ڪراچي سنڌ جي مارئي : گل حسن ڪلمتي

'متفرقه سنڌي ڪتاب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    گل حسن ڪلمتي سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جن ڪراچي جي تاريخ کي دستاويزي انداز سان سهيڙيو آهي۔ سندس تاريخي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي انهن ڪتابن مان آهي جنهن ۾ ڪراچي جي اوائلي تاريخ، جاين، ڪردارن ۽ ماڳن بابت ڄاڻ ڏنل آهي۔

    882 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2007 ۾ ڇپايو ويو۔ هي تاريخي ڪتاب اوهان سڄڻن سان محترم محمد قاسم جي مهربانين سان پيش ڪري رهيا آهيون۔

    ڪتاب مان ورتل ٽڪرو





     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,706
    ورتل پسنديدگيون:
    3,917
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    انهيءَ وقت جي شهيدن کي وسارڻ فطري ڳالهـ آهي ، 1857ع کانپوءِ به 90 سال انگريزن جي حڪومت رهي۔ انهن يادگار جوڙائڻ نه ڏنو هوندو۔
    تازو ويجهڙ جو قصو آهي بلڪل 30 سال ۽ ڪجهـ ڏينهن ٿيندا ، ايم آر ڊي جي شهيدن جي رت تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٽي دفعا حڪومت ڪئي ، هنن کي ڪو به شرم ڪونه آيو جو انهن شهيدن جي لاءِ ڪو يادگار جوڙائن ها۔ هنن کان ته شيخ حسينه واجد ، ڪروڙين دفعا ڀلي عورت سياستدان آهي ، جنهن پنهنجي پيءُ جي قاتلن کي ۽ البدر وارن ٺڳن کي ڪورٽن جي ذريعي سزائون ته ٻُڌرايون۔ انهن کي سزا ملي يا نه ملي اهو الڳ بحث آهي۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا بس ڪهڙي ڳالهه ڪريون پي پي وارن جي جو پهنجا پيٽ ڀري ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ويا انهن لاءِ شرم جي ڳالهه اها آهي ته بي بي جا قاتل به نه پڪڙي سگهيا جنهن کي قاتل ليگ چون پيا انهن کي حڪومت ۾ شامل ڪري ڇڏين
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    ڪتاب لوڊ ڪري ضرور پڙهبو۔ بس نيٽ جي اسپيڊ نه هئڻ ڪري لوڊ ٿيڻ ۾ مسئلا ٿي رهيا آهن۔ ڇو جو يوفون جي يوايس بي ۾ ايتري سگهه ناهي جو لوڊ ٿي سگهي۔ مهرباني سائين جي جن ڪلمتي صاحب جو ڪتاب لوڊ ڪري پڙهڻ جو موقعو ڏنو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ”ڪراچي جي مارئي“ تي هڪ نظر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔راجه خان ڊومڪي

    صوفي منش ۽ مانجهي مڙس گل حسن ڪلمتي عرف گل بلوچ سنڌي توڙي بلوچ ادبي حلقن ۾ ڪو نئون نالو ڪونهي، هي کاهوڙي ۽ مُهم جو انسان ڀل پاڻ کي رولاڪ طبيعت جو مالڪ چئي جان ڇڏائڻ چاهي. پر حقيقتن ۾ هو فطرتن ئي ”مُهم جو“ قوم جو فرد آهي. حلب (شام) کان ڪرمان بمپور، سيستان، مڪران، ڪراچي تائين جو سفر ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ سورنهين صدي عيسوي ۾ جڏهن پورچوگيزن جيوڻي پسني گوادار بندرگاهه کي لٽيو، ڦريو ۽ ساڙيو ته ان وقت مڪران تي ڪلمتي بلوچن جي حڪومت هئي.
    گوادر ۾ امير البحر مير حمل جيئند مقرر هو، جيڪو ميربحرن ۽ دشتين جي بزدلي ۽ بيوفائن جو شڪار ٿيو ۽ بزدل بلوچ ساحل گوادر جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو ان ئي نسل سان تعلق رکندڙ گل حسن ڪلمتي جو هي قلمي پورهيو ”ڪراچي سنڌ جي مارئي “ پنهنجي والد بزرگوار راجه محمد خان بلوچ جي نالي منسوب ڪيو آ. اهڙو ديو مالائي ڪم بقول اشتياق انصاري جي ديو مالائي شخصيت جو مالڪ، مهم جو باڪو مانجهي مڙس مهان ئي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ ”ڪراچي جون ڳالهيون“ جي عنوان سان مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل لکيو آهي. ڪتاب جي ٽائٽل تي ڪراچي جي خوبصورت منظرن جون خوبصورت تصويرون ڏنل آهن. جيڪي ڪتاب جي خوبصورتي ۽ حسن ۾ اضافو ڪن ٿيون. ليکڪ مورڙي ميربحر جي ماڳ جنهن کي هو سنڌ جي مارئي جو نالو ڏيئي ٿو. سنڌ سان سندس اڻمٽ محبت جو چٽو ثبوت هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي، شير دريا، برف جو دوزخ ليکڪ جا مشهور لکڻيو آهن علي حسن چانڊئي ۽ حيدر ملاح جو گڏيل ڪتاب ”بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين“ جو مهاڳ به سندس جو لکيل آهي جيڪو کيس هڪ تاريخ جو شاگرد يا تاريخدان ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي زير نظر ڪتاب جفاڪشي، محنت ۽ تحقيق ڪراچي جي سماجي ۽ سياسي ۽ تهذيبي تاريخ روشناس ڪرائي آهي ڪراچي سنڌ جي مارئي جهڙو ڪتاب واقعي به ادارن ۽ سرندي وارن اديبن کي لکڻ گهرجي ها پر هن جاکوڙي انسان پنهنجي ضرورتن کي محدود ڪري هيڏو وڏو ڪم ڪرڻ پاڻ کي هڪ مها انسان ثابت ڪيو آ. هو بلاشبه اهڙن لفظن ۽ اعزازن جو حقدار آهي. ڪتاب ۾ ڏنل مائي ڪلاچي باءِ پاس، اسلاميه ڪاليج، گرومندر لڳ دنيا جو نقشو ملير (مول) نئين جو هڪ خوبصورت منظر، سرسبز ۽ شاداب ملير هنڌ اولڊ ٿاڻو ٿڌو ڊيم، گڏاپ وٽان وهندڙ شفاف پاڻي جو ڏيک، موهٽا پيليس ڪلفٽن جيڪو راءِ بهادر ستيوارا 1933ع ۾ جوڙايو هو. خواجو جماعت خانو، کورودر، نانگ نات مندر، مندر ڀيم پورو، ڪال لونگو مندر، رتن تلا جو خوبصورت تصويرون، ڪتاب جي خوبصورتي سان گڏوگڏ سنڌ جي ماڳن ۽ تهذيب جو آئينه دار پڻ آهي، تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين صفحو 30 تي ڏنل سنڌ جو پهريون نقشو جيڪو ابن حوقل بغدادي 943ع ۾ تيار ڪيو هو سنڌ جو سياسي ۽ طبعي حدون ديبل (ڪراچي) کان قنڌار ۽ ڪرمان ۽ سرحد کان ملتان تائين ڦهليل آهن. جيڪو علائقو اصلوڪين رهواسين جي سازشن ۽ ڪجهه تاريخ جي جبر جي ڪري اسان کان کسجي ويون آهن. ڪيئن ته هن ”بندرگاهن جي شهر“ کي اسان کان اڻ اعلانيه طور ڌار ڪيو ويو آهي. عبدالستار ۽ بلقيس ايدهي جي فلاحي ڪمن جي ذڪر کان وٺي لياري گينگ وار جي داد محمد عرف دادل ۽ رحمان ڊڪيٽ عرف سردار عبدالرحمان بلوچ تائين ڪيئي انقلابي ۽ جمهوري تحريڪن جي سرواڻ علائقي لياري جنهن لعل محمد رند، يوسف مستي خان، ناصر بلوچ، نثار بلوچ، انور باهي جان ۽ زاهد بلوچ جهڙا مزاحمتي جهموري ۽ سياسي سماجي ليڊر پيدا ڪيا. هٿ وٺي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومتن جي سرپرستي ۾ درگ ۽ منشيات مافيه جي سرپرستيءَ جي حوصله افزائي ڪئي ويئي. جون 1947ع جا هانءُ ڏاريندڙ هٿ ٺوڪيا فساد ڪرائي سنڌ جي ڪريم کي جلا وطن ڪرڻ سان ملڪيت باغن ۽ پارڪ تي قبضو ڪرڻ جا داستان. ”سنڌ جي سينڌ“ ڪراچي تي داغدار نشان جيان ظاهر آهن. سڀ هن ڪتاب ۾ موجود آهي. 1972ع جي ٻولي وارا فساد رائيس امروهي جو ڪلام اردو کا جنازا جا رها هي ذرا ڌوم سي نڪلي جي ڌوم 1978ع ۾ جامعه ڪراچي جي هڪ شاگرد الطاف حسين جيڪو بعد ۾ پير صاحب ۽ الطاف باهي جي نالي سان مشهور ٿيو آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس جو بنياد رکيو جيڪو مهاجر قومي موومينٽ کان متحده قومي موومينٽ تائين جي سڄي خوني ۽ خوفناڪ ۽ چالبازين جي سفر کي جنهن نموني گل حسن سهيڙي قوم جي آڏو پيش ڪيو آهي اهو واقعي به هڪ رسڪي ڪم آهي جيڪو ڪلمتي جهڙو بي باڪ تاريخ دان ئي ڪري سگهي ٿو. اهو ئي وطن واسين سان وفائون ڪرڻ جو بهادرانه ۽ عشقيه انداز آهي. ڪراچي جي تاريخ ۽ تهذيب موهن جي دڙي کان ميهر ڳڙه (بلوچستان) تائين ساڳي آهي. صرف 62 سال اڳ هي شهر سنڌين جي ڪلچرل شهر جو ڏيک ڏيندو هو. 1947ع ۾ سنڌ ته برابر آزاد ٿي پر گل حسن ڪلمتي جي مارئي موٽي نه آئي، مارئي ته عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد ئي رهجي وئي،
    ساڻيهه سان سڪ ۽ ملير واسين سان محبت ۽ سون تي سڻ نه مٽائڻ ته مارئي جي مهانتا ظاهر ڪري ٿي، ۽ زوري زبردستي نه ڪرڻ سنڌ جي بادشاهه عمر سومري جي اخلاقيات ۽ سنڌ جي تهذيب ظاهر ڪري ٿو. پر هاڻي اهو ڏيهه ، لالو کيت، ملير، عزيز آباد سهراب ڳوٺ، هجرت ڪالوني ۽ سوات ڪالوني، شير پائو ڪالوني ۾ تبديل ٿيل ڏسي گل حسن جو وطن سان حب ۽ ساڻيهه سڪي جوش ۾ آيو هوندو.
    ڪراچي جي مختلف نالن تي بحث ڪري ليکڪ هڪ ماهر تاريخدان وانگر نالي جي نسبت سان تبديل ٿيندڙ تاريخي حالت تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪلاچي جي ڪن تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ عربن، سويرن، سمن، ترخانن ۽ مغلن جو دور ۽ ڪراچي جهڙو موضوع لکي وڏو تاريخي ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ ۾ ڪراچي جو ڪردار ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي ۾ سنڌي اردو ۽ بلوچي ادب ۽ صحافت جو تجزياتي جائزو منهنجو ملڪ ملير صفحو 429 ليکڪ مطابق ملير نئين آهي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جاءِ تي کديجي نئين به اچي ملير نئين ۾ ملي ٿي انهن کان ڪونڪر، ٻاڪراڻ، گهگهر ، کار، ڪنڊ، مهير، ٻولهاڙي، ميلو، ڪرڪيٽي، لٽ ڪرميتاڻي نيون ۽ ڍورا به ملير ۾ آهن. ٻيا گهڻا دورا ۽ نيون به ملير جي علائقي ۾ هيون جيڪي هاڻي گٽر نالين ۾ تبديل ٿي ويون آهن! ملير ڳاڙهي ڳئون به پوري دنيا ۾ مشهور آهي.
    روح جي پرستش کان توحيد جي سفر تائين صفحو 478 ڪراچي جي مندرن، مساڻن، ڌرم شالائن ۽ گردوارن جو ذڪر آهي هڪ جاءِ تي ليکڪ لکي ٿو ته ” سيتا ۽ لڪشمڻ هنگلاج ويندي ڪراچي (ملير) جي علائقي مان گذريا هئا ۽ رامباغ موجوده آزاد باغ جو نالو به ان رام چندر جي پٺيان آهي. جنهن لنڪا جي ظالم بادشاهه راوڻ جي چنبي مان سيتا کي آزاد ڪرايو هو. بحرحال هن واقعي جي حيثيت ڪنهن ڏند ڪٿا کان مٿي نه آهي. ليکڪ جي اها ڳالهه ته ڪراچي مختلف مذهبن جو آماجگاهه رهيو آهي اها ڳالهه تسليم ڪري سگهجي ٿي. سناتن ڌرم کان ٻڌ ڌرم ۽ اسلامي تهذيبن جا آثار اڄ به نماياب نظر اچن ٿا. ان کان علاوه هن ناياب ڪتاب ۾ منگهو پير ۽ شيرين جي نرالي عقيت جو مڪمل احوال سان گڏ پرنس آف ويلس، باغي نذالسلام، گوبند مالهي، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي، اندر ڪمار گجرال، ترقي پسند ادبي سياسي تحريڪن جو ذڪر، بايو گرافي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مذڪوره ڪتاب ۾ موجود آهي تاريخ جي شاگردن ۽ خاص ڪري نوجوان اديبن ۽ شاگردن کي هتي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ته ڪيئن اسان جي شاندار ماضي ۽ شهر اسان کا کسيا ويا آهن.بشڪريه سنڌي ڪتاب ڊاٽ ڪام۔

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گل حسن ڪلمتي صاحب هڪ بهترين ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ محقق آهي، ڪلمتي صاحب پنهنجي خرچ سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڪري تاريخ رقم ڪندو آهي، سندس هي ڪتاب پڻ ان محنت جو نتيجو آهي،ڪلمتي صاحب جو هي ڪتاب پڻ سنڌ سلامت جي جاکوڙي ساٿي محترم سليمان وساڻ صاحب اسان کي پنهنجي ڪوشش جدو جهي ۽ ڪاوش سان هن سنڌ سلامت جي سيڪشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ مهيا ڪري ڏنو آهي،
    گل حسن ڪلمتيءَ ڪراچيءَ تي لکيل هن ڪتاب ۾ معلومات جو هڪ وڏو ذخيرو ڏنوآهي. هي ڪتاب 25 بابن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ اٽڪل 286 مختلف موضوعن تي لکيوويو آهي. هن ڪتاب ۾ توهان کي ڪراچيءَ سان لاڳاپيل هر موضوع تي معلوماتملندي، بس توهان ڪنهن موضوع جو ذڪر ڪيو يا وري ڪو نالو کڻي اهو توهان کي هنڪتاب ۾ ملندو. هن ڪتاب کي ڪراچيءَ جي 250 تصويرون به خوبصورت بڻايو آهي. ڪتاب ۾ 100 پراڻيون يادگار تصويرون ۽ 150 هاڻوڪيون تصويرون ڏنل آهن. تصويرنجو اهو خزانو گڏ ڪرڻ ئي وڏو ڪم آهي
    هنن برقي ڪتابن جو فائدو هي آهي ته هن ڪتاب ڱي يو ايس بي ۾ به محفوظ ڪري پاڻ وٽ رکي سگهجي ٿو، ۽ ڪنهن به دوست مٽ مائٽ جي گهر ۾ يو ايس بي استعمال ڪري هي ڪتاب پڙهي ڪري لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔
    هن ڪتاب سان گڏ اگر هن ڪتاب جي مصنف جو تعارف نه ڏجي ته اها مصنف ۽ سنڌي ادب سان به نا انصافي ٿيندي، ان ڪري ان نا انصافي کي ختم ڪندي ڪلمتي صاحب جو هت مختصر تعارف پڻ پيش ڪجي ٿو۔

    گل حسن ڪلمتي جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو
    نالو – گل حسن ڪلمتي
    والد جو نالو- محمد خان بلوچ
    ڄمَ تاريخ- 05 جولائي 1959ع
    جنم جي جاءِ- حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعو ملير ڪراچي
    پرائمري تعليم
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول راڌو جوکيو ملير ڪراچي
    مڊل- گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪونڪر ويلج
    سيڪنڊري تعليم- گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول مراد ميمڻ- ميمڻ ڳوٺ ملير
    فرسٽ ايئر- گورنمينٽ ايس ايم سائنس ڪاليج ڪراچي
    ايم اي سائنس ڪاليج ڪراچي
    انٽر ۽ بي اي- ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي
    ايم اي صحافت (ماس ڪميونيڪشن) ڪراچي يونيورسٽي- 1983
    ايم اي سنڌي (پرائيويٽ) ڪراچي يونيورسٽي
    پوسٽ گريجوئٽ ڊپلومه ان لوڪل گورنمنٽ- پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمنٽ ڪراچي يونيوسٽي سٽي-1997
    سرڪاري ملازمت
    نومبر 1983 کان 13 آگسٽ 2001 ضلع ڪائونسل ڪراچي ۾ پبلڪ ريليشنز آفيسر (PRO) جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. جنهن لاءِ سنڌ پبلڪ سروس جو امتحان به پاس ڪيائين.
    14 آگسٽ 2001 کان گڏاپ ٽائون D. T. O (ريگيوليشن) ۽ آفيسر تعلقات عامه جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
    ٽريننگ
    ڊيولمينٽ ايڊمنسٽريشن جي ٽريننگ سنڌ گورنمنٽ اينڊ رورل ڊيولپمنٽ اڪيڊمي ٽنڊو ڄام مان ڪيائين- 1985
    Concept of integrated rural development in A gravies economic, 1987
    نيشنل سينٽرل آف رورل ڊيولپمينٽ اسلام آباد
    پبلڪ رليشننگ ان لوڪل گورنمينٽ ميونسپل ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪلفٽن ڪراچي- 1996
    ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ
    واڍيلا بلوچ سماجي تنظيم پاران ٻهراڙي تي تحقيقي ڪم تي ايوارڊ
    ڪراچي جي پاڻي جي مسئلي تي ٺاهيل دستاويزي فلم تي گليڪسي آف فرينڊ شپ پاران ميجر ضياءَ الرحمان شهيد ايوارڊ
    سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران بهترين ليکڪ جو ايوارڊ.
    سال 1989 ۽ 1991 تي آل سنڌ شاهه لطيف ڪانفرنس بهتر انتظام ڪرڻ تي ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
    ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران 1996 کان 2000 تائين ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ پوليو پروگرام منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ تي بهترين ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.
    ورڪنگ جرنلزم
    سب ايڊيٽر ماهوار لطيف ڊائجسٽ سيپٽمبر 1982 کان جولاءِ 1983 تائين
    انچارج هفتيوار صفحو ”مورڙي جي ماڳ مان“ روزاني عوامي آواز ڪراچي
    ايڊيٽر ماروئڙا (ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو ترجمان) ڊسمبر 1987 کان جولاءِ 1989 تائين
    چيف ايڊيٽر اعزازي ماهوار نئون نياپو- آڪٽوبر 1999 کان جنوري 2001 تائين
    رپورٽنگ: عوامي آواز، هلال پاڪستان، مشرق اردو، تعمير سنڌ ۽ سنڌ واچ نيويارڪ
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    واءُ سواءُ، حال احوال، ٻين ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن جي لاءِ ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۽ اهم مسئلن تي ٺهيل ڊاڪيومينٽريز لاءِ تحرير ۽ تحقيق ڪيائين جيڪي مختلف پروڊيوسرن پيش ڪيا.
    ڪراچي جي وسندين تي ”سنڌو ندي پياسا ماڻهو“ دستاويز فلم ٺاهيائين جيڪو تحرير به پاڻ ڪيائين.
    علمي ادبي ڪم
    ڪراچي جي تاريخ تي ڪتاب ”هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي“ (1998)
    مختلف سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو رهندو آهي.
    ڪجهه ٻيا ڪتاب
    ڪيلا جي ڪافرن جو ديس
    انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ
    مڪران (پاڪستان ۽ ايراني مڪران جو سفر نامو) اردو ۾
    جڏهن توسان نينهن جو ناتو ڇنو (مختلف ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمونن جو مجموعو)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا سليمان ٿورا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو