تاريخي جٺ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    تاريخي جٺ
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    اهڙي نه بنگالين سان به نه ٿي ۽ نه ئي پنجابين ۽ پختونن سان، جهڙي ڦرلٽ اسلام جي نالي ۾ سنڌين سان ٿي. پاڪستان ٺهڻ سان سنڌ جي راڄڌاني هلي وئي. سنڌ اسيمبلي پاڪستان اسيمبلي ٿي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ ٿي وئي، سنڌ سيڪريٽريٽ پاڪستان سيڪريٽريٽ ٿي ويو. سڀني صوبن جا ادارا بچيا. سنڌ جو سڀ ڪجهه تين وال ڪيو ويو. ڌارين جون لوڌون اچي ويون جن پوءِ جيڪي جٺيون ڪيون ان ۾ نه ٿا وڃون. آخر ۾ چيو ويو ته ويڙهيو ٽپڙ، سنڌ جي راڄڌاني حيدرآباد کڻي وڃو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو هنن سنڌي مسلمانن کي اسلام جي عشق ۾ انڌو ڏٺو.
    ضياءُ وري سنڌ اسلامڪ مشن ٺاهي ڪروڙين رپيا سنڌي ملن کي ڏنا ته سنڌ کي بابل الاسلام ڪيو. اڄ اهي ملا سنڌ کي اسلامي سبق پڙهائي رهيا آهن. جيڪڏهن سنڌي هن دفعي مذهب جي ڪڍ لڳا ته انهن جون ٻئي اکيون ڪڍي سنڌ کي وزيرستان بڻايو ويندو ۽ سنڌي ملا سڳورن جي ڳچي ۾ بم ٻڌي انهن کان ئي پنهنجا ٻچا مارايا ويندا..
     
  2. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    سائين هِن پوسٽ تي ٿوري نظرثاني فرمائيندا، بِلڪُل عين اِنهي نسبت سان ڪيل آهي، ڪُجهه مونجهارا آهن، اُميد ته توهان اِن مونجهارن جي وضاحت ڪندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلام اهو مذهب آهي جيڪو گهڻن خدائن کان جان ڇڏائي ٿو، ۽ هڪ الله جي اڳيان جهڪڻ جو درس ڏئي ٿو۔ مگر افسوس جو اسان جا هي نام نهاد ماڻهون اسلام جي پويان پئجي ويا آهن، ۽ ان کان وڌيڪ افسوس اهيو آهي ته اهي ساڳا مذهب جا مخالف وري مذهب جي نالي تي ئي وهمن وسوسن ۽ توهم پرستي وارين حرڪتن جا پيروڪار هوندا آهن،۽ انهن کي قبر پرستي ۽ شخصيت پرستي جو مرض لڳل هوندو آهي، هڪ طرف اسلام جي مخالفت ڪندا آهن ته ٻئي طرف وري انهن اسلام جي بزرگن جي قبرن جا پوڃاري هوندا آهن۔ رهي ڳالهه اسان سان ٿيندڙ نا انصافين جي ته ان لاء اهيو عرض ته اهيو اسلام جو ڏوهه ڪونهي، ان ۾ اسان جي ڪمزوري آهي، ۽ ۽ اسان ڪم چور، سست ۽ آرام پسند آهيون جنهن جو مثال توهان کي ڏيندو هلان ته اڄ به اسان جي ملڪ جي ٻين قومن جا ماڻهون هت ڪراچي ۾ محنت مزدوري ڪري رهيا آهن،مگر افسوس جو اسان جو سنڌي سڄو ڏينهن هوٽل تي ويٺو سگريٽ جا دونهان ڪڍندو رهندو آهي ۽ فضول جا تبصرا پيو ڪندو ته اسان سان هيئن ٿيو، هونهن ٿيو پر ڪم نه ڪندو، ۽ انهن جا ٻار بچا روز جي استعمال ٿيندڙ شين لاء پريشان آهن، نه انهن کي ڪا سٺي تعليم آهي نه صحت جي لاء ڪو بندو بست، نه ڪا تربيت، توهان پاڻ وڃي سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ ڏسو، سائين منهنجا مون پاڻ ٻه ٽي ڇوڪرا پنهنجي ڪمپني ۾ لڳرايا مگر افسوس جو اهي اسان جا سنڌي ڇوڪرا ان ڪري اها نوڪري ڇڏي ۽ واپس ڀڄي ويا ته هت ڪم گهڻو آهي، ۽ اسان کي اها نوڪري کپي جنهن ۾ صرف پگهار ملي ۽ اسان گهر ويٺا هجون۔۽ ان جي مد مقابل پٺاڻ هت اسان جي ڪمپني ۾ وڃن ٿا وڌندا، ڇا اهيو ڏوهه به اسلام جو۔ڪجهه خوف ڪيو، توهان کي به هڪ ڏينهن حساب ڏيڻو آهي ادا ڪڏهن وڃي سنڌ جي شهرن جي ماڻهن تي غور فڪر ڪريو، ادا مشهور سنڌي جي چوڻي آهي ته هلڻ پاڻ کان ڪو نه پڃي باقي وري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته الله انهن کي به هدايت ڏئي جيڪي ويڄارا نا سمجهي جي ڪري مذهب بيزار آهن۔( انهن ويچارن مذهب اسلام کي پڙهيو ڪٿي آهي، اسلام ته قومن جي حقن جي ٿو ڳالهه ڪري، فردن جي سڌاري جي ٿو ڳالهه ڪري، روحاني ترقي جي ٿو ڳالهه ڪري، سوچ جي بلندي جي ٿو ڳالهه ڪري توهان ڪڏهن اسلام کي پڙهو ته صحيح باقي اسان پاڻ ٽنگ ٽنگ تي رکيو ويٺا آهيو۔۽ پيا تبصرا ڪندا آهيون اسان وٽ ته ميٽرڪ پاس به مفڪر گهڻا آهن۔۔)جيئن سابقه ڪجهه مذهب بيزارن کي هدايت ملي، مثلن، سابقه ڪميونسٽ اڳواڻ، جناب ڄام ساقي صاحب، مشهور ڪهاڻيڪار جمال ابڙو صاحب، سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس باقي الله انهن کي به هدايت ڏئي، جن انهن ( مٿين شخصيتن کي خراب ڪيو هو، مرڻ تي اچي پهتا آهن مگر پنهنجي حرڪتن کان نه ٿا مڙن۔
    ادا اسان جي تعليم جو حال اهيو آهي ته اسان جو ايم بي اي ٿيل شاگرد کي ڪمپيوٽر تي ايڪسل جو ڪم ڪو نه ٿو اچي، ( سڀني لاء ڪو نه ٿو چوان مگر ڪجهه اسان وٽ اهڙا ايم بي به آهن ) ۽ اهيو منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي، ان ڳالهه جو مان پاڻ شاهد آهيان۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ادا باقي ڪجهه ڳالهين جو جواب ته توهان جي پنهنجي هن تحرير ۾ موجود آهي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين ٻئي پوسٽون ساڳيون ٿيون لڳن۔۔۔۔۔ ان لاء جواب به ساڳو تحرير ڪيو ويو آهي ڪجهه وضاحت سان۔
     
  5. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    سائين مون هِن لنڪ واري پوسٽ جي ڳالهه ڪيئ آهي۔
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا معصوم توهان کان هڪڙو سوال آهي، ته ڇا شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، قلندر شهباز، سچل سرمست ۽ ٻيون بزرگ شخصيتون ڇا اهي مسلمان نه هئا ؟
    توهان وٽ شاهه ڀٽائي، قلندر شهباز، سچل سرمست جي ڪا اهڙي تصوير آهي جنهن ۾ کين ڏاڙهي نه هجي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    سائين مان توهان جي ڳالهه سان اتفاق ٿو ڪريان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيستائين منهنجو خيال آهي معصوم سنڌي صاحب جي چوڻ جو مقصد آهي ته نه رُڳو 1947ع ۾ پر ان کان پوءِ به اسلام جي نالي ۾ يا اُن جي آڙ وٺي سنڌ کي نُقصان رسايو ويو۔ پر ايئن ناهي ته ڪو اسلام نقصان پُهچايو۔ جڏهن ته Ghulam Murtaza صاحب جن جي سوال جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته عملي طرح ته کڻي نه پر نظرياتي طور قومپرستن (جيڪي واقعي قوم پرست آهن ۽ تعداد ٿورو اٿن) جو خيال آهي ته اهو سمجهڻ ته ”انسان ته مُسلمان نه ته بس انسان ئي نه“ غلط آهي۔ تقريبن هر پارٽي جو منشور آهي ته اسان آزاد قوم ڏسڻ چاهيون ٿا۔ جيڪا ٻين حوالن سان گڏ مّذهبي طرح به آزاد هُجي۔ مطلب ته ڪنهن جو زور زبردستي يا _نڊي جو زور نه هُجي۔ پنهنجي عقل و فهم ۽ ٻين جي ڪردار کي ڏِسي مذهب اپنائي ۽ انهي تي هلندي ٻين کي ايذا نه رسائي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ پاڻ کي اهڙو بڻائجي جو هڪ مثال بڻجي وڃجي۔ بجاءِ زبردستي جي پيار سان پاڻ ڏي سڏڻ تي اوهان وٽ هرڪو اچي ۽ اوهان جا عمل اپنائي۔
    بس اهو فرق آهي۔ منهنجي خيال ۾۔ وڌيڪ وضاحت لاءِ چاچا عبدالڪريم چانڊيو کي چئي سگهجي ٿو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا حفيّظ صاحب توهان درست ٿا فرمايو ته اسلام جي نالي تي اسان کي نقصان ڏنو ويو آهي، پر ادا ان ۾ اسلام جو ڪهڙو ڏوهه۔
    جيئن اسان جي معاشري ۾ اولياءالله ۽ بزرگن جي مزارن جي نالي تي جيڪي ڪم ٿين ٿا، عورتن جون عزتون لٽيون وڃن ٿيون، غريبن جو رت پيتو وڃي ٿوته انهن ۾ انهن ( مئل ) اولياء الله بزرگن جو ڪهڙو ڏوهه، اهو ته ڏوهه اتي ويٺل مجاورن جو ۽ انهن ملن آهي جيڪي پنهنجي مفاد لاء ائين ڪري عوام کي بيوقوف بنائي پنهنجو پيٽ پالي رهيا آهن۔جنهن لاء شاهه صاحب فرمايو آهي ته
    ۔ملان ۽ مجاور ڳالهه مڙوئي هڪڙي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين ممتاز علي وگهيو صاحب توهان صحيح ٿا فرمايو۔ پوري سنڌ ۾ جيڪي به مزارون آهن تن تي اڪثر ماڻهو ته غلط سوچ سان ويندا آهن۔

    قومپرستن جو خيال آهي ته اسلام ئي سنڌ کي نقصان ٿو پهچائي !۔ اهو سنئون سڌو غلط آهي۔ مخدوم بلاول رحمت الله عليه جي دور کان پو سنڌ پوئتي ئي رهي آهي۔ نه ته اڳ سنڌ جهڙو خوشحال مُلڪ ٻيو نه هو۔

    هي قومپرست هڪ طرف چوندا آهن ته ” نبي ڪريم صه جن فرمايو ته مونکي سنڌ طرفان خوشبو ٿي اچي“ ۽ وري ساڳئي سنڌ جي عالمن جي خلاف تحريرون به لکن ٿا ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا اهڙن ماڻهن کي الله ئي ڪا سمجهه عطاء ڪري، باقي ته هت ميٽرڪ پاس ( جن ميٽرڪ به ڪاپي ڪري پاس ڪئي هوندي آهي ) مفڪر تمام گهڻا آهن، جيڪي اسلام تي پيا ڳالهائيندا آهن،مخدوم بلاول رحمت الله عليه پنهنجي دور جا وڏا عالم درويش ۽ بيباڪ مجاهد هئا، پاڻ هميشه انهن حڪمرانن جي مخالفت ڪئي جن سنڌ جي عوام کي غلام بنايو هو، ۽ مخدوم رح جي انهيء سچ جي ڪري انهن حڪمرانن ٽل ٺاهي مخدوم صاحب کي گهاڻي ۾ پيڙاهي ڇڏيو،تاڪي انهن جي دڪانداري هلندي رهي، مگر افسوس جو اهيو ڏوهه به اسلام تي مڙهيو ويندو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ان ۾ ته حڪمرانن جو ڏوهه هو نه ڪي انهي دور جي عالم سڳورن جو۔
    اسان جا سنڌي ڪامريڊن سميت سنڌي ميڊيا به ته اهو ڏوهه به اسلام تي ڏين ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو