ڇا ڪو اسان جهڙو گهٽ عقل وارو به هوندو۔۔۔ ؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 آگسٽ 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڇا توهان سمجهو ٿا ته جڏهن توهان جي عمر 60 سال کان وڌيڪ ٿي ويندي ته ڪا ڪمپني توهان کي سٺي پگهار ۽ سٺن سهولتن سان نوڪري ڏيندي۔۔۔؟
    ڇا توهان پنهنجي عمر جي ان آخري حصي ۾ ڪنهن فوج ۾ ڀرتي ٿي سگهندو۔۔۔؟

    يقينن توهان جو جواب ”نه“ هوندو۔۔۔
    ڇو ته هر ڪمپني کي جوان خون ۽ ڦرتيلو ڪارڪن گهرجي۔۔۔
    جڏهن هڪ دنياوي اداري ۾ اسان کي پنهنجي ٻڍائپ ڪري ڪنهن ڳالهه جي قابل نه ٿو سمجهيو وڃي ته عمر جي ان آخري حصي ۾ اسان عبادت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهنداسين۔۔۔؟
    ۽ ڪهڙي خبر ته اسان عمر جي ان آخري حصي تائين پهچي به سگهنداسين يا نه۔۔۔؟
    ڪنهن سچ چيو آ ته۔۔۔ ”اسان گناهه تڏهن ڇڏيندا آهيون جڏهن اسان گناهه ڪرڻ جي قابل نه رهندا آهيون۔۔۔“
    دنيا ڪجهه ڏينهن جي آ ۽ اسان ان کي ابدي سمجهي ورتو آهي۔۔۔ جڏهن ته آخرت ابدي آ ۽ اسان ان کي ڪجهه ڏينهن جي سمجهي ويٺا آهيون۔۔۔
    ڇا ڪو اسان جهڙو گهٽ عقل وارو به هوندو۔۔۔ ؟؟؟؟؟
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي اسان انسان ڪم عقل آهيون اڪثر ائين سمجهيو ويندو آهي ته نيڪي جا ڪم عمر جي آخري حصي ۾ ڪبا ليڪن ڪي نوجوان دوست اگرچه عالم يا حافظ نه هوندا آهن ليڪن عبادت ۾ عالمن حافظن کان به وڌيڪ چست هوندا آهن اهڙن ڀلارن جي خوشخبري لا هڪ روايت آهي ته جيڪو جواني ۾ عبادت گهڻي ڪندو هوندو ۽ وڏي عمر ۾ ڪمزوري جي ڪري هاڻي ايتري عبادت نه ٿو ڪري سگهي ته جيئن گورنمينٽ اولڊ ايج وارن کي انعام طور پينشن ڏيندي آهي الله تعالى به پنهنجي پيارن ٻانهن کي پينشن واري انعام طور ملائڪن کي حڪم فرمائيندو آهي ته اهو منهنجو ٻانهو مخلص آهي جواني ۾ گهڻا نفلات پڙهندو هو هاڻي پيري ۾ اگرچه گهڻي عبادت نه ٿو ڪري سگهي ليڪن ان جو ثواب اوترو لکو جيتري جواني ۾ عبادت ڪندو هو۔ آهي نه رب مهربان! اوهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته اسان انسان ڪا شي پاليندا آهيون ته اها اسان کي تمام گهڻي پياري لڳندي آهي اگر ڪو ان کي تڪليف ڏئي ته اسان کي تڪليف محسوس ٿيندي آهي ائين الله تبارڪ وتعالى جي هڪ صفت ربّ آهي جنهن جي معنى آهي پاليندڙ ان پاليندڙ کي پنهنجي پاليل مخلوق تمام گهڻي پياري آهي اگر ان مخلوق کي ڪو تڪليف ڏئي ايذائي ٿو ته رب ناراض ٿئي ٿو ۽ سندس ربوبيت جو شان آهي جو اگرچه انسان نافرماني ڪري ٿو تڏهن به رب ڪريم ان جي روزي بند نه ٿو ڪري ان جي پرورش کي ختم نه ٿو ڪري، ان رب ڪريم جي عبادت جواني توڙي پيري ۾ اسان جي مٿان حق آهي جو پاڻ ئي فرمايو اٿس
    وما خلقت الجن والانس الا ليعبدون
    مون جنن انسانن کي پنهنجي عبادت لا پيدا فرمايو آهي۔
    تمام بهترين مضمون آهي الله تعالى اسان کي سمجهه عطا فرمائي ۽ پنهنجي عبادت جي توفيق عطا فرمائي۔
    جزاکم الله خيرا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    خيال سٺو ۽ نيڪ لڳو۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڳالھ تمام بھترين ۽ ننڍي ذھن وارن مطلب مون جھڙن ماڻھن کي سمجھ ۾ اچي وئي۔
     
  5. اويس

    اويس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 اپريل 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڳاله وڻي۔تمام بهترين ليک
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو