ڪملا ڪيسواڻي : راڳ کي عروج بخشيندڙ گلوڪاره

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪملا ڪيسواڻي : راڳ کي عروج بخشيندڙ گلوڪاره
    محمد عثمان ميمڻ

    فن جي دنيا ۾ اهڙا کوڙ سارا ماڻهو آيا جن پنهنجون پوريون ڄمارون فن ۾ غرق ڪري ڇڏيون. پر شهرت جي ديوي مٿن ڪڏهن به مهربان نه ٿي، پر ڪي نالا اهڙا آهن جن ٿوري ئي وقت ۾ ايترو ته نالو ڪمايو جو شهرت به دنگ رهجي وئي. فن جي دنيا م عورت جو اچڻ جيتوڻيڪ هاڻ ته ايترو ڏکيو ناهي رهيو جيترو ورهاڱي کان اڳ يا ستر اسي واري ڏهاڪي تائين هو. اهو دور فن جي عروج جو دور هو. جنهن دور ۾ ڪيترن ئي اهڙن استادن ۽ فنڪارن جا نالا نمودار ٿيا جن اڳتي هلي خوب نالو ڪمايو. ان دور ۾ عورتون آڱرين تي ڳڻڻ برابر به نه هونديون هيون. جن فن جي دنيا ۾ مردن سان منهن مقابل ٿي پنهنجو نالو ڪڍيو. اها سنڌ جي بدقسمتي ليکبي جو 1947ع ۾ ورهاڱي جو وڍ به سنڌ جي اصلوڪن سنڌي هندن کي سهڻو پيو هو. جنهن دوران کوڙ سارا اهڙا خاندان سنڌ ڇڏي هند هليا ويا، جيڪي سنڌ جي صنعت ۾ ڪرنگهي جي هڏي سمجهيا ويندا هئا. ڪنور ڀڳت رام جو بي گناهه خون ۽ هندن کي سنڌ مان لڏائڻ واري سازش پٺيان ٻيا ڪي هٿ هئا، جن نٿي چاهيو ته سنڌ ۾ مذهبي فرقيواريت بدران سيڪيولرازم جاءِ ولاري.

    هند ۾ سنڌي راڳ کي عروج بخشيندڙ نامور گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻيءَ جو تعلق سنڌ سان هو. سندس جنم 27 آگسٽ 1934ع تي ڪراچيءَ شهر ۾ گوبند رام مدناني جي گهر ۾ ٿيو. سندس خاندان اصل سکر شهر جو رهاڪو هو. جتي ڪملا ڪيسواڻيءَ جو پيءُ ٽيليگراف سپروائيزر هوندو هو. ڪملا ڪيسواڻي جو ٻالڪپڻ به سکر شهر جي ٽڪر تي رانديون ڪندي گذريو. هن سنڌي سميت انگريزي چار درجا سکر شهر ۾ ٽڪر تي قائم پوسٽ آفيس جي سامهون پي پي گرلس اسڪول مان پاس ڪيا. ان دوران اوچتو ورهاڱو ٿيو. جنهن سبب کيس سنڌ ڇڏي هند وڃڻو پيو. جنهن سبب سندس تعليم به پاڻ جيئن دربدر رهي. ورهاڱي بعد سندس خاندان پهريان جوڌپور ۾ اچي آباد ٿيو، بعد ۾ هن بيڪانير پوءِ جئه پور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. هن جئه پور مان پنهنجي پڙهائي پوري ٽيليفون آپريٽر جي نوڪري اختيار ڪئي. ننڍڙيءَ ئي وهيءَ ۾ مٿس گهر جا بار پيا. هن پوءِ به همت نه هاري، ڪملا ڪيسواڻي جو لاڙو شروع کان ئي فن ڏانهن رهيو. جئه پور ۾ نوڪري ڪرڻ دوران هن سنڌي ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ڪجهه پروگرامن ۾ پرفامنس ڪيو جنهن دوران کيس خوب داد مليو.
    ڪملا ڪيسواڻي جي شادي جئه پور جي هڪ انٽر پاس ڇوڪري ارجن سان ٿي، پهريان هن ارجن سان شادي نٿي ڪرڻ چاهي پر سندس هڪ ڊاڪٽر ڀاءُ پاران بمبئي جي هڪ ڇوڪري سان شادي جي خواهش ڏيکاري جنهن بعد هن جئه پور ۾ رهڻ پسند ڪندي ارجن نالي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪئي. ڪملا ڪيسواڻي پنهنجي فن جي سکيا ته ڪنهن کان نه ورتي. ڇاڪاڻ ته ورهاڱي بعد سنڌ مان هند لڏي ويندڙ سنڌين لاءِ ماحول سازگار ڪو نه هو. جنهن بعد سندس ڀاءُ هڪ سنگيت اسڪول ۾ کيس داخلا وٺرائي ڏني. جتي هن فن جي ڪجهه سکيا حاصل ڪئي. هن پنهنجي فن جي باقاعده شروعات ريڊيو تي ڳائڻ بعد شروع ڪئي. ان وقت ريڊيو تي آڊيشن ڏئي ايپرو ٿيڻ تائين وارو مرحلو نهايت ئي ڏکيو ۽ اذيت ناڪ هو. سندس چوڻ مطابق ته ريڊيو ئي سندس پهريون استاد هو. هن ريڊيو تان پهريون ڪلام ”ٻاروچا او يار ڪوهيارا او يار“ ڳايو. هن هند جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ سنگيت جي پروگرامن، اسٽيج پروگرامن، ميلن، ورسين، سنڌي سميلن وغيره ۾ شرڪت ڪري خوب داد حاصل ڪيو. نامور موسيقار سي ارجن کيس تمام ويجهو رهيو. سي ارجن کيس هڪ سنڌي فلم ”شل ڌيئر نه ڄمن“ لاءِ هڪ گيت ”آءٌ اچي مل منٺار تنهنجي وڇوڙي ماري آهيان“ ڳائڻ لاءِ ڏنو، پر اهو گيت نامور گلوڪار آشا ڀوسلي جي بيحد اسرار بعد کيس ڳائڻ لاءِ ڏنو ويو. ڪملا ڪيسواڻي کي ڪوهياري، سورٺ راڳ ۽ سنڌي ڀيروي تي عبور حاصل هو. ڪملا ڪيسواڻي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. جن ۾ نارائڻ شيام، هري دلگير، پرڀو وفا ارجن، حاسد، ڪرشن راهي، ايم ڪمل، گوورڌن ڀارتي وغيره جا گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هوءَ سنڌي فنڪارن مان عابده پروين ۽ محمد جمن کان متاثر هئي. جڏهن ته هند مان ماسٽر چندر ۽ ڀڳونتي ناواڻي کان بيحد متاثر هئي. سندس مشهور گيتن ۾ ”عشق جي ماري ماري آهيان“ سڪندي چريءَ کي سال لنگهي ويا. جوڳي زورآور ذات ۽ جن لکيو منهنجو انگ اديون، قلم سان ڪاڏي وڃان، بيحد مقبول ٿيا. کيس خدمت طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. کيس هميشه سنڌ ڏسڻ جي اڪير هوندي هئي. ڪملا ڪيسواڻي 9 مئي 2009ع تي جئه پور ۾ وفات ڪئي. ڪملا ڪيسواڻي جو وڇوڙو سنڌي موسيقيءَ ۾ تمام وڏو خال هو. جيڪو صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي

    خوبصورت ونڊ آهي، ڪملا ڪيسواڻي شادي وهان جا به کوڙ سارا گيت ڳايا آهن جنهن ۾”ڳايو ڳايو لاڏا“ ”شادي اسان جي گهر ۾“ ۽ الا ڪيترا خوبصورت گيت جنهن ۾ عشق جي ماري آهيان شامل آهن۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو