مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ هڪ مڃيل محقق

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
  2. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    عبدالحي شابس ٿئي جو پنهنجي ڏاڏي کي ياد ڪيو اٿئي وڌيڪ تنهنجي والد ڊاڪٽر عبدالقادر تي حق آهي جو اهڙا مضمون لکي نيٽ تي رکي جيڪي سائين جي ڪم کي اجاگر ڪن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    پير طريقت حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ هڪ محقق جي حيثيت ۾
    عبدالحئي چاچڙ
    حسب و نسب پيدائش:

    مفتي صاحب جو جيتري تائين مونکي حسب ۽ نسب معلوم ٿيو آهي اهو هي آهي :
    عبدالوهاب بن مولانا عبدالقادر بن مولانا نورمحمد بن ملاڪرڙ بن محمد يوسف بن محمديعقوب ذات چاچڙ. چاچڙ ذات جي وڏن پاڙن مان راڄڏيهي پاڙو آهي ۽ راڄڏيهي جي ڀٽاڻي شاخ سان تعلق آهي.
    منهنجي ولادت 8 ربيع الاول1361 هه 26 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪنڊو چاچڙتعلقه ۽ ضلع گهوٽڪي ۾ ٿي. حضرت والد مرحوم منهنجي ولادت جي تاريخ لکي ان تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. والده ماجده مدالله ظلها علينا ٻڌايو ته رات جمعه جي تقريبا 9 بجه تنهنجي ولادت ٿي.
    تعليم:
    آءُ اڃان پنجن سالن جو هيم ته منهنجو والد صاحب فوت ٿي ويو. منهنجي تربيت والده ماجده ڪئي. الحمدلله اڃان به تربيت سان گڏ دعائون ڪري رهي آهي. ۽ چاچي مولوي محمد يوسف جي سر پرستي هئي. مون قرآن شريف پنهنجي والده رحم ڏني ۽ پنهنجي وڏي همشيره ادي لطيفان خاتون کان پڙهيم. هڪ اسڪول اسان جي ڳوٺ ۾ قائم ٿيو، جنهن جو پهريون استاد گهوٽڪئ جو شفيع محمد سومرو مقرر ٿيو اهو ڏاڍو قابل محنتي ۽ شفيق هو. ان وٽ ۽ استاد محمد ابراهيم ملاح جمال ڳوٺ لڳ قادرپور واري وٽ چار درجا پڙهي پورا ڪيم. استاد ملاح به اهڙو ئي قابل ۽ شفيق هو. پرائمري ۾ سڀني کان وڌيڪ هوشيار ليکبو هيم. پرائمري تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد چاچي مولوي محمد يوسف صاحب مون کي گهوٽڪي جي مدرسه قاسم العلوم ۾ غالبا سن 1956ع ۾ داخل ڪرايو. ان وقت سيد فخرالدين شاه باني ۽ مهتمم مدرسه حال حيات هئا ۽ سندن ننڍو ڀاءُ سيد شيرمحمد شاه مهاجر مدني به مديني شريف ۾ حال حيات هئا. اهي ٻئي ڀائر توڻي مولانا اشرف علي ٿانوي رحه جا مجاز خليفه هئا، تڏهن به انهن جي ملڪي سياسي سوچ ۽ ديني عملي جدوجهد جو تعلق حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ ۽ حضرت مولانا سيد حسين احمد مدني رحه سان هو.
    مدرسه ۾ فارسي جا اڪثر ڪتاب حضرت مولانا ثناء الله سنگهڙ مرحوم وٽ پڙهيم. ڪجهه ڪتاب ۽ قرآن مجيد جو ترجمو استاد العلماء حضرت مولانا نورمحمد انڍڙ رحه وٽ پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي. انهيءَ سال حضرت مولانا عبدالحي گهوٽو مرحوم دارالعلوم ديوبند کان فارغ ٿي استاد مقرر ٿيو. پر منهنجو ان وٽ پڙهڻ ڪونه ٿيو. مولانا عبدالحي مرحوم کي سيد فخرالدين شاه مرحوم مدرسه جي خرچ تي ديوبند موڪليو هو. فارسي پوري ڪرڻ کان پوءِ ارشاد الصرف کان وٺي قدوري ۽ هداية النحو تائين گهڻو ڪري استاد مولانا ثناءالله مرحوم وٽ پڙهڻ ٿيو. استاد مرحوم عالم هجڻ سان گڏ ڏاڍو متقي ۽ بزرگ هو. انهيءَ عرصي ۾ قرآن مجيد جو ترجمو حضرت مولانا نورمحمد انڍڙرحه وٽ پڙهندا رهياسين. قاسم العلوم ۾ ئي تجويد ۽ سنڌي مترجم جمال القرآن قاري سليمان قريشي وٽ پڙهيو، جيڪو قاري سيد شير محمد شاه وٽ تجويد پڙهيو ۽ سيد شير محمد شاه تجويد ۾استاد حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي هو .
    دوره حديث استاد حضرت مولانا عبدالهادي ميمڻ وٽ پڙهيوسين دوره جو هڪ ڪتاب صحيح مسلم شريف حضرت استاد مفتي عبدالمالڪ بلوچستاني مرحوم وٽ هيو. 1967ع ۾ فراغت ٿي. اختتام سال تي مدرسه طرفان دستاربندي جو جلسو ٿيو جنهن ۾ حضرت مولانا خليفه احمد الدين مرحوم، حضرت حافظ محمود اسعد رحمة الله ۽ استادن دستار فضيلت ٻڌائي. ڪجهه سال اڳ ۾ حضرت استاد مولانا عبدالغني جاجروي وٽ ضلع رحيم يار خان جي ٻهراڙي ۾ بدلي جي قريب ڳوٺ ۾ تفسير القرآن جو دوره پڙهيم جنهن سان قرآن فهمي ۽ توحيد جي سمجهڻ جو موقعو مليو.صحيح بخاري ۽ حديث جي ٻين ڪتابن جي اجازت مولانا غلام مصطفي قاسمي ،مولانا سرفراز صفدر،مولانا حافظ عبدالواحد بلوچ ڪوئٽه ،مولانا غلام محمد پنهور ڪولاب جيئل ،مولانا مفتي غلام قادر ميمڻ،مولانا حسن جان پشاور۽ فنون جي اجازت مولانا مظهر الدين انڊڙ ،مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ،مولانا عبدالمجيد سواتي گوجرانواله ۽
    مولانا عبدالرحمان جمالي عمر ڪوٽ کان مليل آهي .
    بيعت:
    وڏا ڪتاب خامسه جا پڙهندو هيم ته حضرت مولانا حمادالله هاليجوي سان بيعت جو ارادو ڪيم جو پنهنجي والد ۽ والده سڳوري جي بيعت سائين جن سان ٿيل هئي .سائين جن طالبن کي ذڪر نه ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا طالبن جو ذڪر ڪتاب آهن .پر سائين جن عمر جي آخري سال طالبن کي ذڪر ڏيڻ شروع ڪيو ۽ مون به ذڪر ورتو ۽ بيعت ڪئي .حضرت جن جي وصال کانپوءِ سائين جن جي وڏي خليفي مولانا احمد دين سان بيعت ڪئي جيڪي خليفه صاحب سان به مشهور هئا انهن جي وفات بعد ڪنهن سان بيعت نه ڪيم سائين مولانا عبدالعزيز رتي ديري ۽ مولانا عبدالڪريم قريشي ِٻيِر شريف وارن سان محبتون رهيون پر بيعت نه ٿي،سخت ضرورت بيعت جي محسوس ٿي استخاره ڪيم مسڪين پور واري اجتماع ۾ وڃڻ نصيب ٿيو اتي محبوب العلماءِ حضرت حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي جي تقرير ٻڌم ڏاڍو اثر ٿيو حضرت جن سان رات جو 1 بجه ملاقات ٿي عرض ڪيم ته مان جهنگ شريف اچي پوءِ بيعت ڪندم ان کانپوءِ جهنگ شريف ويم ۽ بيعت ڪيم .
    تدريس:
    1969ع کان تفسير ، حديث ،فقيه ۽ مختلف علمن جي تعليم تا حال ڏيندا رهيا آهن .
    منصب:
    * مهتمم جامعه عربيه دارلعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
    * رئيس دارالافتاءِ جامعه عربيه دارلعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
    * شيخ الحديث جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ضلع سکر
    * چيئرمين شريعت پبليڪشن سکر
    * سرپرست حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي
    * ميمبر امن ڪاميٽي ضلعو سکر
    * ميمبر سيڊيڪيٽ و سينٽ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
    * سابق ميمبر سيڊيڪيٽ و سينٽ مهراڻ انجنيرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڄامشور
    * سرپرست اعليٰ تنظيم نظر و فڪر سکر
    صحافت:
    چيف ايڊيٽر ماهنامه شريعت سکر 1973 ع تا حال
    مقلا ۽ مضمون:
    ماهوار شريعت سکر، ماهوار اديون ، مهاهنامه الرحيم، ماهوار ميثاق لاهور،روزنامه سنڌ حيدرآباد،روزنامه هلال پاڪستان ڪراچي ،روزنامه نوائي انقلاب سکر ۽ مختلف سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا شامل آهن جن جو تعداد 600 کن آهي،۽ مفتي صاحب جا مختلف ڪتابن ۾ پڻ مقالا ۽ مضمون شامل آهن.مفتي صاحب جا لکيل بيدل سائين تي تحقيقي مقالا پڻ وڏي اهميت رکن ٿا.
    تصانيفون:
    سنڌي تصانيف:
    (1) تفسير سهل البيان مڪمل (مطبوعه)
    (2) الفتاويٰ الشرعيه جلد1 (مطبوعه)
    (3) الفتاويٰ ا لشرعيه جلد 2 (مطبوعه)
    (4) الفتاويٰ الشرعيه جلد 3 (غيرمطبوعه)
    (5) الفتاويٰ الشرعيه جلد 4 (غيرمطبوعه)
    (6) الفتاويٰ الشرعيه جلد 5 (غيرمطبوعه)
    (7) فتاوي دارالعلوم الشرعيه روهڙي 2جلد (غيرمطبوعه)
    (8) مرد ڪامل (مطبوعه)
    (9) قرباني ۽ عقيقي جا مسئلا (مطبوعه)
    (10) زڪوات جا مسئلا (مطبوعه)
    (11) پيغمبر عليه السلام ۽ نيشلزم (مطبوعه)
    (12) حرمين جو سفر (مطبوعه)
    (13) اسلامي معيشت (غيرمطبوعه)
    (14) چنڊ جا مسئلا (غيرمطبوعه)

    15) من جي مالا (مطبوعه)
    (16) زهره ياسمين تفسير سورت ياسين (غيرمطبوعه)
    (17) ترجموفتح القوي في نسب النبي صلي الله عليه وسلم (مطبوعه)
    (18) درته التاج (عمليات) (غيرمطبوعه)
    (19) چهل حديث شهادت معنوي (غيرمطبوعه)
    (20) مڪمل مسائل نماز(غيرمطبوعه)
    (21) طب نبوي ﷺ( ماهوار شريعت ۾ سلسوار هليل)
    (22) سرڪاري ملازمن جي انشورنس(غيرمطبوعه)
    فارسي تصانيف:
    (1) رهنماء صرفيان (سوال وجواب ) (غيرمطبوعه)
    اردو تصانيف:
    (1) عورت ڪي وزارت عظمي اور شريعت مصطفي (مطبوعه)
    (2) عورت کي وزارت عظمي (مطبوعه)
    (3) ڪالا باغ ڊيم منصوبه قرآن وسنت ڪي خلاف (مطبوعه)
    (4) عشر آرڊينس ڪا علمي جائزه (مطبوعه)
    (5)سنده ڪا ڪيس (مطبوعه)
    (6) ڪلوننگ ڪي حقيقت اور اسکي شرعي حيثيت (غيرمطبوعه)
    عربي تصانيف:
    (1) منارالحسنات في حيات الشيخ محمد حيات
    (زير طبع )
    (2) تحقيق تحفة المحبين شرح الاربعين النوويه للشيخ محمد حيات (مطبوعه )
    (3) انتخاب علمي نڪات تفسير ڪبير (غير مطبوعه )
    (4) تيسير المقادير ( اصول مبادلة الازوان والمڪائيل المختلفه (غير مطبوعه )
    (5) تحفت الڪرام بذڪر العشر الحرام ( عشر ذوالحج بابت غير مطبوعه )
    (6) المختصر في طبقات الصحابه والصحابيات (غير مطبوعه )
    (7) اللبات في ابواب الحساب (زير طبع )
    ايوارڊ:
    شيخ الحديث شيخ التفسير حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ کي 2004 ع ۾ بيدل ايوارڊ مليو. ۽ ڪجهه مختلف سيمنارن ۾ شيلڊون به مليون آهن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    پير طريقت حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ ڪجهه يادگار فوٽو
    عبدالحئي چاچڙ
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مولانا عبدالوهاب بابت سهڻو مضمون۔

    مونکي ياد آهي ته سچل ڳوٺ ۾ هڪ دفعي حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ۽ سنڌيڪا وارن جي تعاون سان مولانا عبيدالله سنڌي تي هڪ پروگرام رٿيل هيو۔ جنهن ۾ سائين چاچڙ صاحب جن مدلل تقرير ڪري ماڻهن کي موهت ڪيو هو۔
     
  6. شمس الدين جانواڻي

    شمس الدين جانواڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سبجيڪٽ اسپيشلسٽ. اسلامي تاريخ. تعليم کاتو. سنڌ.
    ماڳ:
    ۡڪراچي
    اهڙن محقق عالمن بابت ڪار آمد تحقيقي مضمون پوسٽ ڪندا رهو، جن مان اسان جهڙن ناقص العلم شاگردن کي فائدو ٿيندو رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو