مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيوکي ڀيٽا
    رضوان گل

    [​IMG]

    شاعرن جي به پنهنجي الڳ ۽ انوکي دنيا ٿئي ٿي، اها دنيا خوبصورت وادين، شفاف آبشارن، برفاني پهاڙن، ٽڙندڙ گلابن ۽ ڌرتيءَ جي سارن سونهن نظارن کان وٺي محبوبن جي زلفن ۽ نيڻن تائين پنهنجي اندر وڏي وشالتا رکي ٿي، شاعرن جي ان دنيا ۾ اسان کي سماج اندر مثبت تبديلين جا خواب پڻ نظر ايندا آهن... حقيقت اها آهي ته شاعر پنهنجي دور جي منظوم تاريخ لکندا آهن، هو محبتن جا پوڄاري ۽ ڌرتيءَ جا محافظ هوندا آهن، شاعرن جي اندر ۾ خيالن جو ڇوهو سمنڊ موجود هوندو آهي ... سنڌي سماج ۾ به شاعرن پنهنجي شاعري وسيلي جيڪو جذبو ۽ جاڳرتا پئدا ڪئي آهي سو ڪنهن به ريت نظر انداز ڪرڻ جهڙو نه آهي. بلڪه قدر جي نگاھ سان ڏسڻ جهڙو آهي. شيخ اياز کان ويندي ابراهيم منشي ،راشد مورائي، انور پيرزادي، حليم باغي ۽ ان کانپوءِ ڪيترن ئي شاعرن مزاحمتي شاعري ذريعي جنهن بي ڊپائيءَ سان پنهنجو آواز بلند ڪيو تن ۾ سريلو، سيبتو، محبتي، ملنسار ۽ گهڻ ڳڻو ڪوي شهيد زخمي چانڊيو به شامل آهي، جنهن پنهنجو آواز شاعريءَ ذريعي بيباڪيءَ سان وڏي واڪي ايوانن تائين پهچايو ۽ سموري حياتي انهن ئي مظلوم ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي جن کي هر دور ۾ ٿڏيو ۽ لتاڙيو ويو آهي.
    غريبن ۽ هيڻن جو ڪهڙو گذر آ
    رهڻ لاءِ ڪانن ڪکن جو ڇپر آ​
    زخمي چانڊيو جو اصل نالو ڄام خان هو جنهن جو جنم مزدورن جي عالمي ڏينهن1 مئي تي سن 1961 ۾ شهر ڊکڻ ۾ ٿيو، تعليمي سفر پرائمري کان ويندي ايم. اي تائين جاري رهڻ بعد کيس تعليم کاتي ۾ استاد طور نوڪري ملي، بعد ۾ هو ڳوٺ جواب پور مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ مڪمل طور رهائش پذير ٿيو، ان دوران پاڻ تعليم کاتي ۾ انتظامي عهدن تي پڻ رهيو، هاءِ اسڪول ٽيچر جي حيثيت ۾ پاڻ شيخ زيد هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به درس و تدريس واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل رهيو. کيس 6 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت کان علاوه ٻين ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن سان مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو، مزاحمتي شاعري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي هن ارڏي ۽ برجستي شاعر کي جيل به وڃڻو پيو پر سندس حوصلن ۾ ترَ برابر به ڪمي نه آئي ڇالاءِ ته سندس نيڻن ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب هئا ۽ جن وٽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ جا اٽل ارادا ۽ جرئتون هونديون آهن اهي ڪڏهن به جهڪندا ناهن بلڪه هو ته شاهه سائين جي هن سٽ وانگر اڳي کان به اڳرا ٿي پوندا آهن ته : ”آڏو ٽڪرَ ٽَرُ متان روهه رتيون ٿئين“.
    سچ چوڻ زخمي جي فطرت ۾ شامل هو، ڪيترائي دوست ان ڳالهه تي کانئس چڙي به ويندا هئا جو سندس انداز کرائپ وارو هو، مونسان شهيد زخمي جي ادبي ميڙاڪن کان علاوه اڪثر شيخ زيد ڪالوني واري چوڪ تي موجود هوٽل تي ملاقات ٿيندي هئي، جو اُتي منهنجي پنهنجي ذاتي دوستن سان هر جمعي تي ڪچهري لڳندي هئي، ۽ هو به اڪثر اتي نظر ايندو هيو. پاڻ پري کان ڏسي مون ڏانهن وڌي ايندو هو، قربَ مان وڏو ڀاڪر پائي ملندو هو تن ڏينهن ۾ کيس سوزوڪي موٽر سائيڪل هوندي هئي جنهن تي آڏو ”انساني حق“ لکيل هوندو هو، اسان سان پنج ڏهه منٽن لاءِ ضرور ويهندو هو، بابا ۽ احسان جو حال احوال پڇڻ بعد منهنجي ڏاڍي همت افزائي به ڪندو هو جو تَن ڏينهن ۾ آنءُ روزاني ”عوامي آواز“ ۾ ڪالم ۽ روزاني ”جاڳو“ ۾ ڪالم ڪهاڻيون لکندو هوس.... زخمي جي ان همت افزائي واري انداز مان مونکي ڏاڍو اُتساهه ملندو هو.
    سچل ادبي مرڪز تي هڪ مشاعري ۾ جنهن جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي هئي ۽ زخمي چانڊيو مهمانِ خاص هو، ٽيپو سلطان جو مشهور قول ورجائيندي پنهنجي خطاب ۾ چيو هئائين ته مان هميشه گدڙ جي سئو سالن واري زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي، مون پنهنجي سڄي حياتي حق لاءِ وڙهندي گذاري آهي اڄ به مان سنڌ جي دشمن جو دشمن آهيان، اهو پير هجي وڏيرو هجي يا ڪو مير هجي.. مون کي اڄ به ياد آهي اتي زخمي هي شعر پڙهيو هيو:
    دغاباز پيرن جي پيري کُلي پئي
    وڏيرن جي ڀائو اميري کُلي پئي
    فقيرن جي ڦند جي فقيري کُلي پئي
    ڏسيان ڳالهه تن جي ته ڪهڙي گندي آ
    ڇو سمجهين نه ٿو ايڪويهين صدي آ​
    چڱا سال اڳ ڪاليج ۾ جڏهن الوداعي پارٽي جو پروگرام ترتيب ڏنو ته ان پروگرام جي ڪمپيئرنگ لاءِ هڪ معصوم چهري وارو سنجيده ۽ خاموش طبع نوجوان اڳتي آيو، جنهن پنهنجي ڌيمي لهجي ۾ ان پروگرام جي ڪاروائي هلائڻ جي لاءِ چيو، ان نوجوان منهنجي اميدن کان گهڻو بهتر انداز ۾ پرفارم ڪيو، شاعري جي چونڊ کان وٺي جملن جي ادئگي تائين هن سڄي پروگرام جي ڪارروائي ڏاڍي اعتماد سان هلائي. مونکي ان نوجوان پنهنجي صلاحيتن ذريعي ڪافي متاثر ڪيو، جڏهن مون کانئس معلوم ڪيو ته هو ڪير آهي ته چيائين آءٌ زخمي چانڊئي جو فرزند آهيان... ۽ اهو خالد چانڊيو هيو، جنهن تن ڏينهن کان اڄ تائين ڪاميابي جي رند تي هميشه اڳتي پنڌ ڪيو آهي.... ۽ اڄ به انهيءَ دڳ تي هلي ٿو جيڪو سندس والد جو ڏسيل آهي، سچائي ۽ ماڻهپي جو دڳ. خالد ۽ ساجد ۾ محبت سان ملڻ ۽ خلوص ڏيڻ واريون خوبيون سندن والد جي تربيت جو ئي نتيجو آهن. اها مون لاءِ ٻٽي خوشي آهي جو خالد منهنجو سٺو دوست آهي جيڪو نه صرف سيبتو شاعر پر ناميارو براڊڪاسٽر پڻ آهي.
    شهيد زخمي چانڊيي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ جيڪي انقلاب ۽ سجاڳيءَ لاءِ سٽون سرجيون سي سچ ته هڪ دور جي تاريخ آهن ، سندس شاعري سرمد سنڌيءَ کان ويندي شمن ميراليءَ تائين جن به فنڪارن ڳاتي سا عام ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي، ڇا ڪاڻ ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عام ماڻهن جي جذبن ، اڌمن ۽ خواهشن جي ئي ڳالهه ڪئي آهي.
    محبوب محبت کان وٿيرا نه گذاريو
    ڪجهه خيال ڪيو خيال ڪيو ساهه سنواريو
    ڇو انتظار واري صليبن تي ٽنگيو ٿا
    ڪجهه مرڪ ڀري نظر کڻي هاڻ نهاريو​
    شاعر سماج جا حساس فرد هوندا آهن هو پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن کي گهرائيءَ سان محسوس ڪندا آهن، عام ماڻهوءَ لاءِ جيڪي دل ڏاريندڙ واقعا معمول جو حصو بڻجي ٿا وڃن، سي هڪ شاعر لاءِ هر ڏينهن نئين درد ۽ تڪليف جو سبب بڻجن ٿا ڇا لاءِ ته شاعر انهن حالتن تي ڪو شعر سرجڻ وقت به ان ڪيفيت مان ئي گذري ٿو جيڪا تڪليف، ڪرب ۽ درد ڪنهن مظلوم کي محسوس ٿئي ٿو، شاعر انسانن کي امن، ڀائيچاري، پيار ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿا، تڏهن ئي ته زخمي چيو:
    انسانن کي او انسان !
    مار نه تون بيدرديءَ سان
    تنهنجو ساٿ ازل جو آ
    زخمي زخمي زخميءَ سان​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زخمي چانڊيو : آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو
    علي نواز آريسر

    هن ديش ڀڳت پهرين مئي 1961ع تي ضلع شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو. زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي ۾ زخمي جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو. زخمي چانڊيو سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو، هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي سرڪيءَ مان پاڻي پيئندڙ هي نوجوان جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشن لطيف، جشن جي. ايم. سيد جهڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءَ انهن جو سواڳت ڪري ٿي ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت هي پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو، ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي ته اپر سنڌ جي چانڊين جي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ٿين، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن، پر هي سيد جو ڏنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ دولهه دريا خان، راجا ڏاهر واري واٽ وٺي ٿو ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪرڻ چاهي ٿو، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري.
    زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته پاڻ نه صرف آزاديءَ جو گوريلو هو، پر پاڻ نهايت ئي ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. زخمي چانڊيي ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي قوم جي مستقبل ٻارڙن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي تعليم ڏيڻ لڳو، هن اسڪول ۾ پاڪستان جي قومي تراني بدران آزاد سنڌو ديش جو ترانو پڙهائڻ شروع ڪيو، هي مختلف ڳوٺن جي مختلف اسڪولن ۾ مختلف عهدن تي رهيو، پرائمري استاد، آر. پي. هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر طور پنهنجون ذميواريون نهايت احسن نموني نڀايون ۽ گڏوگڏ ادبي ميدان ۾ به ڪاهي پيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، هڪ ڀيرو رابطا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڪائونسلر رهيو. پاڻ سڄي زندگي جيئي سنڌ محاذ ۽ پوءِ قومي محاذ تائين ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بنياد وجهندڙن مان هو، استادن جي تنظيم گسٽا جو عهديدار ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو. زخمي چانڊيي 1984ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ڪرائي شاعرن جي اعليٰ صف ۾ شامل ٿيو، جهڙي ريت سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي، اهڙيءَ ريت سندس نثر ۾ به فني ڪماليت جا جوهر پسجن ٿا. زخمي چانڊيي ڪيترائي ڀيرا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجون خوبصورت راتيون گذاريون آهن، اتي به سندس جذبو جوان رهيو. آواز ۾ شينهن واري گجگوڙ برقرار رهي، سندس عشق ۽ ايمان ٻئي سلامت رهيا. هي جڏهن به جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ٿي ته اڳي کان اڳرو، اڃا به سندس تقرير ۾ ڏهڪاءُ اڃا به سندس قلم جي جنبش ماٺي ٿيڻ بدران باهه جا الا وڌيڪ ڀڙڪڻ لڳا. زخمي چانڊيو سنڌ جو سچو پانڌيئڙو ۽ سن جي سائين جو عقيدتمند هو. زخمي چانڊيو سنڌ جو سپوت شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ للڪار آهي، ڪٿي به آڻ نه ٿو مڃي. سندس گيت جي هن بند ۾ سندس تخيل جي اڏام کي محسوس ڪري سگهجي ٿو:

    تون چاهين ٿو مان ڪين ڪڇان، تون ظلم ڪرين مان ڪين لڇان
    پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان، مان ڪين لڪايان دل جي بڇان
    هن سر ۾ جيسين ساهه اٿم، آزاديءَ تي ويساهه اٿم،
    هڪ سن جو سيد وارث آ، ٻيو وارث ڀٽ جو شاهه اٿم،
    ٿو جيئان زخمي شينهن جيان، ها جيسين سنڌ تي ساهه ڏيان.


    زخمي چانڊيي پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو، سندس وڏو پٽ ريڊيو تي پروڊيوسر آهي ۽ ننڍو پٽ ساجد ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي، هيءُ پڻ مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي ورد ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. زخمي جنهن سڄي زندگي برادريءَ جي تڪرار خلاف آواز اٿاريو، برادريءَ جي جهيڙن جي خلاف جنگ وڙهڻ وارو هي انسان انهن ئي جهيڙن جي ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجي ويو، ان کان وڌيڪ هن قوم جي بدنصيبي ڪهڙي چئبي. زخمي چانڊيو 24 آڪٽوبر 2000ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي وڃي پنهنجي محبوب رهبر سان مليو.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زخمي چانڊيو : سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي شہ رڳ
    سڪندر عباسي


    ڪنهن شاعر جون سِٽون آهن ته:

    الا ايئن مَ هوءِ، جو مري وڃان مري،
    هُجان جيئن وري، جيئرو هن جهان ۾.

    واقعي ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن کي موت ماري ناهي سگهندو، سندن ڪردار امر بڻجي ويندا آهن، هُنن جي آڏو موت جو مفهوم مٽجي ويندو آهي. اسان جو دوست زخمي چانڊيو به انهن املهه ماڻڪ ماڻهن منجهان ئي هو جن جو نالو ذهن تي تري اچڻ سان ئي سندس اڏولتا ۽ اٽل اصول ساروڻين جي سمنڊ ۾ ترڻ لڳندا آهن. زخمي چانڊيو جي شاعريءَ کي الف کان ي تائين پڙهي ڏسجي ته انهن جذبن ۾ جتي جبلن جهڙي سختي ۽ پنهنجي مقصد تان انچ به نه سُرڻ جي صلاحيت ۽ سگهه ملندي ته اتي پشم کان وڌيڪ نازڪ ۽ نفيس ڪونئرا احساس به اکيون مهٽي اٿندي نظر ايندا.
    زخمي چانڊيو رڻ ۾ ٽڙيل رابيل مثل هُيو، جيڪو جنهن محفل، جنهن ميڙ، جنهن ڪچهريءَ ۾ ڪَهي ويندو هو ته ماحول کي مهڪائي ڇڏيندو هو، سندس خيالن ۾ ڌرتيءَ جو درد ليئاس پائيندي نظر ايندو هو، سندس شعرن ۾ شبنم جهڙي شگفتگي هوندي هُئي، اها شبنم جيڪا باک ڦٽيءَ جو گلن جي ڪومل پتين تي رقص ڪندي آهي، سندس شاعري وهندڙ پاڻيءَ جو اهڃاڻ آهي، اهو وهندڙ پاڻي جيڪو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيند و آهي، جنهن آڏو ڪوبه بند جٽاءُ ناهي ڪري سگهندو.
    پيارُ اسان پنهنجايو آهي.
    باقي سڀ اجايو آهي.
    جنت جهڙو ديس اسانجو،
    سڀني جو سرمايو آهي.
    زخمي چانڊيو اهڙو سرجڻهار هو، جيڪو ڪنهن به ڪردار جي اکين رستي هُن جي روح ۾ لهي وڃي ۽ اهو اظهار انهيءَ ڪردار جي وس ۾ نه هوندو آهي.
    ادب جيڪو اندر جي سائنس آهي، جيڪڏهن ادب نه هُجي ته اسان کي پتو ڪيئن پوي ته ڪو تبسم مجلسي به ٿيندو آهي ۽ چمڪندڙ چهرن جي پويان بي انتها اونداهيون به هونديون آهن. زخمي چانڊيو سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ جي شهه رڳ مثل هو، سندس شاعريءَ ۾ جتي بغاوت جو بارود سمايل آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي پهاڙن جهڙي پختگي آهي، سندس شاعريءَ ۾ جتي محبوب جهڙيون ادائون به آهن، اتي سندس شاعريءَ ۾ محبت جا ماڪ ڦڙا به آهن ته پيار جا پوپٽ مي رقصم به آهن، جن جو صوفي رقص رُٺل روح کي ريجهائي وٺندو آهي.
    شل ڪوئي سمجهي سگهي،
    هـڪـڙو ئـي الله،
    ماڻهوءَ منجهه رهي پيو.
    اڄ جيتوڻيڪ زخمي چانڊيو جسماني طور تي هن دنيا، هن ماحول ۾ موجود ناهي پر سندس سداحيات خيال اڄ به ڪڪرن جيان ادب جي آسمان تي وکريل آهن.
    جُهڪڻ جو نه ڏي عيبُ ”زخميءَ“ کي قاتل!
    جَبين کي جُهڪائڻ اسان کان نه ٿيندو.

    ************​
    گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪجهڙائي رکندڙ شاعر
    ادل سومرو

    زخمي چانڊيو، نئين ٽهيءَ جو مزاحمتي سرواڻ شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد، پيڙهيل انسانن جي آهُن ۽ اهنجن جو بيان سمايل آهي. هُن جي تخليقن ۾ وطن پرستيءَ کان وٺي، امن، پيار، انسان دوستي ۽ عالمگير ڀائيچاري جا ويچار سمايل آهن. هُو نه صرف وطن دوست مزاحمتي شاعر هو، پر عملي زندگيءَ ۾ به ارڏو، بهادر ۽ بي باڪ انسان هو.
    مصلحت پسنديءَ کان ڏُور، مُنهن تي سچ چوڻ واري هُن جي کري انسان هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو ۽ انياءَ سان اٽڪاءُ ڪيو. هُن ڪٿي به آڻ نه مڃي ۽ ڪنهن اڳيان جهُڪڻکان ڪسڻ کي ترجيح ڏني. سنگت جي حوالي سان هُن جي مونسان ويجهڙائپ رهي، هُو ادبي سنگت جو هڪ جاکوڙي ۽ سچو ڪارڪن هو، جڏهن به کيس ڪا ذميواري سونپي وئي ته هُن ان کي بهتر نموني نڀاهيو. هُن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، گفتار ۽ ڪردار ۾ هڪ جهڙائي رکندڙ زخمي چانڊئي جهڙي شاعر کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.

    ************​
    سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر زخمي چانڊيو
    ايازگل

    سڀني وصفين سُهڻو، ارڏو، بي ڊپو، حشمت ڀريو ۽ هڪ سچو انسان زخمي چانڊيو جوانيءَ ۾ ئي موڪلائي هليو ويو! ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا، سالن تائين دل ۽ ذهن قبول ناهن ڪندا، زخمي چانڊئي جي وڇوڙي وارو واقعو به صفا اهڙو ئي آهي. ڪيترائي ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن، پر عمل جي وقت ڳوليا ناهن لڀندا. زخمي چانڊيو انهن مان هڪ هُيو، هر هنڌ، هر مهل تي هَڪيو تڪيو حاضر! هُن سنڌي جي ان چَوڻِيءَ کي سدائين غلط ثابت ڪيو هُيو:
    ”نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀَئو“
    زخمي چانڊيو، پنهنجي شاعري ۾ به سدائين هڪ سنڌ دوست ۽ انسان دوست شاعر رهيو. پنهنجن اندروني ڪيفيتن جو اظهار به هُن عام ماڻهن جي احساسن، اهنجن ۽ آسُن کان ڪٽجي، ڌار ٿي ناهي ڪيو، هُو عام ماڻهن جو شاعر هُيو، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ڌرتي۽ جو شاعر، جنهن کي نه ڪڏهن دوست وساري سگهندا ۽ نه سنڌي قومي ۽ عوامي شاعريءَ جي تاريخ ئي وساري سگهندي.
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    پيارُ اسان پنهنجايو آهي.
    باقي سڀ اجايو آهي.
    جنت جهڙو ديس اسانجو،
    سڀني جو سرمايو آهي.
    سائين واقعي جوابپور جو زخمي چانڊيو ڪمال جو شاعر آ، سندن جي شاعري جوبه ڪو جواب ئي نه آھي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  6. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248

    انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو جي 16 ورسي جي مناسبت سان
    ابراهيم لاشاري (وارهه)
    سونهاري سنڌ جي تاريخي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي پيو ته هن سر زمين سنڌ هميشه هميشه ڪئي ڏاها ،علم جا اڪابر ، صوفي ، ولي ، عالم ، فاضل ،اديب ، شاعرن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جيڪو قديم زماني کان وٺي تا قيامت تائين جاري رهندو سونهاري سنڌ جي جاگرافي لحاظ کان نظر ڊوڙائبي ته شڪارپور به علمي ادبي ، سماجي، سياسي ، ثقافتي ، اهل قلم ،شاعرن اديبن جي سڀني رنگن سان سرشار نظر پيو اچي ،هن علائقي جن به شاعرن ،اديبن ، محققن ، سياسي ، سماجي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ، تن پنهنجي ڪيل ڪم ، ادبي پورهي ، ۽ ڪوششن سان سڄي سنڌ ۾ اعلي درجي جو مقام پڻ حاصل ڪيو آهي . هتي اڄوڪي تاريخ 24 آڪٽوبر 2000ع اڱاري ڏينهن تي هڪ سچي انسان ، ۽ انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو جي شهادت جي ڏينهن سان ياد ڪيو پيو وڃي ، ڇو جو سڀني وصفين سهڻو ، بي ڊپو ، ماڻهون مڻيادار ارڏو پٽ هن ئي تاريخ تي سڀئي شاعري جون صنفون ۽ قلم بند ڪري سڄي سنڌ واسين کان جواني جي 39 سال 8 مهينا ۽ 23 ڏينهنن عمر ۾ موڪلائي راهه رباني ٿي ويو ، هن علم دوست شاعر جي ڇٽي جو نالو ڄام خان ۽ والد صاحب جو نالو مولابخش خان چانڊيو هو جيڪو شڪارپور تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڊکڻ شهر ڀرسان آباد ڳوٺ جوابپور چانڊيه ۾ مئي مهيني جي جهولن واري گرم موسم جي پهرين تاريخ سال 1961ع ڌاري سومر ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ، ننڍي هوندي هن ذهين ٻار جي پي ۽ ماءَ زبردست تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي علي خان ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن سنڌي پنج درجا نهايت ذهانيت ۽ هوشاري سان پاس ڪري تعليم کي اڳتي وڌائيندي ڊکڻ هاءِاسڪول منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪري هاير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور منجهان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيائين تنهن بعد سال 1979ع ڌاري تعليم کاتي ۾ درس دتدريس جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد جو پيشو اختيار ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين ، ان ئي زماني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري منجهان پوسٽ گريجوئيٽ (اسلامڪ ڪلچر ) جي سند پڻ حاصل ڪري ورتي ۽ سال 1984ع ڌاري لاجواب شاعري ڪري (زخمي چانڊيو ) جي نالي سان ادبي لڏي ۾ نروار ٿيو ، سنڌ جي ٻن نامور شاعرن نثار بزمي صاحب ۽ مرحوم سرڪش سنڌي شاعري جا سڀ رنگ ڍنگ ۾ اصلاح پئي ڪئي ، هن ڪومل جذبن ۽ حساس طبيت جي شاعر پنهنجي اندروني احساسن ۽ ڪيفيتن جو اظهار پنهنجي زباني پنهنجي شاعر ۾ هن طرح ڪيو ته
    ڏاڍو ساريندين،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون،
    اخبارن ۾ تعزيتون ،
    ڏهه ڏهه ڏياريندين،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون
    جيئري قدر ڪونه ڪيئهه،
    ڳوڙها ڳاريندين ،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون ،
    اوڇنگارون ڏئي لاش تي ،
    راڄ روئاريندين،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون ،
    جهر جهنگ منهنجي شاعري ،
    نيٺ جهونگاريندين ،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون ،
    قبر جو قتبو پڙهي ،
    گل وڇائيندين ،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون ،
    زخمي ءَ لئه ماتم ڪري ،
    نيٺ وساريندين،
    منهنجي مئي کانپوءِ تون
    سندس شاعري جو عڪس مجموعي طور تي ڌرتي سان محبت ۽ عشقيه نظر اچي ٿو هو ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي همعصر شاعرن کان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي گوءِ کڻي ويو. سندس شاعري ۾ عوامي رنگ جي ڪري هو سڄي سنڌ ۾ مشهور شاعر بڻجي ويو ، مزاحمتي شاعري واري پهلو جي ڪري زخمي چانڊيو کي جيل به ڀوڳڻو پيو، مگر هو پوءِ به نه مڙيو ۽ اڳ کان اڳرو نظر آيو ، سندس سنڌ جي ڪنهن به شهر، وستي،، واهڻ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشاعري جي دعوت ملندي هئي، ته هو دل سان قبول ڪري وڃي مشاعري کي پنهنجي مٺڙي ۽ مڌر آواز ۽ ترنم سان چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو ۽( واه زخمي واه ) جي ٻولن جا اديبن، شاعرن ۽ عوام کان داد پيو حاصل ڪندو هو ، عام زندگي جا پل به نهايت لاجواب گذاريائين ، زخمي يارن جو يار ، خوش مزاج ۽ خوش اخلاقي سان زندگي ٽم ٽار هوندي هيس ، هميشه بردباري ، چهري تي شينهن جهڙو روب هوندو هيس ، زخمي چانڊيو کي ادبي سرگرمين ۾ نهايت گهري دلچسپي هوندي هيس پاڻ سال 1991ع ڌاري ڊکڻ شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وڌائين اڳتي هلي زخمي چانڊيو صاحب پاڻ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جي ضلعي رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ، تنهن کان سواءِ هو (سچوا) تنظيم سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ پڻ رهيو ، سنڌ جو هڏڏوکي شاعر زخمي چانڊيو استادن جي تنظيم ( گسٽا ) ضلعي لاڙڪاڻي جو پريس سيڪريٽري جي عهدي تي به ڪم ڪندو رهيو ان کان علاوه هو انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو انسان ذات لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم (هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ) جو نهايت برجستو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو جڏهن ته ان زماني ۾ زخمي چانڊيو کي هڪ سوزڪي موٽر سائيڪل سواري لاءِ هوندي هئي جنهن جي آڏو هميشه ( انساني حق ) جو نعرو درج هوندو هو زخمي چانڊيو پنهنجي شاعري واري روپ ۾ سڀني انسانن کي امن، ڀائيچاري ، محبت سان رهڻ جي تلقين ڪندي چئي ٿو ته
    انسانن کي او انسان !
    مار نه تون بيدردي سان
    تنهنجو ساٿ ازل جو آ
    زخمي زخمي زخمي سان
    زخمي چانڊيو سال 1996ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ جواب پور چانڊيا کي خير آباد چئي لاڙڪاڻو شهر اچي وسايائين . سماج سڌارڪ ۽ عوامي شاعر زخمي چانڊيو کي 6 پٽ ۽ 6 نياڻين جي اولاد سان رب سائين نوازيو ، جن جي تربت به اعلي نموني جي ڪيائين سندس هڪ پٽ خالد چانڊيو سندس نقشي قدم تي هلي هڪ بهترين شاعر ۽ هڪ بهترين براڊڪاسٽر جي ادبي حلقي ۾ سڃاڻپ رکي ٿو ، جڏهن ته هڪ ٻيو پٽ سا جد چانڊيو پڻ ادبي لڏي سان گهري دلچسپي پڻ رکي ٿو هنن ٻنهي ڀائرن پنهنجي والد جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڪئي . سندس اها به خوبي مڃي ويندي آهي ته هر سال هو پنهنجي والد زخمي چانڊيو جي ورسي گهري دلچسپي سان ملهائي اديبن کي زخمي چانڊيو جي ادبي پورهي جي روشناس ڪرڻ تي ايوارڊن سان پڻ نوازيندا آهن زخمي چانڊيو کي پڻ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو جن منجهان ( سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران بهترين رابطا سيڪريٽري ، سچوا مرڪز پاران بهترين سماجي اڳواڻ ، استاد بخاري ادبي فورم لاڙڪاڻو پاران ڏئي سندس جهول ڀري وئي، تنهن کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن انعامن سان پڻ نوازيو ويو زخمي چانڊيو جا ٻه شاعري جا ڪتاب شهر شهر زخمي 2001ع ۽ ڏاڍو ساريندين سال 2004ع ۾ پڻ مارڪيٽ ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن ، زخمي چانڊيو جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي ۽ سندس شاعري ئي شهريت جو سبب بڻي ، پاڻ زندگي ۾ ڪيترن اخبارن رسالن ۾ مضمون لکي سنڌي ادب جي جهول پڻ ڀري ، اڄ زخمي چانڊيو کي سندس وڇڙي 16 سال گذري ويا آهن سندس اڄ ياد ۾ 16 ورسي ملهائي ويندي سندس تربت پنهنجي اباڻي ڳوٺ جواب پور چانڊيه شڪارپور ۾ آهي .نموني طور سندس هڪ شعر عرض ڪجي ٿو
    پيار اسان پنهنجايو آهي
    باقي سڀ اجايو آهي
    جنت جهڙو ديس اسانجو،
    سڀني جو سرمايو آهي




     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نئين سنڌ لاءِ پاڻ ارپيندڙ شخص: زخمي چانڊيو

    فقير محمد سنڌي

    سچ هڪ پل ۾ روشني ڦھلائي ڇڏيندو آهي، جڏهن اُوندهه ختم ٿي ويندي آهي، تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته باندي پڻو هو ئي ڪونه، سچ جي واٽ تي هلندي منصور بن حلاج به پنھنجو سر گهور ڪيو، هن ڏيھه ۾ سچ جو ساٿاري ٿي رهڻ ڪري پنھنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو.
    جيئن سنڌ جي مڙس مٿير زخمي چانڊيي محبت جو جام پيتو، لوڪ ته هن کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زخمي چانڊيو هن وقت به بقا جي زندگي ماڻي چڪو آهي. منصوري رستي جو راهي زخمي چانڊيو جنھن لاءِ منصور بن حلاج جون سِٽون بلڪل درست آهن ته:

    مون کي قتل ڪريو، منھنجا ساٿيو،
    جو منھنجو قتل ئي منھنجي حياتي آهي،
    منھنجو موت، منھنجي حيات ۾ آهي،
    منھنجي حيات منھنجي موت ۾ آهي.


    ان لاءِ ته قوم جو هر فرد رهبري پيو ڳولهي شاعرن ۾، زماني جي گهاون اڄ جي انسان کي هر فورم تي زخمي ڪري وڌو آهي. پنھنجي اتساهه لاءِ وقت کي ضامن ڪري سڏي ٿو.

    ڪا سارَ به لھبي آ،
    رڳو هامَ نه هڻبي آ.
    هن خط لکيو زخمي،
    ڪا چوٽَ به سَھبي آ.


    تاريخ سدائين سچائي کي ڳاهيو آهي، جابر کي ڪڏهن به پنھنجو رهبر ڪونه مڃيو آهي، انساني مورتيون سڀ ويساهه جوڳيون نه آهن، تڏهن ته سچ نروار ٿي ڪونه ٿو بيھي، انهيءَ لاءِ انساني هوش برقرار ڪونهي. ان جي من ۾ اڻ تڻ واسينگ نانگ پيو ٿو ڏنگ هڻندو رهي. تڏهن ته زخمي وڏي واڳي چيو:

    ڌرتي ساري دوزخ ٿي پئي،
    ماڻهو اَئٿ ستارو ٿي پيو.
    ڪالهه ٿي جنھن کي خون پيئاريم،
    سو ئي اندر ڪارو ٿي پيو.


    زخمي چانڊيو سنڌي ادب جو شاهه تارو هو، سنڌي سماج جو يادگار شخص هو، جنھن کي هر ويل ڌرتيءَ سان محبت جو جام پيتل هوندو هو، ڪڏهن به ڌرتي واسين لاءِ هڪ لفظ به ٻڌڻ گوارا ڪونه ڪندو هو. سچو کاهوڙي لکيڪن جو دل جو دل بند هو، نفرت رڳو ڌرتيءَ جي دشمن سان ڪندو هو، ۽ اهو به چوندو هو ته ڀلي اسان جو يار نه ٿي پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي. جنھن جي ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت جرڪي ٿو؛

    حيف اٿئي جو عيش ڪرين ٿو،
    قيامت برپا آهي ٿر ۾.


    يا وري

    ڪئي ڪيڏي سائنس اوسر آ ”زخمي“،
    اسان وٽ اڃا، ڪاري ڪارو ڏٺو ٿي؟!


    ها وڏي واڪي سچ جو ساٿاري ٿي بيھڻ ڪو هن کان سِکي.

    ڳالهه ڪئي ڌرتيءَ جي مون،
    هن جو ڇو ايمان،
    خطري ۾ پئجي ويو.


    معاشري جي اندر هٿرادو مڙس ماڻهو ٿي رهڻ وارن کي اهڙي طرح چٿر ڪندو هو، جيئن سماج ۾ اهو وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪري.

    ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن تي ڪن ٿا،
    تني جيل هٿ ۾ ٻھارو ڏٺو ٿي!


    زخمي چانڊيي جي حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، جنھن ۾ زخمي پنھنجي شاعري يا ٻئي ڪنھن دوست جي شاعري جڏهن ترنم ۾ چوندو هو ۽ سڄو لوڪ زخميءَ کي داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهندو.
    زخمي چانڊيي جي جيون جو مختصر تعارف، جي سڄو تعارف لکان ٿو ته هي مضمون وڃي ٻيڻ تي بيھندو، ڄام خان ولد مولا بخش چانڊيو، ادبي نالو ”زخمي چانڊيو“، مزدورن جي عالمي ڏينھن تي 1961ع ڊکڻ شھر ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم جو زيور مختلف درسگاهن مان حاصل ڪيائين، ايم.اي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 1979ع تي سروس ورتائين، رهائش جي معاملي ۾ زخمي چانڊيو، ملان جي ڳوٺ، ڊکڻ، مدئجي، ڌامراهه، آبائي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻي شھر کي اچي آباد ڪيائين، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ ڇهه نياڻيون آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو. ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ ڪافي اعزاز حاصل ڪيائين جيڪو سندس حق هو. انساني ڀلائي جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو، پنھنجي پرائي جي دل کولي مدد ڪندو هو، معاشري جو سڄاڻ فرد هو، جنھنڪري ننڍي توڙي وڏي سان نياز نوڙت سان پيش ايندو هو. زخمي لاءِ شعر دل تي تري آيو آهي ته:

    اسان کي زمانو وساري نه سگهندو،
    اها ڳالهه ٻي لڙڪ هاري نه سگهندو،
    جيئڻ ڪاڻ جڳ ۾ جي ڪونڌر ڪُسن ٿا،
    انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو.


    آس ڪجهه هئڻ ۽ ٿيڻ جي اميد ئي باندي پڻو آهي، اهڙي طرح اميد جي نظر مستقبل تي هوندي آهي. آئيندي جو اُلڪو ئي آهي جنھن جي ڪري انسان ڪشمڪش ۽ ڊوڙ جي هن سنسار ۾ اميد ۽ نجات جو دڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جمھوريت جي وارثن کي فڪر جو سبب ياد ڏياري ٿو.

    ”اي
    جمھوريت جا
    دعويدار حڪمرانو!
    اگر
    امن، سلامتي
    ۽
    خشحاليءَ لاءِ
    اوهان جا
    ڪيل اعلان
    سچا آهن،
    ته پوءِ
    سنڌ ۾
    پاڻي پيئڻ جي
    نلڪن
    ۽ گلاسن کي
    سنگهرن
    ڇا معنى آهي؟“



    يا وري؛

    ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو،
    ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.
    ڪي ڪي شاهي کاڌو کائن،
    ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.
    صاف جنين جي نيت ”زخمي“،
    سي ئي آهن پيارا ماڻهو.


    ويھين صديءَ ۾، مشھور فرينچ اسڪالر ۽ منصور حلاج تي اڌ صدي تحقيق ڪندڙ، لوئي ماسونين، منصور حلاج بابت پکڙيل انهن افسانوي ۽ ڪراماتي ڳالهين بابت هڪ خوبصورت عبارت لکي آهي،، جيڪا سنڌ جي سرجڻھار زخمي چانڊيو لاءِ مشابھت رکي ٿي:

    ”هي ڳالهيون جيتوڻيڪ افسانو لڳن ٿيون، پر ان جي باوجود حقيقت، حقيقت آهي، جنھن کي ٻين افسانو بڻائي ڇڏيو ۽ اها حقيقت اها آهي ته شھيد جو رَتُ ٻج وانگر ٿيندو آهي ۽ هميشه فل ڏيندو آهي. اُن جو ڦل اهڙن جانبازن جي تربيت ڪندو آهي جيڪي لاڳيتو جنگ جي حالت ۾ هوندا ته جيئن شھادت جو جام پي سگهن.“ ۽ واقعي اهڙي طرح زخمي چانڊيي 24- آڪٽوبر 2000ع تي زندگيءَ کي الوداع چئي شھادت جو جام پيتو، شاهه لطيف چواڻي ته:

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات جيئڻ اڳي جي جيا!


    **
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    نئين سنڌ لاءِ پاڻ ارپيندڙ شخص: زخمي چانڊيو

    فقير محمد سنڌي

    سچ هڪ پل ۾ روشني ڦھلائي ڇڏيندو آهي، جڏهن اُوندهه ختم ٿي ويندي آهي، تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته باندي پڻو هو ئي ڪونه، سچ جي واٽ تي هلندي منصور بن حلاج به پنھنجو سر گهور ڪيو، هن ڏيھه ۾ سچ جو ساٿاري ٿي رهڻ ڪري پنھنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو.
    جيئن سنڌ جي مڙس مٿير زخمي چانڊيي محبت جو جام پيتو، لوڪ ته هن کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زخمي چانڊيو هن وقت به بقا جي زندگي ماڻي چڪو آهي. منصوري رستي جو راهي زخمي چانڊيو جنھن لاءِ منصور بن حلاج جون سِٽون بلڪل درست آهن ته:

    مون کي قتل ڪريو، منھنجا ساٿيو،
    جو منھنجو قتل ئي منھنجي حياتي آهي،
    منھنجو موت، منھنجي حيات ۾ آهي،
    منھنجي حيات منھنجي موت ۾ آهي.


    ان لاءِ ته قوم جو هر فرد رهبري پيو ڳولهي شاعرن ۾، زماني جي گهاون اڄ جي انسان کي هر فورم تي زخمي ڪري وڌو آهي. پنھنجي اتساهه لاءِ وقت کي ضامن ڪري سڏي ٿو.

    ڪا سارَ به لھبي آ،
    رڳو هامَ نه هڻبي آ.


    هن خط لکيو زخمي،
    ڪا چوٽَ به سَھبي آ.


    تاريخ سدائين سچائي کي ڳاهيو آهي، جابر کي ڪڏهن به پنھنجو رهبر ڪونه مڃيو آهي، انساني مورتيون سڀ ويساهه جوڳيون نه آهن، تڏهن ته سچ نروار ٿي ڪونه ٿو بيھي، انهيءَ لاءِ انساني هوش برقرار ڪونهي. ان جي من ۾ اڻ تڻ واسينگ نانگ پيو ٿو ڏنگ هڻندو رهي. تڏهن ته زخمي وڏي واڳي چيو:

    ڌرتي ساري دوزخ ٿي پئي،
    ماڻهو اَئٿ ستارو ٿي پيو.


    ڪالهه ٿي جنھن کي خون پيئاريم،
    سو ئي اندر ڪارو ٿي پيو.


    زخمي چانڊيو سنڌي ادب جو شاهه تارو هو، سنڌي سماج جو يادگار شخص هو، جنھن کي هر ويل ڌرتيءَ سان محبت جو جام پيتل هوندو هو، ڪڏهن به ڌرتي واسين لاءِ هڪ لفظ به ٻڌڻ گوارا ڪونه ڪندو هو. سچو کاهوڙي لکيڪن جو دل جو دل بند هو، نفرت رڳو ڌرتيءَ جي دشمن سان ڪندو هو، ۽ اهو به چوندو هو ته ڀلي اسان جو يار نه ٿي پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي. جنھن جي ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت جرڪي ٿو؛

    حيف اٿئي جو عيش ڪرين ٿو،
    قيامت برپا آهي ٿر ۾.


    يا وري

    ڪئي ڪيڏي سائنس اوسر آ ”زخمي“،
    اسان وٽ اڃا، ڪاري ڪارو ڏٺو ٿي؟!


    ها وڏي واڪي سچ جو ساٿاري ٿي بيھڻ ڪو هن کان سِکي.

    ڳالهه ڪئي ڌرتيءَ جي مون،
    هن جو ڇو ايمان،
    خطري ۾ پئجي ويو.


    معاشري جي اندر هٿرادو مڙس ماڻهو ٿي رهڻ وارن کي اهڙي طرح چٿر ڪندو هو، جيئن سماج ۾ اهو وري اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪري.

    ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن تي ڪن ٿا،
    تني جيل هٿ ۾ ٻھارو ڏٺو ٿي!


    زخمي چانڊيي جي حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، جنھن ۾ زخمي پنھنجي شاعري يا ٻئي ڪنھن دوست جي شاعري جڏهن ترنم ۾ چوندو هو ۽ سڄو لوڪ زخميءَ کي داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهندو.
    زخمي چانڊيي جي جيون جو مختصر تعارف، جي سڄو تعارف لکان ٿو ته هي مضمون وڃي ٻيڻ تي بيھندو، ڄام خان ولد مولا بخش چانڊيو، ادبي نالو ”زخمي چانڊيو“، مزدورن جي عالمي ڏينھن تي 1961ع ڊکڻ شھر ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم جو زيور مختلف درسگاهن مان حاصل ڪيائين، ايم.اي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. 1979ع تي سروس ورتائين، رهائش جي معاملي ۾ زخمي چانڊيو، ملان جي ڳوٺ، ڊکڻ، مدئجي، ڌامراهه، آبائي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻي شھر کي اچي آباد ڪيائين، اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ ڇهه نياڻيون آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو. ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ ڪافي اعزاز حاصل ڪيائين جيڪو سندس حق هو. انساني ڀلائي جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو، پنھنجي پرائي جي دل کولي مدد ڪندو هو، معاشري جو سڄاڻ فرد هو، جنھنڪري ننڍي توڙي وڏي سان نياز نوڙت سان پيش ايندو هو. زخمي لاءِ شعر دل تي تري آيو آهي ته:

    اسان کي زمانو وساري نه سگهندو،
    اها ڳالهه ٻي لڙڪ هاري نه سگهندو،
    جيئڻ ڪاڻ جڳ ۾ جي ڪونڌر ڪُسن ٿا،
    انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو.


    آس ڪجهه هئڻ ۽ ٿيڻ جي اميد ئي باندي پڻو آهي، اهڙي طرح اميد جي نظر مستقبل تي هوندي آهي. آئيندي جو اُلڪو ئي آهي جنھن جي ڪري انسان ڪشمڪش ۽ ڊوڙ جي هن سنسار ۾ اميد ۽ نجات جو دڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جمھوريت جي وارثن کي فڪر جو سبب ياد ڏياري ٿو.

    ”اي
    جمھوريت جا
    دعويدار حڪمرانو!
    اگر
    امن، سلامتي
    ۽
    خشحاليءَ لاءِ
    اوهان جا
    ڪيل اعلان
    سچا آهن،
    ته پوءِ
    سنڌ ۾
    پاڻي پيئڻ جي
    نلڪن
    ۽ گلاسن کي
    سنگهرن
    ڇا معنى آهي؟“



    يا وري؛

    ڪي ڪي جيءَ جيئارا ماڻهو،
    ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.

    ڪي ڪي شاهي کاڌو کائن،
    ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.


    صاف جنين جي نيت ”زخمي“،
    سي ئي آهن پيارا ماڻهو.


    ويھين صديءَ ۾، مشھور فرينچ اسڪالر ۽ منصور حلاج تي اڌ صدي تحقيق ڪندڙ، لوئي ماسونين، منصور حلاج بابت پکڙيل انهن افسانوي ۽ ڪراماتي ڳالهين بابت هڪ خوبصورت عبارت لکي آهي،، جيڪا سنڌ جي سرجڻھار زخمي چانڊيو لاءِ مشابھت رکي ٿي:
    ”هي ڳالهيون جيتوڻيڪ افسانو لڳن ٿيون، پر ان جي باوجود حقيقت، حقيقت آهي، جنھن کي ٻين افسانو بڻائي ڇڏيو ۽ اها حقيقت اها آهي ته شھيد جو رَتُ ٻج وانگر ٿيندو آهي ۽ هميشه فل ڏيندو آهي. اُن جو ڦل اهڙن جانبازن جي تربيت ڪندو آهي جيڪي لاڳيتو جنگ جي حالت ۾ هوندا ته جيئن شھادت جو جام پي سگهن.“ ۽ واقعي اهڙي طرح زخمي چانڊيي 24- آڪٽوبر 2000ع تي زندگيءَ کي الوداع چئي شھادت جو جام پيتو، شاهه لطيف چواڻي ته:

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات جيئڻ اڳي جي جيا!
     
  9. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    [​IMG]
    زخمي چانڊئي جو جنم ڏهاڙو

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي سونهن ڀري مٺڙي سرزمين سنڌ دنيا جي ٻين ملڪن کان نهايت ئي پراڻي ۽ شاندار تهذيب رکندڙ خطي جي مالڪ رهي آهي جنهن جو ڪو مٽ ثاني مون کي نظر نٿو اچي ، اهڙي ريت سڄي دنيا جي ملڪن جو ادب ، تهذيب ، ثقافت ، سماجي اثڻي ويهڻي به الڳ الڳ حيثيت رکي ٿي مڱر پنهنجي جيجل ڌرتي جو مقابلو ڪو ئي ڪري نٿو سگهي ، سڄي دنيا جا شاعر گڏ ڪجن ٿا سندس جي شعور جو ماپو منهنجي ڌرتي جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ءٽائي رح کان تمام گهٽ نظر اچي ٿو پنهنجي ڌرتي نه رڳو ادب منجهه آسودي آ مڱر هن جي هر شئين جو ڪو مٽ ثاني ناهي سندس ڪو ڀيٽ به ڪري ته هو ڪوهين پوئتي نظر ايندو سنڌ جو سياسي ، سماجي ،مذهبي ، ثقافتي رنگ دنيا جي ملڪن کان نرالي حيثيت رکي ٿو . اهڙي ريت سنڌ جو علم ادب جو شاهوڪار شهر شڪارپور جو ڊکڻ شهر کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته هن جي ننڍڙي ڳوٺ جوابپور چانڊيه جي پري مڙس مولابخش چانڊئي جي گهر دنيا جي مزدورن واري عالمي ڏهاڙي خوشين سان معطر ٿي ويو ڇو جو ان ڏينهن هڪ بي ڊپي محبتي انسان پنهنجي زندگي جو پهريون ساهه کڻي والدين جي سڪن منجهه خوشين جو اضافو ڪرڻ پئي آيو ، سندس والدين ان ڏينهن خوشي منجهه نه پئي ماپيا ، هن نينگر جو نالو رکڻ لاءِ ڇهن ڏينهن جي وٿي رکيل هئي پنهنجي مٽن مائٽن ۽ والدين جي صلاح مشوري کان پوء ڇٺي جو نالو ( ڄام خان چانڊيو ) رکيو ويو پهرين مئي سال 1961ع سومري جي ڏينهن ڄام کان هن جهان ۾ پير پاتو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو هن سلڇڻي ٻار کي والدين لاڏ ڪوڏن سان پالي نپائي وڏو ڪري نصابي علم حاصل ڪرڻ خاطر ڳوٺ علي خان ۾ داخل ڪرايو جتي هوشوق ، محنت سان پڙهندو رهيو ۽ پرائمري تعليم جا پنج درجا پڙهي پاس ڪيائين مڱر اڳتي به پڙهڻ جو سوچندي سوچندي مئٽرڪ ڌامراه ،ڊکڻ هاءِ اسڪول منجهان ۽ انٽر شڪارپور جي اسڪول منجهان بي اي ، ايم اي جون ڊگريون رتيديري ، سکر جي اسڪون مان وٺڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو ، زخمي چانڊئي کي پڙهڻ پڙهائڻ ۽ ادبي دنيا جي رنگ سان واهه جو چاهه هوندو هئو ڇو جو هن جي اندر ڏوکويل انسان جو جو درد اندر منجهه ڀڙڪيون پئي کاڌيون هن جي اندر شاعري جي چڻگ شمع ٿيڻ پئي چاهي ۽ ٿيو به ائين ئي پاڻ پنهنجي اندر جو آواز عام خلق آڏو واهه جو چٽو پٽو اظهار ڪري پيش ڪيائين ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻيڻ جي ڏک ،سک اهنجن جي سماجي عڪاسي ڪري پاڻ کي ادبي دنيا جي شاعرن آڏو ( زخمي چانڊيو ) واري تخلص سان واهه جو نشابر ڪرايائين سال 1984ع ڌاري پاڻ عوامي داد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ پنهنجي شاعري جي اصلاح وڏي پائي جي اديبن ، شاعرن جناب سرڪش سنڌي ۽ جناب نثار بزمي کان ڪرائيندي سڄي ڏيهه منجهه واه جو مشهوري ماڻيائين زخمي چانڊيو پنهنجي شاعري وسيلي سماج جي ڪهڙي نه بهترين عڪاسي ڪري شاعري واري زبان منجهه اسان کي ٻڌائي ٿو ته

    هي به ڪهڙي زندگي آ !

    جو سڀ ڪنهن جي بندگي آهي .

    ڪو نڪ ڪپڻ تي ڪين مڙيو ،

    ڪنهن جي طعني تي خودڪشي آهي .

    هن نفسانفسي جي عالم ۾ ،

    پنهنجو به ڄڻ اجنبي آهي

    اي وقت گواهه رهجان تون ،

    منهنجي ڪنهن سان نه دشمني آهي .

    تون کانسواءِ پل ڀي نه ٿي سري ،

    تنهنجي من ڪيئن سري آهي .

    هر ماڻهو ٿو سمجهان محترم ،

    هي ڪيڏي نه سادگي آهي

    سکن جي تلاش ۾ زخمي ،

    ڏکن سان ٿي دوستي آهي .

    سنڌ جي هن دادلي، بي ڊپئي شاعر جي شاعري مزاحمتي ۽ عشقيه رنگ نمايا نظر سان سرشار لڳي پئي آهي سندس جي شاعري سنڌ جي مڙني اخبارن ،رسالن جي زينت بڻجندي رهي ۽ عوامي داد حاصل ڪندي رهي سندس جي شاعر ڪيترن فنڪارن ڳائي وڄائي پنهنجو ۽ زخمي چانڊئي جو نالو روشن ڪرڻ پڻ ڪامياب ويا ريڊيوپڪستان جي سمورن اسٽيشنن تان سندس جي شاعري وارو آواز فنڪارن کان ٻڌجندو رهيو سرمد سنڌي جهڙي فنڪار جي مٺڙي آواز منجهه سندس ڪلام (ڏاڍو ساريندين منهنجي موئي کان پوءِ تون ) ته چوٽي جي شهرت حاصل ڪئي.سنڌ جي هن باڪمال شاعر کي سنڌ جي ڪنهن به ادبي محفل ، ادبي ميڙاڪن، مشاعرن جي نيڊ دعوت ملندي هئيس ته پاڻ اتي پنهنجي رنگ ڍنگ سان ڏات سان پنهنجي شاعري پڙهي عوامي داد حاصل ڪندو هو سندس جي اها به خوبي هئي ته پاڻ نئين نڪور شاعري سان عوام کي سماج جي ترجماني ڪري ٻڌائيندو هو ۽ سندس آواز به دلفريب هوندو هو هو پنهنجي شاعري اڪثر ڪري ترنم منجهه پڙهي ٻڌائيندي نظر ايندو هو زخمي پنهنجي محبوب کي ڪهڙي نه ميار ڏئي پنهنجي شاعري واري ٻولن منجهه التجاءَ ڪري چوي ٿو ته

    ڪا سار ته لهبي آ.

    رڳو هام نه هڻبي آ .

    ايڏو ضد به چڱو ناهي ،

    ڪنهن ٻئي جي به ٻڌ بي آ .

    سا ڳالهه ڪجي ڇا لئه ؟

    جا پاڙي نه سگهبي آ.

    فرصت جي گهڻي ناهي ،

    هڪ رات ته رهبي آ .

    هن خط آ لکيو زخمي ،

    ڪا چوٽ به سهبي آ .

    سنڌ جي هن منفرد شاعر پنهنجي شاعري وسيلي سڄي سنڌ ۾ واه جو نالو روشن ڪيو سندس مزاحمتي شاعري ڪرڻ تي جيل جي ڪال ڪوٽڙي منجهه رهيو پر مجال جو هو پنهنجي موقف ۽ سنڌ جي مسڪين مائروڙن جي دک سک کي پنهنجي شاعري جو موضوع نه بڻائي پنهنجي اوس پاس ۽ هم اثر شاعرن کان هو شاعري واري صنف ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو . زخمي تخلص کي سڄي سنڌ ۾ پنهنجي نالي جي سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو ، جنهن به مشاعري ،ادبي گڏجاڻي ۾ ويو مجال آ جو ڪو شاعر سندس سان تازي نڪوري شاعري سان ڀيٽ ڪري پاڻ پيت پالڻ لاءِ سرڪاري ملازمت اختيار ڪندي سال 1979ع ڌاري استاد بڻيو پنهنجي فرض سان زندگي جي آخري گهڙي تائين سچو رهيو .سال 1996ع ڌارري جيهڙن ،فسادن واري ماحول منجهان نڪري اچي لاڙڪاڻو شهر وسايائين سندس رب سائين 6 پٽن ۽ 6 نياڻين جي اولاد سان نوازيو جن جي تربت به لاجواب ڪيائين پٽڻ منجهه خالدحسين چانڊيو ، ساجد زخمي ، عبدالحفيط ، مولابخش ،وسيم ، ۽ اسدالله چانڊيو به همٿ ناهي هاري، هو پنهنجي والد جيان خالد حسين هڪ بهترين براڊڪاسٽر ، شاعر ، ساجد زخمي ،اديب ڪالم نويس ، شاعر ، جڏهن ته عبدالحفيط چانِڊئي به شاعري ادب جي مڙي صنفن سان گهري دلچسپي رکندي پنهنجو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن .

    زخمي چانڊئي کي سندس ادبي ڪم ۽ ڪردار شاعري جي مڃتا تي سندس کي (فهيم فاروق عباسي ايوارڊ ۽ استاد بخاري ايوارڊ سان سال 1998ع نوازيو ويو . زخمي چانڊيو سنڌ جو هي ارڏو پٽ 24 آڪتوبر سال 2000ع صبح جو لاڙڪاڻي واري گهر کان شيخ زيد هاءِ اسڪول منجهه پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته 7 نمبر ناڪي وٽان بنڊن جي اوث منجهه لڪيل دشمن تاڙ منجهه بيٺا ها جئين هن جو گذر ٿيو ته سندس جي مٿان کولين جو مينهن وسايو ويو سنڌ جو هي بي ڊپو شاعر موقعي تي پنهنجي ڌرتي ماءَ کي چمي ڏئي رت سان ڳاڙهو ٿي ويو سندس کي پٽن ترت علاج واسطي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال پهچايو مڱر زندگي سندس کي وڌيڪ جئيڻ نه ڇڏيو ،پاڻ ابدي آرامي ٿي شهادت ماڻيائين ،زخمي سمورن گهر وارن ،دوستن ،سنڌ واسين کان موڪلايون هليو ويو سندس جي آخري آرام گاهه جوابپور چانڊيه منجهه آهي سندس جا لائق فرزند هر سال پنهنجي والد صاحب جي ورسي وڏي عقيدت سان ملهائيندا آهن ،

    زخمي چانڊيو آخر ۾ ڪهڙي نه بهترين ڳالهه ڪري هليو ويو

    محبوب جو پاڙو هو .

    ڄڻ عيد ڏهاڙو هو .

    آواز ٻڌي در تي ،

    اٿِيوپيرين اگهاڙو هو .

    هن کي هو وسارڻ يا،

    پيرن تي ڪهاڙو هو .

    کل ڀوڳ ۽ ساروڻيون ،

    تاڙي تي تاڙو هو .

    زخمي جي گهر ۾ ڇو؟

    اڄ روڄ ۽ راڙو هو .

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو