حضرت قادر بخش بيدل جي دور جون سياسي حالتون

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

    حضرت قادر بخش بيدل جي دور جون سياسي حالتون
    حضرت قادر بخش بيدل جو زمانو سنڌ تي آس پاس وارن ملڪن توڙي گورن جي قبضي وارو دور هو.
    افغانين جو قبضو: سنڌ تي افغانين جيڪو پهريون اڻ سڌي طرح ۽ پوءِ سڌيءَ ريت قبضو ڪيو هو، ان جو انت 1823ع ۾ ٿيو. ان کان بعد به شاهه شجاع ۽ ٻين افغانين سازشون ڪيون جيڪي مقامي جوڌن جوانن ناڪام بڻايون.
    راجه رنجيت سنگهه جون ڪاهون: 1817ع ۾ اهي افواهه عام ٿيا ته راجه رنجيت سنگهه جو جو ڏوهٽو نهال سنگهه وڏي لشڪر ۽ توپ خاني سان سنڌ تي ڪاهيو ٿو اچي ته اها خبر پوڻ شرط مير ڪرم علي خان حيدرآباد وارو ۽ مير سهراب خان خيرپور وارو به مقابلي لاءِ تيار ٿي شڪارپور پهتا. پوءِ جڏهن بمبئي جي انگريز سرڪار کي ان ڳالهه جي سڌ ٿي ته انهن راجه رنجيت سنگهه کي جنگ کان روڪيو.
    راجه رنجيت سنگهه جڏهن 1824ع تي مزارين کي شڪست ڏئي ديري غازي خان تي قبضو ڪيو ته پوءِ هن سنڌ تي قبضي جي سٽ سٽي ۽ 1836ع ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هن دفعي به انگريزن کيس اهڙي ڪاهه کان روڪيو.
    سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ وارو علائقو جيڪو مير غلام علي جي دور ۾ مير سهراب خان ۽ مير طاهر خان کسي خيرپور رياست ۾ ملايو هو، اهو علائقو 1842ع ۾ انگريزن واپس بهاولپور رياست کي ڏياريو هو.
    ڪراچي، قلات وارن جي قبضي ۾: ڪراچي تي قلات جي حاڪمن جو حڪم هلندو هو ۽ مقامي هندو به انهن سان ٻٽ هئا. سيٺ درياهه ڏنو مل انهن جو خاص مددگار هو. جڏهن قلاتين جو اثر رسوخ گهٽ ٿيڻ لڳو ته سيٺ درياهه ڏني مير ڪرم علي خان کي خط لکي ڪجهه شرط قبول ڪرائي ڪراچي انهن جي حوالي ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.
    قلاتين جي ڇوٽڪاري بعدِ 1939ع ۾ ڪراچي تي انگريزن قبضو ڪيو.
    ڪڇ انگريزن جي تسلط هيٺ: جڏهن ڪڇ جي علائقي تي انگريزن دست ندازي ڪئي ته سنڌ جي ميرن کي انجو سخت رنج پهتو. ڇوته ڪڇ ۽ سنڌ جو پاڻ ۾ تعلق هڪ روح ۽ ٻه جسم وارو هو. جڏهن 1823 ۽ 1824 ۾ ڪڇ ۾ ڏڪار پيو ته اتان جا ڪيترا ماڻهو هندوستان گجرات واري علائقي ۽ سنڌ توڙي پارڪر ڏانهن لڏي ويا.

    انگريزن جو سنڌ تي قبضو: انگريزن جو سنڌ ملڪ جي بعض حصن تي قبضو ته پهريون به ٿي چڪو هو پر سموري سنڌ 1843ع جي مياڻي واري جنگ بعد انهن جي قبضي ۾ آئي. جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي جنهن کي ”ميرن واري ڀاڄ“ چئبو آهي. ڪيترائي هندو ڪڇ ۽ لکپت علائقي ڏانهن لڏي ويا.
    مياڻي جي جنگ بعد چارلس نپيئر سڪرنڊ جي مري سردارن حيات خان ۽ نعيم خان کي گرفتار ڪيو ته بلوچن ۾ وڏو تاءُ پکڙجي ويو. انهن قرآن پاڪ تي وڙهڻ جو وچن ڪيو ۽ هي به اعلان ڪيو ته زمين ماءُ آهي ۽ ماءُ جو اولاد تي وڏو حق آهي. جيڪڏهن اسان ماءُ جو حق ادا نه ڪيوسي تي نمڪ حرام سڏباسي. انهن مري بلوچن به سرفروشن ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز ماڻيو.
    انگريز وڏا چالاڪ ۽ جهانديده هئا، انهن سنڌ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو. (1) ڪراچي (2) حيدرآباد (3) شڪارپور. پوءِ 1883ع ۾ ضلعي هيڊڪوارٽر شڪارپور مان بدلائي سکر ڪيو ويو. انگريزن حيدرآباد کان بعد شڪارپور ۾ ڇانوڻي قائم ڪئي جنهن کي 1861ع ۾ جيڪب آباد منقل ڪيو ويو.
    سرفروش: سرفروشن ۾ جنرل هوش محمد شيدي جو نالو سڀ کان مٿاهون آهي. هو مياڻي جي جنگ ۾ وڏي بهادري ۽ بيباڪي سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. انهيءَ جا آخري لفظ هئا:
    ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏي سون“
    جنرل هوش محمد شيدي لاءِ انگريز ڪمانڊر چارلس نپيئر گورنر کي لکي موڪليو ته هو قبيلي جو سردار ۽ جنگ جو مکيه ڪارڻ هو.
    مير شهداد خان، هن انگريزن سان مقابلو ڪيو، جلاوطني اختيار ڪئي ۽ دربدر واري زندگي گذاري پر وطن فروشي جو داغ پاڻ تي لڳڻ نه ڏنو. هي سرفروش 1877ع ۾ وفات ڪري ويو.
    انگريزن مير رستم خان، مير نصير خان، مير ولي محمد خان ۽ مير الله بخش خان کي قيد ڪري بمبئي ويجهو پوني شهر جي ڀر سان ڳوٺ ساسور ۾ قيد ڪري رکيو. جتي مير رستم خان ۽ سندس ڀائٽيو مير نصير خان وفات ڪري ويا
    انهن سرفروشن کي ساسور بعد هزاري باغ ۽ ڪلڪتي ۾ قيد ۾ رکيو ويو. انهن مان جيڪي بچيا انهن کي 1854ع ۾ سنڌ واپس آندو ويو.
    سردار دريا خان جکراڻي، دلمراد خان کوسو ۽ سيد عنايت علي شاهه، اهي ٽيئي جوڌا جوان وڏن خاندان سان تعلق رکڻ وارا هئا. انهن کي دنيا جون مڙيئي آسائشون ميسر هيون پر عام سردارن ۽ پيرن ميرن وانگر انهن جو ضمير مرده نه هو.
    انهن ٽنهي ڪجهه ٻين ساٿين سان گڏجي بغاوت جي هڪ وڏي سٽ سٽي پر پنهنجي ماڻهن جي غداري ڪري انهن جو منصوبو ناڪام ويو ۽ کين قيد ڪيو ويو. سزا ۾ کين جزائر انڊومان موڪليو ويو ۽ اتي ئي مري کپي ويا.
    مطلب ته حضرت قادربخش بيدل جو دور وڏي سياسي اٿل پٿل جو دور هو. توڙي جو بيدل سائين جو سڌو ڪو سياسي ڪردار نظر نه ٿو اچي پر پير محمد راشد روضي ڏڻي رحه جي خاندان سان سندس تعلق هن ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڻ سرفروشن جا همدرد هئا ۽ سندن دل مان انهن لاءِ هميشه دعائون نڪرنديون هيون ۽ بارگاهه الاهي ۾ انهن پنهنجا هٿ وطن دوستن جي ڪاميابي لاءِ کنيا هئا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فقير قادر بخش (بيدل)
    (1814ع – 1872ع)

    فقير ”قادر بخش ولد ميان محمد حسن“ روهڙي شهر ۾ ڍڪ بازار جي نزديڪ پاٽولين جي پاڙي ۾ هجري سنه 1230 مطابق عيسوي 1814ع ۾ ڄائو هو. سندس مائٽ پاٽڪو ڌنڌو ڪندا هئا.
    فقير قادر بخش کي ڄائي ڄم کان وٺي پير ۾ حساب هوندو هو، تنهن ڪري منڊڪائي هلندو هو. ننڍي هوندي کيس پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مائٽن چڱيءَ طرح ڏياري هئي، جنهن ڪري هو تحصيل جو صاحب ۽ وڏو عالم هو.
    فقير قادر بخش جو والد ميان محمد محسن ڀاڳناڙي واري بزرگ سادات سيد ”عبدالغفار“ شاه جو مريد هو؛ پر فقير قادر بخش جو صدق جهوڪ شريف جي صوفي فقيرن ڏانهن هو، تنهن ڪري اوڏهين جو مريد ٿيو. فقير قادر بخش پهريائين قاضي فيض الله واري محلي جي مسجد ۾ سڀڪنهن جمعه نماز بعد عالمانه وعظ ڪندو هو. جڏهن فقير قادر بخش تي صوفيانو رنگ غالب پئجي ويو ۽ ”سچل“ سائين جي صحبت به مٿس ڪامل اثر ڪيو، تنهن کان پوءِ پاڙهڻ ۽ وعظ ڪرڻ وارا ڪم وٽائنس ڇڏائي ويا ۽ هڪڙو پاڪ دل حسن پرست بنجي پيو ۽ فقيراڻيون ڪرامتون ڏيکارڻ شروع ڪيائين.
    اول اول قاضين جي محلي واري قاضي پير بخش جي حسن تي عشق پچايائين، جنهن کي توڙ تائين پنهن جو معشوق ۽ مرشد ڪري مڃيندو رهيو. پوءِ ته جتي فقير حسن ڏسندو هو، اتي پاڻ کي عاشق بڻائيندو هو.
    فقير قادر بخش پهريائين موزون ڪلام چوندو هو، پر صوفيانه رنگ ۾ رچڻ بعد سندس ملڪو کلي پيو ۽ ڪافين ۾ بحر پلٽائي ڇڏيائين ۽ پنهنجو تخلص رکيائين بيدل.
    فقير قادر بخش پنهنجي عزازت مان شادي به ڪئي هئي، جتان هڪڙو فرزند محمد محسن نالي ٿيس جنهن وري پاڻ تي (بيڪس) تخلص رکيو هو.
    فقير قادر بخش 59 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 16 ذوالقعد هجري سنه 1289 مطابق 1872ع ۾ وفات ڪئي.
    بيدل فقير جو مقبرو روهڙي شهر سان لڳو لڳ ڏکڻ طرف آهي. اهو به راحت جهڙو فقيراڻو آستان آهي. چوڪنڊيءَ ۾ ”بيدل فقير ۽ پٽس بيڪس فقير جي تربتن سان گڏ آخوند عبدالله جي تربت به آهي. جو بيدل فقير جو ڀاڻيجو هو ۽ وعظ واري مسجد جو پيش امام ۽ مڪتب جو پاڙهيندڙ هو.

    بيدل فقير جو ڪلام
    بيدل فقير پارسي موزون ڪلام به چيو آهي، جو هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي. باقي سندس ڪافيون تمام گهڻيون آهن، جن مان گهڻيون ڪافيون سرائڪي ٻوليءَ ۾ آهن ۽ ٿوريون ڪافيون سنڌيءَ ۾.

    ڪلام جي خصوصيت


    بيدل فقير جي ڪلام جي خاص خصوصيت آهي رندانه جذبات، خود فراموشي (پاڻ وساري ڦٽو ڪرڻ) ۽ سڀڪنهن نقش ۾ نقاش کي پسڻ، سچل سائين کان پوءِ جلالت ڀريو رندي ڪلام بيدل فقير ئي چيو آهي.

    سنڌي ادبي بورڊ جي ويب تان ورتل

     
    اي جي شيخ، TAHIR SINDHI، فياض حسين ۽ 2 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ڊاڪٽر صاحب جو جامع مضمون، مهرباني ادا۔۔۔
     
  4. شاهد علي عباسي

    شاهد علي عباسي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سائين جن جي تمام گهڻي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو