اُستادن جو اُستاد ”اُستاد محمد جُمن“ ڄم 10آڪٽوبر1935ع وفات 24 جنوري 1990ع

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اُستادن جو اُستاد ”اُستاد محمد جُمن“ ڄم 10آڪٽوبر1935ع وفات 24 جنوري 1990ع
    تحرير ۽ تحقيق ڪندڙ : عبدالرزاق ميمڻ

    سندن ڄم 10آڪٽوبر 1935ع ۾ ڳوٺ ڪنڊ جھنگ لسبيلا ، بلوچستان ۾ ٿيو. سند س وڏا بلوچستان جا هئا ۽ سندس والد جو نالو حاجي احمد هو، پاڻ ذات جا سخيراڻي هُئا. بلوچ ثقافت مُطابق سندن وڏا ”سُرندو“ وڄائيندا هُئا ۽ پاڻ موصوف سندن هنج ۾ ويهي سُرندو ٻُڌندو هو ۽ سُرندي جا آلاپ ٻُڌي کيس هنج ۾ ئي ننڊ اچي ويندي هُئي. اهڙيءَ طرح جنهن ماحول ۾ اک کوليائين ۽ هوش سنڀاليان ئي ته پاڻ کي موسيقيءَ سان لڳاءُ پئدا ڪرڻ وارو ڀانيائين.

    جڏنهن به سنڌي موسيقيءِ جوذڪر ڪبو ته اُستاد مُحمد جمن جو نالو مٿاهين نالن ۾ نظر ايندو، پاڻ ڳائڻ سان گڏ بينسري به وڄائيندو هو، ۽ بينسريءَ جي ڄاڻ ڪري کيس سُرن کي سمجھڻ ۾ آساني ٿي ۽ گھٽ وقت لڳو، جنهن لاءِ ٻين فنڪارن کي ڳچ عرصو لڳيو وڃي. هن راڳ جي تربيت اھستاد نظر حسين کان ورتي جيڪو ملڪه ترنم نورجهان جو به اُستاد هو. استاد نظر حسين کيس چوندو هو ته تون فن ۾ ملڪه ترنم نورجهان کان به ٻه رتيون اڳيان آهين، اهو ئي سبب هو جو سندس ٺاهيل ڌُنيون ميڊم نورجهان ڳايون هُيون ۽ هوءَ استاد محمد جمن جو هي ڳايل ڪلام ڳائيند هُئي ” يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ ۽ جڏنهن اهو ڪلام پهريون ڀيرو ڳايائين ته ان جو ڪجھه معاوضو استاد محمد جُمن ڏانهن موڪليو هُئائين.

    معاوضي جي اصل ڪهاڻي هن ريت آهي ته 1975ٿ 1976ع ڌاري، فلم ساز اي حميد، استاد محمد جمن جي ڪمپوز ڪيل ڪلام ” يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ کي پنهنجي ڪنهن فلم ۾ ميڊم نورجهان کان ڳارائڻ چاهيو، تي ميڊم کي اها ڌُن ڏاڍي وڻي ۽ هون چيو ته ” هيءَ شي سنڌ جي هڪ فنڪار جي آهي سو پهريائين اُن کان اجازت وٺي اچ پوءَ ڳائينديس“ ان کان پوءِ اي حميد صاحب هيدرآباد آيو ۽ استاد محمد جمن کان ان ڪلام کانسواءِ ٻيون ڌُنون به ورتيون ۽ چون ٿا ته هُن اُن وقت هنن ڌُنن جا اُستاد کي ڏهه هزار رُپيه به ڏنا. اُستاد محمد جُمن ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏني جن ۾ جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءِ، علي محمد خاصخيلي، جميلا ناز، شفيع محمد سر فهرست آهن. سندس پُٽ شفيع محمد کائنس گھڻو ڪُجھه سکيو ۽ اسندس سڪون لاهيندو هو.

    1947ع ۾ جڏنهن پاڪستان ٺهيو ته اُن وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيشن ڪانه هُئي. 14 آگسٽ 1948ع تي پهرين اسٽيشن ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿي، جنهن جي نشريات انٽيليجنس اسڪول منجھان شروع ڪئي وئي. اُن وقت ريڊيو ڪراچيءَ جو سرواڻ ۽ ريڊئي جو ابو( زيڊ اي بخاري) ذوالفقار علي بُخاري هوندو هو. بخاري صاحب ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ٺهڻ کان پوءِ لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻُڌو، انهن منجھه استاد محمد جُمن پڻ هو ۽ ۾همد جُمن جي وڄايل بينسريءَ کي مست ڪري ماريو ۽ اُتان ئي استاد محمد جمن کي کنڀي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ به چار منٽ کيس مائڪرو فون تي به ٻُڌائين. محمد جمن کيس راڳ ”ڪوهياريءَ“ مان کيس ڌُن ٻُڌائي ۽ اهائي ڌُن سندس آڊيشن ۽ ٽيسٽ بڻي، ۽ پوءِ محمد جُمن کي بُخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ريڊئي تي مُلازم ڪري رکيو.

    استاد محمد جمن ڪيترن ئي ڪلامن م بينسري وڄائي ، خاص ڪري استاد محمد ابراهيم جي ڳايل ڪلامن ۾، اهو به چون ٿا ته اُستاد محمد جُمن ۽ استاد محمد حسن ريڊئي تي گڏ آيا هُئا ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هُئا ۽ اُن کان پوءِ ئي زيڊ اي بخاريءَ کيس بينسري نواز جي حيثيت ۾ کيس ٻُڌو ۽ ملازم ڪري رکيو. ڪي چون ٿا ته محمد جُمن 1957ع ، 1958ع ڌاري اُن وقت جي پروڊيوسر علي احمد چاڳلا صاحب، جيڪو پهريون سنڌي پروڊيوسر به آهي، وٽ ڳائڻ جي آڊيشن ڏني پر چاڳلا صاحب کيس اهو چئي ناپاس ڪري ڇڏيو ته ” تُنهنجو تلفظ ڪچو آهي ۽ تون ڪجھه پڙهي به نٿو سگھين“ تنهن کان پوءِ هن پڙهن شروع ڪيو. ٿورڙن ڏينهن ۾ اڌ گابرو پڙهيائين ۽ ڪُجه پڙهڻ لکڻ جھڙو به ٿيو ۽ پنهنجو تلفظ به سُڌاريائين.

    آگست 1955ع ۾ جڏنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٺهيو ته اُستاد مُحمد جُمن کي اُتي موسيقار جي حيٿيت ۾ موڪليو ويو ۽ هو اُتي ڳچ عرصي تائين رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪيائين. حون ريڊئي تي سڀ کان پهرين شاه سائينءَ جو هي ڪلام رڪارڊ ڪرايو ” دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو“ هن شاه صاحب جي ٻوليءَ کي سُهڻي نموني ڳايو ته ٻين ڳائڻن سندس ڪلام ٻوڌي پنهنجا اُچار سُڌاريا ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي، اُن ڪري کيس استادن جو اُستاد سڏجي ٿو. هن شاه سائين جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو 7 گڏوگڏ ٻين صوفي بزرگن ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين.

    حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن سنڌ جي مختلف سنڌي ڪلامن کي منظوم اُڙدو ترجمي سان گڏ به رڪارڊ ڪرايو، سندس ڳايل اهڙن ڪلامن ۾ اڙدو ترجمو سندس هڪ شاگردياڻي ”ثريا حيدرآبادي“ ڳائيندي هُئي. جيڪو ڪلام استاد محمد جمن جي سڃاڻپ بڻيو اُهو هو” مُهنجو مُلڪ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪيئن گذاريان“ ان ڪلام جي ڌُن اُن وقت جي مشهور موسيقار ”دِيبو ڀَٽاچاريه“ ٺاهي هُئي. اهو ڪلام ايڏو ته مقبول ٿيو جو هر محفل م اُستاد کان ان ڪلام جي فرمائش ڪئي ويند هُئي. ٻيو جيڪو ڪلام مقبول ٿيو هو اُهو هو بُلي ساه جو ” انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بڻايا!

    استاد محمد جمن اڙدو، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ ڳايو. استاد جُمن حيدرآباد ريڊئي تان پوءِ واپس ڪراچي ريڊئي تي آيو ۽ آخر تائين ڪراچي ريڊئي سان وابسته رهيو. ڪيس نم جو وڻ ڏاڍو وڻندو هو، ڪراچيءَ ۾ به سندس گھر جي اڳيان نم جو وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڌي ڇانپَ ۾ واهي ريض ڪندو هو ته مهمانن کي اُتي ئي وهاري ڪچهري به لڳائيندو هو.

    استاد محمد جُمن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو، هڪ فلم هُئي ” تُهنجيون ڳالهيون سڄڻ” جنهن ۾ مشهور بينجي نواز بلاول بيلجيم جي موسيقيءَ ۾ ڳايائين. اُن فلم جو نغمو هو ” سهڻا يار سڄڻ“ ، ٻي اُڙدو فلم ” ڪالو“ جيڪا ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي عڪاسي ڪندڙ هُئي ۽ اھن فلم م مشهور اداڪار محمد عليءَ مُک ڪردار ادا ڪيو هو، اُن ۾ اُستاد جُمن شاه صاحب جو هي ڪلام ڳايو” آءُ جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻ سُپرين

    استاد محمد جُمن ريڊئي، اسٽيج ۽ فلم کان علاوه ٽي ويءَ تي به فن جو مُظاهرو ڪيو، کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. سندس ٽي وي تي پهريون ڪلام مرزا قليچ بيگ جو ” ڪر ڌيان، دُنيا آهي فاني“ رڪارڊ ڪيو ويو. هو شاه عبدالطيف، سچل سرمست، قلندر شهباز جي ساليانه عُرسن تي به ڳائيندو هو ۽ شاه بلاول نورانيءَ سان به خاص عقيدت رکندو هو ۽ درگاه تي حاضيري ڀريندو هو. هن ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا جحڙوڪ پرائيڊ آف پرفارمنس، شاه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترائي. هن مُلڪ کان ٻاهر به فبن جو مُءاهرو ڪيو. 1962ع ۾ پاڪستان جا لوڪ ڳائڻا روس ۽ ٻين مُلڪن۾ ويا ته ته استاد محمد جُمن سنڌي فنڪارن جي رهبري ڪئي. ٻيا مُلڪ ه؟ا هندستان، بنگلا ديش، ايران، چين، ۽ افغانستان.

    جڏنهن استاد محمد جُمن نالي وري فنڪار مُصطفي قريشيءَ ۽ سندس زال روبينه قُريشيءِ سان لاهور ملڻ ويو ته اُن جي خبر جڏنهن پنهنجي وقت جي وڏي فنڪاره ” ملڪه پُکراج“ کي پئي ته اچي حون سان ملي ۽ کيس چيائين ته مونکي ڳائڻ سيکار ۽ پوءِ اُستاد کيس سيکاريو. جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته کيس سُرن جي ڪيڏي ڄاڻ هوئي. ”سُر معذوري “ سندن پسند جو سُر هو.

    بل آخر سُر سنگيت جو هي اڻمول ساهڪار ۽ خدمتگار اسان کان 24 جنوري 1990ع ۾ صبح جو 5 بجي جُدا ٿي ويو. انا لا الله و انا اليه راجعون. بيشڪ هر وُجود الله لاءِ آهي ۽ اُن ڏي ئي موٽندو.
    يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي
     
  2. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    جواب: اُستادن جو اُستاد ”اُستاد محمد جُمن“ ڄم 10آڪٽوبر1935ع وفات 24 جنوري 1990ع

    مُهنجو مُلڪ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪيئن گذاريان

    مون کي تمام گهڻو پسند آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اُستادن جو اُستاد ”اُستاد محمد جُمن“ ڄم 10آڪٽوبر1935ع وفات 24 جنوري 1990ع

    دوست عبدالرزاق ۔۔۔ محترم سائين جمن جي ڪٿا ۽ هن ئي ڌاڳي ۾ جيجي زرينه جو ذڪر انتهائي سهڻي انداز ۾ ڪرڻ تي اوهان کيرون لهڻيون
    ڀلا ٻنهي جي آواز ۾ هي سهڻي ڪافي ٻڌو،
    لطيف جا ٻول، جيجي ۽ جمن جو آواز ۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=SSdtU37L0Qs
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ ۽ جڏنهن اهو ڪلام پهريون ڀيرو ڳايائين ته ان جو ڪجھه معاوضو استاد محمد جُمن ڏانهن موڪليو هُئائين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو