تعليم عورت جو به بنيادي حق آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مظهرعلي طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2010۔

  1. مظهرعلي

    مظهرعلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2010
    تحريرون:
    206
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Dadu
    علم ته هڪ اڻکٽندڙ دولت آهي، پوء ڇو والدين پنهنجي نياڻين کي هن دولت کان محروم ٿا رکن. علم ته هر انسان جي سوچ کي مٿاهون ڪندو آهي. گهڻا ماڻهو اهو سوچي پنهنجي نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکندا آهن ته نياڻيون ته پرايو ڌن آهن. جلد کان جلد انهن جي شادي ڪرائجي، ڪهڙو وري اسان پنهنجي نياڻيء کان نوڪري ڪرائينداسين. نياڻين جي تعليم تي پيسو خرچ ڪرڻ پئسي جو ذيان آهي.

    خبر ناهي، ته انهن ماڻهن جي سوچ ايڏي محدود ڇو آهي، تعليم صرف روزگار جو ذريعو ته نه آهي هو اهو ڇو نٿا سوچن ته هڪ عورت جي تعليم يا فته هئڻ سان هڪ باشعور معاشرو جنم وٺي سگهي ٿو، عورت ئي گهر جو بنيادي حصو آهي جئين چنڊ پنهنجي روشني سان سڄي ڪائنات کي روشن ڪري ٿو بلڪل ايئن هڪ پڙهيل لکيل عورت علم جي روشني سان پوري گهر کي روشن ڪري ٿي. گهڻن خاندان ۾ اهو ڏٺو ويو آهي ته ڇوڪرا پڙهيل ۽ ڇوڪريون اڻ پڙهيل هونديون آهن، انهن ڇوڪرين سان پنهنجي خاندان جا ڇوڪرا به شادي ڪرڻ جي لاء تيار نه هوندا آهن صرف انڪري ته هو اڻ پڙهيل آهن، پر جيڪڏهن زبردستي انهن جا والدين انهن جي شادي ڪرائيندا به آهن ته اهي شاديون بي جوڙ ثابت ٿينديون آهن ۽ اڳتي هلي اهي ڇوڪرا ڪنهن پڙهيل لکيل ڇوڪريء سان شادي ڪندا آهن صرف انڪري ته انهن جي پهرين زال اڻ پڙهيل آهي.پوء اها نياڻي ڪيڏي نه اذيتناڪ زندگي گذاريندي آهي، ڄڻ ته ان کي ڪنهن ناڪرده گناھ جي سزا ملندي هجي.ان نياڻي جي اهڙي زندگي جا ذميوار ان جا والدين آهن جن ان کي وسيلا ۽ ذريعا هوندي به تعليم نه ڏياري.

    اهي مرد جيڪي پاڻ کي عورت جو محافظ سمجھي پنهنجي جاهلانه سوچ ۽ غلط ريتن، رسمن جي ڪري عورت کي پنهنجي حقن کان محروم ٿا رکن ۽ عورت کي پنهنجو غلام سمجهي ڪنهن حاڪم جيان پنهنجا سڀ فيصلا انهن تي زبردستي مڙهيندا رهن ٿا. ڇا انهن مردن ڪڏهن قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهيو آهي ته اسلام عورت کي ڪيڏو اعلي مقام ڏنو آهي اسلام ۾ عورت ۽ مرد ٻنهي لاء علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو ويو آهي. جڏهن اسان جو مذهب ئي اجازت ڏئي ٿو ته پوء ڇو نياڻين کي تعليم کان محروم رکيو ٿو وڃي.

    اڄ جي عورت باشعور آهي ۽ هو پنهنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.
    اسان جو معاشرو ترقي جي لحاظ کان انڪري به پوئتي پيل آهي جو اسان وٽ عورتون پڙهيل نه آهن ان ڪري عورت کي تعليم ڏيارڻ لازمي آهي ته جئين اڄ جي باشعور عورت به ملڪ جي ترقي لاء ڪجھ ڪري سگهي.

    روبينه ٿهيم
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم عورت جو به بنيادي حق آهي

    مهرباني ادا مظهر علي، اوهان روبينه ٿهيم جو هي ليک ونڊ ڪري اسانجي اکين تان پٽين لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔ بيشڪ عورت ۽ مرد ٻنهي کي علم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي ۔۔۔ ڪو به گهر، ڪوبه معاشرو عورت ۽ مرد ٻنهي جي سهڪار سان سهڻو ۽ ترقي يافته ٿيندو آهي ۔۔۔

    مهرباني ادا سائين ۔۔۔

    شل جڙيل هجين
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعليم عورت جو به بنيادي حق آهي

    سائين جيڪڏهن تعليم صرف مرد لاء هجي ها ته سرور ڪائنات مسلم سان گڏ مسلمه نه چون ها
    پاڻ ڪريم جن جي حديث آهي ته
    طلب العلم فريضت علي ڪل مسلم و مسلمه
    يعني علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ هر مسلمان عورت مٿان فرض آهي
    هاڻي اهي جاهل ڇا چوندا جيڪي نياڻن کي تعليم کان محروم ڪري پنهنجو پاڻ ۽ اولاد سان دشمني ڪن ٿا؟؟؟؟؟؟
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعليم عورت جو به بنيادي حق آهي

    ادي روبينه ٿهيم جون ڳالهيون به سچ پر۔۔۔۔ سائين سچ هي آهي ته اهو قصو شروع کان جاري آهي۔۔۔ دنيا ۾ عورتن کي پڙهائي جي معاملن کان پري رکيو ويندو آهي۔۔۔ اسان شايد سمجهون ٿا ته اهو صرف سنڌ ۾ ئي گهڻو ٿيندو هجي پر نه ۔۔۔ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ته اڃان به وڌيڪ ڳنڀير صورتحال آهي۔۔۔
    گهڻن پڙهيل لکيل ماڻهن جا به ويچار ٻڌي افسوس ٿيندو آهي جو اهي عورتن جي پڙهائيءَ جي خلاف ڳالهائين ٿا۔۔” اهڙا ماڻهو چون ٿا ته پڙهڻ لکڻ سان عورتون آزاد خيال ٿي وڃن ٿيون۔ سرڪش ٿي وڃن ٿيون، چئي کان ٻاهر ٿيو وڃن، جيڪي ڇوڪريون گهرن ۾ پوتي مٿي کان لاهين ڪونه ته اهي وري يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پوتي ڪلهي تي پيون ڪري گهمنديون“۔۔۔ سائين توهان ۽ اسان جي اولاد اهو ئي ٻاهر وڃي ڪندي، جيڪو گهرن ۾ ڏسندي۔۔۔

    منهنجي خيال ۾ ته عورت ذات جيڪڏهن پڙهيل لکيل نه ٿي هجي ته پوءِ اولاد جو پڙهيل لکيل هجڻ ۽ تهذيب يافته ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو، ڇو ته گهر جو ڪارونهوار ته عورت (ماءُ يا گهرواري ) جي هٿ ۾ ئي هوندو آهي، (نوڪري يا ڪاروبار جي ڪري مصروف) پيءَ کان وڌيڪ اولاد ماءُ جي ويجهو وقت گذاري ٿي۔
    هڪ حديث پاڪ موجب ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي جهولي آهي۔۔ جيڪڏهن اها پهرين درسگاهه ئي علم کان سوئين ڪوهه پري هجي ته انهيءَ اولاد کي سکڻ لاءِ ڪجهه نه ملندو پوءِ ته ٻاهر هو ڇا سکي سگهندو۔۔؟ انهيءَ ڪري به منهنجي نظر ۾ عورت جو علم حاصل ڪرڻ ايترو ضروري آهي جيترو مرد جي لاءِ۔۔۔ پر اسلام جي اندر ان جي لاءِ ڪجهه حدون مقرر ٿيل آهن، جيڪي عورت ذات ۽ معاشري جي فائدي ۾ آهن، جيئن پردو يا مائٽن جو چوڻ وغيره۔۔ ڇو ته جيڪڏهن اڄ ڪو هڪ مائيٽ پنهنجي نياڻيءَ کي معاشري سان مقابلو ڪري پڙهائي به پر اها ئي نياڻي وري گهر جي روايتن جي خلاف هلي ۽ مائيٽن جي رسوائيءَ جو سبب بڻجي ته پوءِ اهڙي عمل کي ڏسي ٻيا ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کان لنوائيندا۔۔۔ بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اهو عمل اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ٿو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو