ پروفيشنل آرگنائيزيشن جا نمائندا شريڪ ٿين ۽ اتفاق راءِ سان ڪا گهر ڪن ته ان جي اهميت بين الاقوامي سطح تي اهميت ۽ غور جوڳي هوندي آهي. يورپ، ايشيا، وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي سنڌي رهن ٿا، جن جو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آهي، اهي جيڪڏهن همت ڪن ته عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. اڄڪلهه جڏهن سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي سازشون ٿي رهيون آهن ته آمريڪا ۾رهندڙ ۽ ساک رکندڙ سنڌين جي پوليٽيڪل ايڪشن ڪميٽي Sindhi Americans political action committee جنهن جو سرواڻ سنڌ ڌرتي جو ڄائو منور لغاري آهي، اها ڪميٽي ڪوششون وٺي مئي 2010ع جي پهرين هفتي ۾ هڪ ٽي روزه بين الاقوامي ڪانفرنس بعنوان ”سنڌ جا مسئلا ۽ ان جو حل“ جي عنوان تحت منعقد ڪري رهي آهي، جيڪو يقينن قابل تحسين عمل آهي، جنهن جي سڀني سنڌين کي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.

    هن وقت سنڌ کي جيڪي اهم مسئلا درپيش آهن، اهي هيٺين ريت آهن.

    (1) سنڌ کي سياسي اختيارن ۽ مالي وسيلن جي مالڪي جو حق.

    (2) سنڌ کي سندس جائز حصي جو پاڻي ڏيارڻ جو حق.

    (3) سنڌ کي روينيو جو حقيقي حصو ڏيارڻ. سنڌ اسلام آباد کي هر سال اٽڪل 2200-ارب رپيا ڪمائي ڏئي ٿي، پر سنڌ کي سندس جائز حصي کان محروم رکيو ويو آهي. تازو 31 ڊسمبر 2009ع تي ٿيل مرڪز ۽ صوبن جي معاهدي تحت سنڌ کي صرف 70-ارب رپيا ملندا.

    (4) سنڌ ۾ 1954ع کانپوءِ آيل آبادي کي غير سنڌي قرار ڏئي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ في الحال سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين قومن جي ماڻهن کي پرمٽ سسٽم تحت ورڪ آرڊر ڏنو وڃي. انهن کي سنڌ ۾ شناختي ڪارڊ، ووٽ جو حق ۽ ڊوميسائيل جو حق نه ڏنو وڃي.

    (5) سنڌ ۾ انتظامي عهدن تي صرف سنڌين کي مقرر ڪيو وڃي، وفاقي انتظاميا، سول توڙي فوجي نوڪر شاهي ۾ سنڌين کي سندن جائز حصو ڏنو وڃي.

    (6) سنڌ ۾ تباهه ٿيندڙ تعليم کي بچائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، بند ٿيل ست هزار اسڪول جن ۾ پنج هزار اسڪول نياڻين جا آهن، جيڪي گذريل ڏهن سالن کان بند پيل آهن، اهي کوليا وڃن. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ٻهراڙي جي ٻارن جي داخلا لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون وڃن.

    (7) سنڌ ۾ ڪامورن توڙي رٽائرڊ فوجين کي انعام ۾ ڏنل زمينون رد ڪري سنڌ جي هارين ۾ ورهايون وڃن.

    (8) سنڌ مان نڪرندڙ پيٽرول، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين معدني وسيلن جي رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي ۽ اتي صنعتون قائم ڪري مقامي سنڌين کي روزگار ڏنو وڃي.

    (9) سنڌي ٻولي کي ڀارت جيان پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. پرائيوٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي جي بل 1972ع تحت سنڌي زبان جي تعليم، سکيا ۽ تربيت لازمي قرار ڏني وڃي.

    (10) موهن جي دڙي ۽ آثار قديمه جي ٻين تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ، مڪانن جي تحفظ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، انهن جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي فنڊ قائم ڪيو وڃي.

    معلوم ٿيو آهي ته مئي 2010ع ۾ ٿيندڙ ان بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ برٽش پارليامينٽ جا ڪجهه اهم ميمبر ۽ آمريڪي ڪانگريس جا اهم رڪن، ڊپلوميٽڪ چينل جي شرڪت جي يقيني اميد رکي ٿي وڃي. اها ڪانفرنس سنڌ جي تاريخي مقصد جي حاصلات لاءِ انتهائي اهم آهي. سنڌين کي ان ڪانفرنس جي ذريعي هڪ شاندار موقعو ملي رهيو آهي. دنيا اڄ ڪلهه سائنسي ترقي سان هڪ عالمي ڳوٺڙو ٿي پئي آهي، جتي ڪنهن مظلوم ۽ محڪوم قوم جي ڪاميابي لاءِ اندروني جدوجهد سان گڏوگڏ بين الاقوامي مدد ۽ تعاون انتهائي اهم ۽ ضروري آهي. جنهن کي اسان جي سنڌ جي سياست هميشه نظرانداز ڪندي رهي آهي. هاڻ جڏهن اسان سنڌين کي هڪ تاريخي موقعو ملي رهيو آهي ته ان ۾ قومي فرض سمجهي شريڪ ٿي اهو ثابت ڪريون ته اسان سنڌين سان اڄ ڏينهن تائين ڪهڙيون ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، جن جو اڃا تائين انت نه آيو آهي. انهن سڀني زيادتين ۽ ناانصافين کي ڀرپور نموني عالمي عدالت جي ضمير آڏو پيش ڪريون ته شايد سنڌي قوم کي ڪو دڳ ملي وڃي ۽ منزل تي رسڻ ۾ آساني پيدا ٿئي.


    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ، سنڌي ۽ عالمي ضمير

    اسين سنڌ جي سڄڻ سائين محترم منور لغاري صاحب کي سلام پيش ڪريون ٿا ته هو ۔۔۔ سنڌ لئه پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو ۔۔۔ ۽ اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ ڪاوش پڻ سنڌ جي مسئلن سلجهائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۔۔۔

    واڪا ڪم مون، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو ۔۔۔

    اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ايئن سمجهين مئا مور سارا۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ، سنڌي ۽ عالمي ضمير

    واڪا ڪم مون، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو