سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي ، لاڙڪاڻي جي ننڍڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙيءَ ۾ 8 فيبروري 1948ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو . ابتدائي -تعليم- لاڙڪاڻي مان ۽ بي . اي ( آنرز ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1973ع ۾ لاڙڪاڻي مان ايل . ايل . بي جي ڊگري حاصل ڪيائين . 1972ع ۾ سي -ايس- ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين . -ان- دؤران پڙهائيءَ کي جاري رکندي 1985ع ۾ -آمريڪا- جي يونيورسٽي آف ايري زونا ٽوسان مان ايم . بي . اي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح انڪم -ٽيڪس- کاتي ۾ 2000ع تائين رهيو . کيس سنڌي -ٻولي- ، -ان- جي ادب ۽ شاعريءَ سان چاهه هو ، تنهنڪري سندس ڪوشش هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ٻين -ترقي- يافته ٻولين جيان نئين دؤر جي -ٽيڪنالاجي- جو ڀرپور استعمال ٿئي ته جيئن هو -ان- لحاظ کان پٺتي نه رهجي وڃي . 1987ع ۾ ، ڊيسڪ -ٽاپ- ڇپائيءَ جي ڪم ۾ دلچسپي جي ڪري ، ذاتي ڪمپيوٽر ( ايپل مئڪنٽاش ) ۽ ليزر پرنٽر خريد ڪيائين . تيستائين پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن ڪونه هو . سندس خواهش هئي ته سنڌي سافٽ ويئر جوڙي وڃي ، نيٺ سخت محنت کانپوءِ 1988 جي شروعات ۾ هو ’مئڪنٽاش ‘ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو پروگرام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو جنهن جي نتيجي ۾ پهريون ڀيرو پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال ممڪن بڻيو . اهڙي ريت هن 1988 جي اوائل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ سنڌي اخبارون ، رسالا ، ڪتاب وغيره ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيڻ لڳا ۽ سنڌي اشاعتي دنيا ۾ هڪ -انقلاب- آيو . 1990ع ۾ هو پاڪستان ڇڏي -آمريڪا- هليو ويو . ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ بنيادي ضرورت -ان- ٻوليءَ جو ڪوڊپيج ( character set approved for computer use ) هوندو آهي ۽ سنڌي لاءِ ڪوبه طئي شده اسٽينڊرڊ ڪوڊپيج ڪونه هو . انهيءَ ڪري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو جيڪو حل ۽ طريقه ڪار ڪڍيو ويو هو تنهن ۾ عربي ۽ فارسي واري ڪوڊپيج کي ڪنهن طريقي سان سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو ويو هيو . نوي واري ڏهاڪي ۾ دنيا جي سڀني ٻولين لاءِ هڪ مشترڪه ڪوڊ پيج ٺاهڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون ته جيئن دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪمپيوٽر تي ترويج ۾ آساني ٿئي . اهڙي ريت يونيڪوڊ ڪنسورشم جو بنياد پيو جنهن هڪ يونيورسل يا عالمگير ڪوڊپيج جوڙيو ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ -ان- جي ترويج جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون . يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊپيج ۾ دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي جو ڪيريڪٽر سيٽ ، يعني سنڌي ٻوليءَ جا حرف به شامل هئا . 1999 تائين يونيڪوڊ ڪمپيوٽر جي مختلف آپريٽنگ سسٽم جو حصو بڻجڻ شروع ٿي ويو هو ۽ مائڪروسافٽ ۽ ايپل وارن طرفان به -ان- جي ترويج جي آڌار تي دنيا جي مختلف ٻولين کي سپورٽ ملڻ لڳي . انهن نئين پيش رفت جي ڪري پهريون ڀيرو اهو امڪان پيدا ٿيو ته سنڌي جو هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ، ڪنهن معياري ڪوڊپيج جي آڌار تي ، ڪمپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي دنيا جا سڀ سنڌي پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال ايئن ڪري سگھن جيئن ٻين -ترقي- يافته ٻولين جو ٿئي پيو . هيل تائين ، سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال گھڻي ڀاڱي اشاعتي يا ڇپائي جي ڪمن تائين محدود هو ۽ اسٽينڊرڊ ۽ مروج ڪوڊپيج نه هجڻ جي ڪري سنڌي کي عالمي سطح تي رابطي يا ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن ڪونه هو . 2000 ۾ ، نئين صدي جي آغاز ۾ ، عبدالماجد ڀرڳڙي انهي سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي معياري حيثيت ۾ ڪمپيوٽر تي رائج ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي . هن سنڌي لاءِ پهريون يونيڪوڊ فانٽ جوڙيو ، مائڪروسافٽ وارن سان ذاتي حيثيت ۾ ملي کين -ان- تي آماده ڪيائين ته هو پنهنجي ونڊوز سسٽم ۾ سنڌي جي ٽيڪسٽ پروسيسنگ ممڪن بڻائين ، انهن کان سنڌي لاءِ ڪيبورڊ فائل ترتيب ڏياريائين ۽ آخرڪار پاڻ هڪ سنڌي انسٽالر جوڙي ، انٽرنيٽ تي هر عام سنڌي لاءِ بغير ڪنهن قيمت جي مهيا ڪيائين ته جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي . سنڌي زبان کي يونيڪوڊ ذريعي رائج ڪرڻ سندس اهو انقلابي قدم هو جنهن سان هن معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپيوٽر ، انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي پهريون ڀيرو سنڌي جو پنهنجي حيثيت ۾ ، هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ، عالمي سطح تي استعمال شروع ٿيو . -ان- ذريعي سنڌي ۾ اي ميلز موڪلڻ ، سنڌي ويب سائٽون جوڙڻ ، سنڌي ۾ ڪمپيوٽر ذريعي چيٽنگ ڪرڻ وغيره ممڪن ٿيون . اڳتي هلي ، ونڊوز کان علاوه مئڪنٽوش ڪمپيوٽر تي به سنڌي جي يونيڪوڊ ذريعي استعمال کي ممڪن بڻايائين ۽ -ان- لاءِ انسٽالر جوڙيائين جنهن وسيلي مئڪنٽاش تي به معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ ممڪن ٿي . هن سنڌي معياري ڪمپيوٽنگ لاءِ جيڪي به TOOLS يا RESOURCES ٺاهيا ، سي سڀ انٽرنيٽ تي سنڌين لاءِ مفت مهيا ڪيائين . سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سندس www . bhurgri . com جي نالي سان ويب سائيٽ پڻ جوڙيل آهي ، جنهن ۾ پهريون ڀيرو انٽرنيٽ تي قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو ، شاهه جو رسالو ، سچل جو سنڌي ڪلام شايع ڪيا ويا ۽ جتي ٻيو کوڙ سارو سنڌي مواد موجود آهي . هن مغرب ، يعني مراڪش ۽ الجزائر ، جي ويهين صدي جي اوائل جي مشهور صوفي بزرگ احمد -بن- مصطفى العلوي جي مناجات جو عربي مان -انگريزي- ۾ ترجمو به ڪيو آهي جيڪو شايع پڻ ڪرايائين ۽ اهو سندس ويب سائيٽ تي به موجود آهي . -ان- کان علاوه 2002 -آمريڪا- جي يونيورسٽي آف اِلينُواءِ جي شعبه لسانيات جي پروفيسر جينيفر ڪول جي دعوت تي هو يونيورسٽي ويو ۽ سندن سنڌي -ٻولي- جي آن لائن ڪورس جي سلسلي ۾ کين مدد فراهم ڪيائين . 2003 ۾ مائڪروسافٽ جي لاءِ عربي جي فانٽ جي پروگرامنگ به ڪيائين ۽ انهن لاءِ ” پاڪستاني ٻولين جي ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ ذريعي ترويج “ جي موضوع تي هڪ ٽيڪنيڪل ريسرچ پيپر به لکيائين جيڪو انهن مائڪروسافٽ ڊيويلپرز نيٽ ورڪ MSDN تي شايع ڪيو . اڄ ڪلهه هُو -آمريڪا- ۾ رهائش پذير آهي .
    عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي ڪمپيوٽر جي دنيا ڻ خدمتون ( مضمون ) پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي پنهنجي ويب سائيٽ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سائين عبد الماجد ڀرڳڙي جو انٽرويو پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سائين عبد الماجد ڀرڳڙي جوتفصيلي احوال پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]
    سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تاريخي پسمنظر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔بشير احمد


    سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.
    محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي سنڌي ٻوليءَ سان لڳاءُ جو ئي نتيجو آهي، جو پاڻ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نه هوندي، نه وري ڪنهن مالي امداد جي، فقط ذاتي وسائل ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر وسائل باوجود به نه ڪري سگھيا. پنهنجي لڳاتار محنت سان مارچ 1988 تائين پاڻ عملي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال لاءِ مڪمل سرشتو جوڙي ورتائون، جنهن سان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو استعمال اوتري ئي سولائي سان ممڪن بڻيو جهڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيره لاءِ ان کان اڳ ۾ هو. هتي اهو ڄاڻڻ بي حد ضروري آهي ته ايم بي سنڌي ان پيج کان پوءِ نه بلڪه گھڻو اڳ جي ايجاد آهي.
    پنهنجي اهڙي اَملهه ايجاد تي ڳالهائيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي چوي ٿو ته منهنجي ان پورهئي ۾ دوستن، محبوبن، وڏڙن ۽ بزرگن جون دعائون ۽ محبتون ته ضرور شامل هيون، پر ايم بي سنڌي ۾ دوستن جي ماهرانه يا غيرماهرانه صلاحيتن جو ڪو عمل دخل ڪونه هو ۽ اهو سمورو پورهيو مون اڪيلي سِر پنهنجي ٻوليءَ جو فرض سمجھندي پاڻ ڪيو آهي.
    جولائي 1988ع ۾، ايپل ڪمپنيءَ جي ڊسٽريبيوٽر طرفان هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هو، هڪ تقريب منعقد ڪري سندس (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي) ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. جنهنجي صدارت مرحوم علي احمد بروهي صاحب ڪئي ۽ اهڙي طرح سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باقاعده شروعات ٿي.
    يادگيريون ونڊيندي محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌايو ته تقريب کان پوءِ رفريشمينٽ دؤران مرحوم علي احمد بروهي صاحب کيس کِلندي کِلندي چيو: ”ڀرڳڙي، جيڪڏهن تون اهو ڪم بنگالي ٻوليءَ لاءِ ڪرين ها ته بنگالي تنهنجا مُجسما ٺاهي، شهرن ۾ لڳائن ها. پر تو اِهو ڪم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيو آهي، فڪر نه ڪر، جلد ڪو تنهنجي ٽنگ مان جھلي، هيٺ گِهلي لاهيندُءِ.“
    پوءِ هلال پاڪستان وارن اخبار جي جُزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي، پر عوامي آواز پهرين اخبار هئي جنهن ڪمپوزنگ جو سڄو ڪم هن (سنڌي) سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪيو. اهو استعمال ۾ ايترو ته آسان هو جو انگريزي ٽائپنگ ڄاڻيندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ رواني سان سنڌيءَ ۾ (ڪمپيوٽر تي) ٽائپنگ ڪرڻ سکي پئي ويا. بعد ۾ ڪاوش، آفتاب ۽ ٻين سنڌي اخبارن به ان سرشتي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا. 1990ع واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ۽ اخباري ادارا ئي ڪندا رهيا ۽ عام ماڻهن کي ان جي باري ۾ اڃا گھڻي ڄاڻ ڪانه هئي.
    اگتي هلي جڏهن ڪمپيوٽر ادارن ۽ آفيسن مان ٿيندو عام ماڻهن جي دسترس ۾ آيو ۽ انٽرنيٽ ۽ ورلڊوائيڊ ويب عام ٿيڻ لڳا، تڏهن ماڻهن لاءِ ڪمپيوٽر باهمي رابطي توڙي فائلن جي ڏي وٺ جو ذريعو بڻيو ۽ تڏهن ئي پرسنل ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت شدت سان فردن فردن محسوس ٿيڻ لڳي.
    حقيقت ۾ ڪمپيوٽر تي ڪنهن به ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ان ٻوليءَ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج گھربل هوندو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيره کي هڪ عددي ڪوڊ پوائنٽ ڏني ويندي آهي ته جيئن ڪمپيوٽر، جيڪو عددي حساب جي آڌار تي ڪم ڪندو آهي، سو ان ڪوڊ پوائنٽ وسيلي ان ٻوليءَ جي حرفن (اکرن) ۽ علامتن (نشانين) وغيره جي سڃاڻپ ڪري سگھي. هر ٻوليءَ جا ادارا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ هڪ معياري ڪوڊ پيج جوڙي ان کي ڪمپيوٽر سان وابسته بين الاَقوامي ادارن کان منظور ڪرائي وٽن رجسٽر ڪرائيندا آهن. انهيءَ بنيادي ڪم کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنهن به حڪومتي اداري يا درسگاه وغيره ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪانه ورتي. جنهن صورت ۾ ٻوليءَ جو ڪم لنگوئسٽ يا ماهر لسانيات جو آهي جيڪي ٻوليءَ جي فني تقاضائن کي ڀليءَ ڀَت ڄاڻن ٿا، پر رابطي جي کوٽ توڙي عدم دلچسپيءَ جي ڪري سڀئي ڪم هن (محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب) پاڻ سر انجام ڏنا. عين ممڪن آهي ته لسانيات جي حوالي سان ان ۾ ڪي پيچيدگيون رهيل هجن، جن جي اڀياس جي پڻ ضرورت آهي، اهو هڪ جدا موضوع آهي جيڪو هتي مطلوب ڪونهي.
    محترم عبدالماجد ڀرڳڙي ٻڌائي ٿو ته تڏهن معياري سنڌي ڪوڊ پيج نه هئڻ ڪري، سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ جو واحد طريقو اهو وڃي رهيو هو ته عربي فارسي ڪوڊپيج کي، هڪ قسم جي جُڳاڙ يعني Hack ذريعي، سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو وڃي ۽ اهوئي طريقو مون پڻ استعمال ڪيو. جيئن ته ان قسم جو جُڳاڙ لامحاله ڪنهن معيار يعني Standard تي ٻڌل نه هوندو آهي، تنهنڪري ان ذريعي ڪتاب، رسالا وغيره ٽائپسيٽ ڪرڻ ته ممڪن هو پر اُسرندڙ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي ترويج، ويب پيج جوڙڻ، اي ميل ۽ چيٽنگ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو وغيره وقت جون اهڙيون اهم ۽ اڻٽر ضرورتون هيون جن جو پورائو معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ کانسواءِ ممڪن ڪونه هو. پوءِ خوشقسمتي سان هڪ يونيورسل ڪوڊ پيج ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن دنيا جي سڀني ٻولين جو ڪمپپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انهن ۾ سنڌي به شامل هئي. ان سان ڪوڊ پيج جو مسئلو ته حل ٿي ويو جيڪا بنيادي گھرج هئي، پر ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا گھڻا مرحلا طئي ڪرڻا هئا. ان لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق فانٽ (Font) ۽ ٽائپفيس(Typeface) جوڙڻ، ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ ٻولي جي پروسيسنگ لاءِ سپورٽ هجڻ، ڪمپيوٽر تي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ اينٽري سرشتو ۽ ان کي سسٽم ۾ نصب ڪرڻ وغيره اهڙا ناگزير عملي مرحلا هئا جن کان سواءِ ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي عملي طرح استعمال ممڪن نه هو.
    محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ٻڌائي ٿو ته سن 2000ع ۾ تقريبًا ڇهن مهينن جي لڳاتار محنت کانپوءِ جڳ مشهور ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (ونڊوز) ٺاهيندڙ ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقه شعبي جي سربراه پال نيلسن سان روبرو ميٽنگن، توڙي ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، آئون مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وجھڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايم ۽ سنڌيءَ کي سهڻا ۽ معياري فونٽ ڊزائن ڪيم، ته جيئن ٻوليءَ جي لکت کي جيترو ممڪن هجي خوبصورت بڻائي سگھجي.
    فونٽ ڊزائن جي ڪم کي جيتوڻيڪ ڪافي دوستن اڳتي وڌايو آهي، جنهن جي ڪري هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ معياري فونٽس جو تعداد 100 کان وڌي ويو آهي. جن ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال کي خوبصورت بڻايو آهي.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سنڌي ٻولي ۽ سنڌين لاءِ ”گولڊن ايج“ … [​IMG] ديوي ناگراڻي


    ارپيم سنڌ جي ھِن عظيم مانجھيءَ کي جنھن ھيءَ انمول سُوکڙي ڏيئي اسان سڀني سنڌين کي علم جي ھِنَ خزاني سان مالامال ڪري ڇڏيو آھي.سنڌڙيءَ کي سؤغات سان نِوازڻ وارو ھي لڪل لعل عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب ھن روشنيءَ جو حقدار آھي، جنھن ۾ ھُن سنڌ جي ٻوليءَ کي زندھ رکڻ جي ھِن خواب کي حقيقت جو جامو پھرايو آھي. ايم.بي.سنڌي ايڊيٽر جنھن جو واھپو ھِڪ سليٽ جيان ڪري، نه فقط ھن تي لکي ٿو گھجي، پر ڪٽ پيسٽ ڪري اُنھيءَ کي بچائي ور ور پرِنٽ ڪري سگھجي ٿو، ڄڻ ته ھڪ عجوبو آھي. سندن ئي اکرن ۾ ”مون آن لائن سنڌي ايڊٽر به تربيب ڏنو آھي جنھن کي استعمال ڪرڻ واسطي اوھان کي سنڌي سپورٽ، سنڌي ڪيبورڊ، سنڌي فانٽ مان ڪنھن کي به اِنسٽال ڪرڻ جي زحمت ڪرڻي ڪان پوندي.“
    شاه صاحب جو اليڪٽرانِڪ رسالو ھڪ ٻي انمول سؤغات آھي جا عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب پنھنجي ساٿيُن جي مدد سان مڪمل ڪري اسان کي بي پناه دؤلت سان ڀرپوُر ڪري ڇڏيو آھي. ساڻ اُنجي آڏواڻي صاحب جا ٽيھ سُر به سندن جي سائيٽ تي اسان جي سھولِيت جي لاءِ پوسٽ ڪيل آھِن، جتي ور ور ڪري اسان تِن کي پڙھي ۽ لطف ماڻي ٿا سگھون . مان اُنھن سڀني صاحبن جي ٿورائتي آھيان جِن ٻانھ ٻيلي ٿي ھيءُ علم جو ھڪُ نئون درُ اسان سڀني سنڌيُن لاءِ کولي ڇڏيو آھي مونکي اِئين لڳندو آھي ڄڻ ته سنڌيُن لاءِ ھيءُ ھِڪُ ”گولڊن ايج“ وري آيو آھي، جنھن جي نئين روشنيءَ ۾ اسين پنھنجي ھِن مِٺڙي سنڌي ٻوليءَ جا ور ور ڪري ڍُڪ ڀري پيئون. ھي اِنھيءَ ايم. بي. سنڌي ايڊيٽر جي ناياب سوکڙيءَ جي عيوض مان ھي سڀ لِکي رھي آھيان. شڪر گُذاري ٻيو ڪجھ نه، فقط دل جا احساس ئي آھن جن کي مون ھن سليٽ تي جيئن محسوس ڪيو تيئن ئي لکيو آھي. ھي ھيٺين تُڪبندي به سندن ئي پِرويل موتيُن جي مالا مان ڪي ڪڻيون کڻي لِکي اٿم.
    قرب ۾
    ديوي ناگراڻي۔۔ جي ماجد ڀرڳڙي صاحب لاء ڪيل شاعري

    سوءُغات ڏئي تو ھيءَ ماجد
    سنڌڙيءَ کي تِلڪ لڳايو آ.
    ڀل ديس ھُجي پرديسُ ھجي
    تو پنھنجو فرض نِڀايو آ.
    سنڌ آھي اَمڙ تنھنجي منھنجي
    لاشڪ تو قرض چُڪايو آ.
    شل شاد ھجين آباد ھجين
    دل دل جو ھي سرمايو آ.
    سنڌڙيءَ تان سِرُ صدقي ديوي
    ماجد مون سو به جھُڪايو آ.
    دوهاولي۔۔
    سورٺ سُر ۽ تال ۾، دوھا ڀي ھئه آڌ
    پھلي تيرھ ماترا، گيارھ اُسڪي باد.
    ھي سورٺا چوان يا دوھا، خبر ناھي…
    . چاشني جا تو چکي، لائق تون ئي تون
    سواد اھڙو مان وٺان اَھڙو ڀاڳ نه مون.
    . سنڌڙيءَ لءِ ھيءَ سوکڙي بي مُلھ ۽ بي داغ
    محبت جو پورھيو پيو آھي سڀ کي راس.
    . پنھارِن پاڻي ڀري، پياس ٻُجھائي ٻيو
    پورھيو ھيءُ محبت سندو آھي ساب پيو.
    سُر ۾ آھي سُر مِليل،ڪيرُ نه ڪنھنکان ڌار
    نيڪ تمنا ۽ دُعا جو ھرڪو حقدار.
    ٿورو ڪنھنجو ڪنھن مٿان ديوي ڪين ڏِسي
    ڍُڪ رسالي جو ڀري، سِپ ۾ موتي پَسي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور علي منگي

    منظور علي منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماشآء الله سائين تمام زبردست جو اسان کي توهان اسان جي محسن جو تعارف ٻڌايو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. طاهر ميراڻي

    طاهر ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 نومبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڏاڍو ڀلو ادا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ماجد ڀرڳڙي جا اسان سنڌين تي اڻ ڳڻيا احسان آهن۔ اهي سندن ئي ڪاوشون آهن جو اڄ مان ۽ اوهان پنهنجي مادري ٻولي ۾ هي سٽون لکي دني سان شيئر ڪري رهيا آهيون۔ ماجد ڀرڳڙي صاحب کي اسان سدائين ياد رکنداسين، اسان جڏهن به ڪمپيوٽر کولي ڪجهه سنڌي ۾ لکون ٿا ته ان وقت به سائين ماجد کي سلام پيش ڪيون ٿا۔​
    مونکي ياد آهي ته لاڙڪاڻي ۾ اسان جڏهن سنڌ سلامت جي ٽيم پاران ملاقات لاء وياسين ته پاڻ ڪيترو قرب ڏنن، اهو بيان نه ٿو ڪري سگهجي۔ هو سنڌي ڪمپيوٽنگ بابت به ڄاڻ ڏيندا رهيا ۽ اسان جي سوالن جا جواب به ڏيندا رهيا ۔۔۔۔​
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين ماجد ڀرڳڙي جا سنڌي قوم جي مٿان احسان آهي قوم هن جي ڪيل ڪم کي هميشه ياد رکيندي هڪ انقلابي قدم کڻندڙ مهان شخصيت کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو