ڳالهين جا جادوگر گرفت ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2013۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    واهه سائين واهه! هاڻ آمريڪي ۽ پاڪستاني ملي ڪري نئون پاڪستان پيا ٺاهين. شايد ان جو اشارو انهن ماڻهن طرف آهي جيڪي کائين ته هن ملڪ جو ٿا ۽ سوراخ به انهيءِ ٻيڙيءِ ۾ پيا ڪن! سوشل ميڊيا جي جاري ويڙهه هاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي چڪي آهي ۽ ائين ٿو لڳي ته جيو چينل جي ميزبان حامد مير ڪوڙڪي ۾ ڦاسي پيو آهي. هن جي بيوسي ڏسي لڳي پيو ته لومڙ پنهنجي ئي وڇايل ڄار ۾ ڦاٿو آهي. هن پاڪستان سان ڪافي راند ڪري ورتي! چوڻي آهي ته سئو ڏينهن چور جا پر هڪ ڏينهن ڀاڳيئي جو به ايندو آهي! پاڪستاني قوم ڏاڍي بي رحم قوم آهي هيءِ پڪڙيل چور سان ڏاڍو گندو سلوڪ ڪندي آهي انهيءِ جي مٿي جا وار ڪوڙي هٿ ۾ پڪڙائي ڇڏيندي آهي. ماڻهن صرف حامد مير کي ئي نه بخشيو پر ان جي والد محترم کي به دريا جي تيز ڪن ۾ وجهي ڇڏين. هڪ تصرير گردش پئي ڪري ته وارث مير کي اعلى ڪارڪردگيءِ تي بنگلاديش جي حڪومت انهن ماڻهن کي نوازي پئي جنهن بنگلاديش جي ٺهڻ ۾ ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪيو هئو. جيڪي بوسڪيءِ جا پٽڪا ٻڌل آهن انهن ۾ يا ته ماڻهو سک آهن يا پوءِ انهن جو تعلق هندو مذهب سان آهن. انهن ۾ پنهنجي والد محترم جي نمائندگي ڪندي حامد مير صاحب به موجود آهن. وارث مير صاحب جا ڪارناما ڪهڙا هئا اهو موصوف ٻڌائي ته بهتر آهي.
    هاڻ وري هڪ نئي ڪٻٽي راند شروع ٿي آهي مڃيل اهي صحافي جن کي نه پوري اردو ٻوليءِ جي ڄاڻ آهي نه وري اردو ڳالهائڻ ٿي اچين پنهنجي بچاءَ لاءِ هڪ عدد متارو مولوي ميدان ۾ وٺي آيا آهن. مولانا طاهر اشرفي جيڪو جنرل مشرف جي دور جو سند يافته مولوي آهي ان کي رنگين اسڪرين تي آندو ويو آهي. چون ٿا موصوف شربتِ خبيثه جو شوقين آهي ڇو نه هجي مشرف جي ويجهڙائپ جو هئس. ثابت ڪيو پيو وڃي ته سيد زيد حامد آئي ايس آئي جو ايجنٽ آهي. قادياني آهي فلان آهي. پر هتي جهڳڙو اهو آهي ته اسان جي ازلي دشمن ڀارت جو ايجنٽ ڪير آهي؟ ڇا اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته آئي ايس آئي ڪنهن ٻاهرين دنيا جي ايجنٽ آهي، هي را آهي اگر ائين آهي پوءِ ته تمام غلط ڳالهه آهي. جيڪڏهن سيد زيد حامد قادياني آهي ته پوءِ ڪو شڪ ناهي ته اهي قادياني ماڻهو پاڪستان جي بنياد لاءِ فائديمند نه آهن پوءِ اهو زيد حامد هجي يا نجم سيٺهي. هتي بحث اهو آهي ته جيو دشمن ملڪ لاءِ ڪم پيو ڪري انهن جا سڀ پروگرام اسلام دشمنيءَ تي مشتمل هوندا آهن.
    ڀلا جيو جو مقصد ڇا آهي؟اجمل قصاب کي پاڪستاني ثابت ڪري جيو پاڪستان جي ڪهڙي ڳاٽ اوچي ڪئي؟ بمبئي حملن ۾ پاڪستان کي ڪيترو نقصان رسيو ان جي ڪا حد حساب ڪونهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيو نيٽ ورڪ حامد مير جي پٺيءَ کي ئي ڇو بند ٺاهيو ويٺي آهي؟ ملڪ رياض جي اسڪينڊل ۾ مبشر لقمان جي دنيا ٽي وي تان نوڪري وئي، هاڻ جيو تي سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ثابت پيو ٿئي ته اهو ٽيم ورڪ پلان آهي جيڪو پاڪستان مخالف ٽولا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڪن پيا. ويچاري مبشر لقمان ته انهن جي چهرن تي پيل نقاب لاهي پنهنجو ڪفارو ادا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ هن جي چينل جي ريٽنگ جيو کان بهتر ٻڌائي پئي وڃي. هي اها طاقت آهي جيڪا سوشل ميڊيا جي ور چڙهي آهي.
    مسلمانن وٽ پنهنجي ڪا به ميڊيا نه آهي جنهن جي ڪري هو ان ميدان ۾ مار پيا کائين. مون کي ته الجزيره به انهيءِ پلان جي هڪ ڪڙي پئي لڳي. جنگ گروپ هميشه ڏاڙهون کائڻ کي ترجيح ڏني آهي. هن اداري پاڪستان جي نظرياتي سرحدن تي هميشه وار ئي ڪيا آهن مگر ڪنهن هن کي روڪيو ئي نه آهي، حلات اها آهي جو اسان جي اميدن جو مرڪز چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پڻ انهن کي منع ناهي ڪيو! جنهن ڏينهن جيو شروع ٿيو اهي ميڊيا جي آزادي جا ڏينهن هئا، اهو صرف پاڪستان ۾ نه ٿيو بلڪه پوري دنيا ۾ چينلن جي ڀرمار ٿي. ايتري ته فنڊنگ ٿي جو ڏسندي ئي جيو ڇائنجي ويو.
    هاڻ ان جي پروگرامن تي نظر وجهجي ته اسلامي پاڪستاني معاشري جو خانو خراب ۾ جيو هڪ قدم وڌائي هڪ ٻيو چينل هلائڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان کي جاويد غامدي جو پروگرام ياد هجي جنهن ۾ اسلامي عقيدن جو بري طرح مذاق اڏايو ويو هئو، موصوف حضورِ اڪرم جن جي تعليمات کان هٽي ڪري مسيح معود جا حواله ڏنا هئا. اهڙي طرح پاڪستان جي معاشري ۾ توازن کي لوڏڻ جا هربا استعمال ڪيا ويا. باقي پروگرامن جو حال به ائين ئي آهي. حامد مير صاحب جي پريشاني ڏسي اهو اطمينان ٿيو ته فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر جي لکين استعمال ڪندڙ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زيادتين جو نوٽيس ورتو آهي. هاڻي اينڪر پرسنس جي مرضي نه هلي سگهندي. رهي ڳالهه ان عالمِ دين جي جيڪي شراب جي نشي ۾ محو ڏٺا ويا مان نه ٿو سمجهان ته انهن کي پنهنجي حمايت ۾ آڻي انهن کي ڪو فائدو ٿيو. جيو ۽ ٻين چينلن وارن هڪڙو ٻيو ڪم شروع ڪيو آهي جو رمضان جي نشريات انهن ماڻهن جي حوالي ڪئي اٿن جن جي شهرت ئي ٺيڪ نه آهي اهو ڪمال به مان سمجهان ٿو جيو جو آهي جو عامر لياقت حسين نچي ڪڏي ڪري اسلامي تعليمات پيو ڏئي. بدقسمتي اها آهي جو شرعي پردي بغير عورتن کي سامهون ويهاري اهڙا سوالل پڇيا پيا وڃن جيڪي مخفي رکڻ گهرجن. جيو سان جيڪو به ٿيو آهي اهو هن چوڻي جو محور آهي ته “جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“. ڀارت جي اداڪارن جي جنم ڏهاڙن، انهن جي فلمي سرگرمين کي ڏيکاري هنن اصل ۾ ٻه قومي نظريئ تي ضرب هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چينل کي ڏسڻ وارو اهو ٿو سمجهي ته پاڪستان ۽ ڀارت شايد هڪ آهن.
    هاڻي اچو انهيءِ جي حل طرف اهو آهي انهيءِ جو مڪمل بائيڪاٽ. ماڻهو انهن کي نه ڏسن جڏهن انهن جي ڏسڻ وران جو انگ گھٽ ٿيندو ته اشتهار گھٽ ملندا. جنگ گروپ کي اهو احساس ٿئي ته حامد مير ۽ ڪامران خان جي ڪري اسين نقصان ۾ ٿا وڃون ته اهي هنن کي ڪن مان پڪڙي ٻاهر ڪڍون!!
    رهي ڳالهه حڪومتي ذميدارين جي ته ان مان اسان کي ڪا اميد رکڻ نه گھرجي، اسان جي پنهنجي وزيراعظم ڀارت جي خدائن کي ٿو پوڄي ۽ هو ان براڊر کي لڪير ٿو سمجهي جنهن کي لکين شهيدن جي رت سان ڪڍي وئي هئي نه ته پنجابي ته سک به ڳالهائيندا هئا. اگر کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ هڪ ڪجي ها ته الڳ ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ميان صاحب اهو سڀ جذبات ۾ چئي ويا هئا شايد !!!!!.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ميڊيا وارن جي وچ ۾ هلندڙ ان جهيڙي جو عام عوام سان ڪو واسطو ناهي۔ سڀ پيسي جي گيم آهي۔ جنهن کي جتان گهڻو مال ملي ٿو اهو ان جا راڳ ڳائي ٿو۔ اهي اينڪرپرسن به هڪ فنڪار سمجهيا وڃن۔ جن کي هر ڳالهه لکيل ملي ٿي۔ آواز ۽ چهرو انهن جو ضرور هوندو آهي پر لفظ ڪنهن ٻئي جا هوندا اٿن۔۔۔!! انهن مان اڪثر وڪاميل آهن، سندن اگهه اڳ ئي مقرر ٿيل آهن۔اهي ناظرين ۽ سامعين کي جيڪو آئينو ڏيکارڻ چاهين اهو ئي ڏيکاري پنهنجي روزي روٽي ڪمائيندا آهن۔انهن جا آقا پري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ويهي کين ڌاڳن جي وسيلي پتلي تماشي جيان هيڏانهن هوڏانهن ڪري روز نئون تماشو ڏيکاريندا رهن ٿا۔ انهن کي ملڪ، قوم ۽ مذهب جي ڪهڙي فڪر۔۔!!:(o_O
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    ادا وارٿ مير ڪهڙو گناهه جو ڪم ڪيو
    توهان جي مسلمان مجاهدن ( پاڪستاني فوجين) جيڪي ويل بنگال ۾ ڪيا اهڙا ته
    شايد تاريخ ۾ ٻي ڪنهن جڳهه تي نه ملن اگر ان ظلم ۽ جبر خلاف وارٿ مير لکيو
    ته اسان کيس سلام پيش ڪريون ٿا،پوري پنجاب ۾ فيض آحمد فيض کان سوا اگر ٻيو ڪو پنجابي
    ليکڪ غيرتمند هو ته اهو صرف وارث مير۔۔۔۔۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڀ ڪنهن کي حق آهي ته هو پنهنجي خيالن جي پرچار ڪري ۔
    پر ميان ايترو ته ضرور ڪري جو ٻاهرين دشمن کي پنهنجي اندر جو احوال ته نه ڏئي ۔ ان مان منهنجو مطلب ڪڏهن به اهو ناهي ته پنهنجي خامين جي اصلاح نه ڪري پنهنجي خامين جي اصلاح ضرور ڪري ادا باغي صاحب پر پنهنجي اوگهڙ ڏيکارڻ بجاءِ اصلاح ڪري ڍڪي ۔
    جي واهن کي بنگالين جو ڏک آهي ته ان کان وانجا اسان به ناهيون دراصل اسان ٻنهي جي وچ ۾ جهڙو ڪرائي اسان جي گهر کي ئي ٻن حصن ۾ ويرهايو ويو۔
    هاڻي جي وري اوهان قوم پرست آهيو ته اوهان اهون چوندو ته اسان هن ملڪ جي وجود کي ئي نه ٿا مڃون ۔ ميان ليڪن ايترو خيال ضرور رهي ته ڏاري ايسيتائين سرسبز و شاداب رهي سگهي ٿي جيسيتائين وڻ سان آهي ان ٽاري کي ايسيتائين اميدِ بهار رکڻ گهرجي جيسيتائين ان وڻ سان ان جو واسطو آهي ،
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ادا اسان ليکڪ ناهيون مگر ايترو احساس ضرور آهي ته قلم جي مار تلوار جي مار کان ڪئي دفعا وڌيڪ آهي۔ اگر هنن جو قلم ائين هليو هوندو ته پو اڄ انهن کي بنگلاديشي ئي پنهنجو پيا ڪن يا اهي آهن ئي بنگالي۔ سوچڻ ۽ تجزيو ڪرڻ ته هر انسان جو بنيادي حق ۾ ٿو اچي اسان سان ستم ذني جي اها ته انتها آهي جو پاڻ غلط تجزيه ڪندا آهيون پنهنجي را کي اهميت جا جبل ٺاهي پنهنجو بچا سمجهندا آهيون پر اهي تڏهن ريزه ريزه ٿيندا آهن جڏهن حقيقتون سامهون اچڻ لڳنديون آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو