اکين جي ٻولي ،........

'سنڌي ادب' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2014۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    اکين جي ٻولي

    رضوان گل

    اکيون تڏهن زبان سان ادا ٿيندڙ لفظن کان به وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪنديون آهن جڏهن چپن تي ماٺ جا تالا لڳايا ويندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اکيون گھڻو ڪجهه سمجھائي وينديون آهن. اکين جي زبان اهڙي آهي جنهن ۾ نه ڪو شور آهي نه وري ڪو هُل. اکين ئي اکين ۾ جيڪي نياپا موڪلبا آهن انهن جي موٽ لفظن جي ادائگيءَ کان گھڻو تيز، تڪڙو ۽ دل تي اثر ڪندڙ هوندي آهي. اکيون جڏهن دورين سبب پنهنجي پرينءَ کي پسي سگھڻ کان قاصر هونديون آهن ته اهي نيڻ نير وهائي پرين کي ياد ڪرڻ لڳندا آهن. اهي نير جيڪي خاموشيءَ سان نيڻن مان ڳڙي پوندا آهن تن ۾ ڪيترين ئي صدائن جا پڙاڏا به ٻڌبا گونجندا آهن. جن کي صرف حساس دليون ئي سمجھي ۽ ٻڌي سگھنديون آهن.

    اکين جو ذڪر ڪندي شاهه سائين فرمايو ته:

    اُڀرندي ئي سج پرين جي نه پسنديون

    ڪڍي ٻئي ڏج اکڙيون ڪانگن کي (سُر آسا)

    اکين مان انسان جي ڪيترن ئي مختلف ڪيفيتن کي به محسوس ڪري وٺبو آهي، جيئن انتظار جي ڪيفيت ۾ اکين مان پريشاني ليئا پائيندي آهي، تيئن غم ۽ غصي جي حالت ۾ اکين مان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ به جھلڪندو آهي. جڏهن پنبڙيون جھڪي پونديون آهن ته شرم و حياءَ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اکيون جُھڪي وري مٿي کڄنديون آهن ته اهي ڪا سهڻي ادا ٿي پونديون آهن. اکين جي ٻوليءَ بابت ڪنهن ڏاهي چيو ته: ”جيڪو شخص اکين کي نه سمجھندو اهو زبان کي به نه سمجھندو“. شاعرن جي سرتاج ڀٽائي صاحب ته پرينءَ کي نيڻن ۾ سماعي لوڪ کان لڪائڻ جي ڳالهه ڪندي فرمايو ته:

    اکين ۾ ٿي ويهه ته آنءُ واري ڍڪيان

    توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو (سُر آسا)

    اکيون جڏهن گھري گھور سان گھائي روح تڙپائي وجھنديون آهن ته من جي موسمن ۾ به اچانڪ تبديليون اچڻ لڳنديون آهن. اهڙيون تبديليون جن سان دل جي ڪاڪ محل ۾ پيار جون صدائون گونجندي محسوس ٿيڻ لڳنديون آهن.

    مشهور ڏاهي خليل جبران چيو هو ته ”توهان کان اُهي ماڻهو جلد ئي وسري ويندا جن سان گڏ ويهي اوهان ٽهڪ ڏئي کِليا هوندئو يا خوشيءَ جي موقعن ۾ گڏجي خوش ٿيا هوندئو، پر اهو ماڻهو اوهان کان ڪڏهن به نه ٿو وسري سگهي جنهن اوهانجي ڏک ۾ شريڪ ٿي ٻه لڙڪ ڳاڙيا هوندا“. لڙڪ ۽ ٽهڪ زندگيءَ ۾ اُسَ ۽ ڇانوَ وانگر ئي آهن، ڪڏهن ماڻهو ٽهڪن جي بارش ۾ پُسندو ٿو رهي، ته ڪڏهن وري کيس درد جي اس ساڙيندي ٿي رهي، پر ان حوالي سان جبران جي اها ڳالهه ڪيڏي نه وزنائتي آهي ته جيون رڻ ۾ اوهان کي اهي ئي ماڻهو ياد رهن ٿا جيڪي اوهان جي سڏڪن ۾ شريڪ ٿين ٿا.

    اکيون جيڪي سپرين لاءِ هر گھڙي آتيون هجن ٿيون انهن ئي اکين لاءِ ڀٽائي صاحب چيو ته:

    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين

    اجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين (سُر رپ)

    لطيف سائين ته اکين جي حوالي سان هينئن به فرمايو ته جيڪڏهن اکيون پنهنجي پرينءَ کان سواءِ ڪو ٻيو پسنديون ته انهن کي آنءُ ڪڍي ڪانگن جي حوالي ڪري ڇڏيان:

    اکڙيون پرينءَ ري، جي ڪي ٻيو پسن

    ته ڪڍي کي ڪانگن، نوالا نيڻ ڏيان (سُر آسا)



    ڪڪر منجهه ڪپار، جھڙ نيڻئون نه لهي

    جھڙا منهنجا سپرين تهڙا ميگھ ملهار

    کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سنڌا ڪئو (سُر سارنگ)

    سماجي ۽ معاشي مسئلن جو اثر سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ماڻهن جي رويّن ۽ مزاجن تي به ٿئي ٿو. اسان جڏهن عالمي سطح تي ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي تجزيو ڪنداسين ته اهڙيون ڪيئي حقيقتون آڪاش تي چِٽي اڀريل سج جيان نظر اينديون، جن ماڻهن جي ذهنن تي اهڙا خوفناڪ اثر، اڻ مٽ نشانن جيان چٽي ڇڏيا آهن جيڪي صديون گذرڻ بعد به ڀلائڻ ۽ وسارڻ ناممڪن آهن. اڄ ورلي ئي ڪو اهڙو ماڻهو ٿو پسجي جيڪو حقيقي معنى ۾ رواداري، صبر ۽ تحمل جي تصوير هجي. پر اها ڳالهه سوچڻ جھڙي آهي ته آخرڪار اسان مجموعي طور ايڏا ڪٺور ڇو ٿي چڪا آهيون. اسان جي سماج ۾ جيڪي حساس ماڻهو موجود آهن اهي ته هر ناانصافيءَ تي لڙڪ ڳاڙيندي نظر اچن ٿا پر افسوس ته انهن جي لڙڪن کي ڪوبه سمجھڻ وارو نه آهي. اهي لڙڪ جيڪي اکين جي زبان هجن ٿا ان خاموش زبان کي ڪوبه نه آهي جيڪو پرکڻ جي ڪوشش ڪري. اهڙا ڪيترائي ڳوڙها اڄ به ڳڙي رهيا آهن جيڪي تمام وڏي صدا آهن پر اهڙيون صدائون سواءِ عشق جي اسيرن کان ٻيو ڪوبه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. اکين جي ان ٻوليءَ کي جيڪڏهن سمجھن ٿا ته بس عاشق ئي سمجھن ٿا. ڇالا ته:

    اصل يار اکين جي ٻي آهي ٻولي

    سڄڻ لئه سولي ڏکي ساري ڏيههَ لئه

    پيار ۾ ڪنهنجو به وس هلڻ محال هوندو آهي ڇو ته پيار نالو ئي بيساخته جنم وٺندڙ احساسن جو آهي ۽ جڏهن احساس دل جي دنيا کان ٻاهر نڪري سرِعام ماڻهن جي آڏو نروار ٿي پون ته اهڙي صورتحال ۾ آخر ڇا ٿو ڪري سگھجي! پيار ۾ جيڪڏهن پرينءَ ڏانهن پنڌ پوڻ کان پيرن کي جيڪڏهن روڪي به وٺجي ته ڀلا نيڻن کي روڪڻ ڪيئن ممڪن آهي!؟ نيڻ جيڪي پيار جي شروعات ۾ بنيادي اهميت رکندڙ آهن انهن نيڻن کي روڪڻ ائين آهي جيئن وهندي پاڻيءَ کي بند ٻڌڻ... شايد وهندڙ پاڻيءَ کي بند ٻڌڻ پوءِ به سولو هجي.. پر نيڻن مان وهندڙ نيرن کي بند ٻڌڻ سچ ته ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي انهيءَ ڪري ته راشد مورائيءَ به چيو:

    پيرن کي روڪجي مگر، نيڻن کي ڇا ڪجي

    چغلي هڻن ٿا پيار تي لڙڪن کي ڇا ڪجي.[​IMG]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت ليک

    طالب المولا

    اکين جي اداس ۾ ڏاڍو ڏک ٿيوم

    آين آب عجيب لاءِ تڏھن پتو پيوم

    ريٽن کي روڪڻ جو وڏو وس ڪيوم

    طالب مولا تن کي پلوءُ پاند وڌوم

    چرين کي چيوم ته به رھيون ڪين رئڻ کان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو