دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا مٺا سنڌيو جيئي سنڌ
    پيارا دوستو منهنجي پُراڻي وائي دل دل دل تون دل نه ٽوڙ هرڪا دل آ جهوپڙِي ! توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان، ڪافي ڏينهن کان مان پنهنجي شاعري نه موڪلي سگهيس، جيئن ته توهان سڀني سنڌي دوستن کي خبر آهي ته مان ٽي درجي وارو شاعر آهيان ۽ منهنجي سُڃاڻپ صرف ۽ صرف شاعري آهي، بس انهيءَ کي برقرار رکڻ لئه في الحال پنهنجي پُراڻي شاعري کي نوان ڪپڙا هن ڊيزائن جي صورت ۾ پارائي توهان سان شيئر پيو ڪريان۔ جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان۔
    [​IMG]
    توهان سڀني جي محبتي راين جو شدت سان منتظر رهندس
     
  2. ڊاڪٽر قادر بخش منگسي

    ڊاڪٽر قادر بخش منگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2010
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    im principal in t m k
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

    توهان جي وائي تمام دل کي ڇهي وئي sadayeen gud
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي


    سائين ناز تمام سهڻا لفظ ۽ اوچا خيال ۽ ڪارائتي نصيحتن سان ٽمٽار هيءَ وائي اوهانجي ۔۔۔ واه مزو اچي ويو ۔۔۔

    سهڻا دوست، اوهين اڪثر اهو جملو چئي اسانکي الائجي ڇو ڏکارو ڪندا آهيو ۔۔۔ممڪن اوهين انهن لفظن سان پاڻکي ماريندا هجو۽ نياز ۽ نوڙت واري روش تي هلندا هجو، پر يار! اوهين اسانکي تمام پيارا آهيو ۔۔۔ اسانجي نظرن ۾ اوهانجا سخن تمام اتم آهن ۽ اوهانجي ڪلا پڻ من موهيندڙ آهي ۔۔۔ ڪيترن شاعرن کي پڙهيو آهي جن جا ديوان ڇپجي چڪا آهن پر انهن ۾ اهو چس ۽ رس نه هوندو آهي جو اوهانجي گيتن، غزلن، وائين ۽ بيتن ۾ هوندو آهي ۔۔۔ مهرباني ڪري اوهان پاڻکي ان درجي ۾ رکي اسانکي زخم نه رسايو ۔۔۔ ۽ اميد ته دل ۾ به نه ڪندا ۔۔۔
    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

    پيارا سائين ڊاڪٽر صاحب اها توهان جي ذره نوازي آهي، جو مون مسڪين جي هيءَ حقير ڪوشش توهان جي دل کي ڇُهي وئي۔ مهربانيون نوازشون ۽ ٿورا ۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

    دوست سائين نثار ابڙا، اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي توهان جهڙا پيارا ۽ من موهيندڙ دوست مونکي مليا، جن پنهنجي بي لوث همت افزائين سان مون ڪاهل ۽ سُسست ماڻهوءَ کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏيو، مٺا منهنجي هيءَ وائي توهان کي خوبصورت لڳي، اهو ان ڪري جو توهان خود هڪ خوبصورت ۽ کرا انسان آهيو، توهان ته شايد ڪنهنجي دل ٽوڙڻ سکيا ئي ڪونه آهيو نه ان ڪري منهنجي هن وائي جي پيغام کي وڏي مڃتا ڏني آهي، مٺا سائين مان پنهنجو پاڻ کي سدائين ٽي درجي وارو ڪوٺيو آهي ۽ سڏيندو رهندس، ان جو به ڪو سبب آهي، ۽ ڪي ڪي سبب دوست بغير ڪنهن معلومات جي سمجهي ويندا آهن، توهان کي به سمجهڻ گهرجي ٽي درجي واري شاعر هُئڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته مان صاحب ڪتاب ڪونه آهيان، ۽ پري پري تائين اها سعادت منهنجي نصيب ۾ ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي، باقي شاعري ڪهڙي آهي ، ڇا آهي ، ان جا نقاد توهان سنڌ سلامت جا سڀئي دوست آهيو، توهان منهنجي شاعريءَ کي سُٺي ليکيو ٿا منهنجي لاءِ ڪافي آهي، هڪڙي ڳالهه توهان سان شيئر ڪندو هلان ته سنڌ سلامت کان ٻاهر مان ڪجهه به ناهيان۔ مون مسڪين کي ڪير سُڃاڻي به ڪونه۔ الله سائين توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي خوش رکي جو جن مونکي ايترو ته قرب ايترو ته پيارو ڏنو آهي، جو اهي ٿورا ڳڻي ئي ڪونه ٿو سگهان۔ مهرباني جو توهان کي منهنجي هيءَ وائي سُٺي لڳي
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

    سائين توهان جي شاعري ماشاءالله سان تمام سٺي آهي۔ ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري آهي۔
    دوست مون کي به شاعري جو شوق آهي ۽ مان شاعري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندو آهيان ، مان خوشنصيب آهيان جو اوهان سنڌ سلامت جي فورم تي مون کي بردااشت ڪيوٿا۔
    ادا اگر شاعري ۾ منهنجي گائيڊ ڪندا ته توهان جا لک ٿورا ٿيندا۔
    ممتاز علي وگهيو
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: دل دل دل تون دل نه ٽوڙ، هرڪا دل آ جهوپڙي

    ادا او ادا ممتاز منهنجا ڀاءُ تون ته اسان جي خوبصورت سنڌ سلامت اڱڻ جو هڪ مهڪندڙ گُل آهين، مٺا پنهنجن پيارن دوستن کي اسان جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهيون، برداشت واري ڳالهه پليز آئنده نه ڪجو مٺا اهڙين ڳالهين تي اسان کي ڏُک ڇا پر بي حد ڏُک ٿيندو آهي۔ پيارا ڀاءُ توهان شاعريءَ ۾ ڪهڙن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي پليز پي ايم ڪري ٻُڌائيندا، ان کان علاوه اهو ٻُڌايو ته شاعري ۾ توهان کي ڪهڙي قسم جي گائيڊ درڪار آهي، ادا توهان کي منهنجي شاعري وڻي توهان جو بي حد ٿورائتو آهيان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو