وڻ اسان جي زندگي

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2014۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    وڻ اسان جي زندگي
    (انجنيئر نذير احمد لغاري)
    وڻ آڪسيجن خارج ڪن ٿا جڏهن اهي سج جي روشني مان توانائي حاصل ڪري، پاڻي ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ مان گلوڪوس ٺاهين ٿا.جيئن ته سڀئي ٻوٽا، وڻ آڪسيجن پڻ استعمال ڪندا آهن جنهنڪري اهي گلوڪوس کي واپس خارج ڪري توانائي مان پنهنجي سرشتي کي سگھ پهچائن ٿا.24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا ۽ تمام ٿورڙي مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا اهو به پنهنجي واڌ ويجهه لاءِ.وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جا ڇهه ماليڪيول جذب ڪري گلوڪوس جو هڪ ماليڪيول فوٽو سنٿيسس جي عمل سان ڪري ٿو، ۽ آڪسيجن جا ڇهه ماليڪيول انهي عمل سان خارج ڪري ٿو. هڪ گلوڪوس جي ماليڪيول ۾ ڪاربان جا ڇهه ائٽم شامل هوندا آهن، اهي آڪسيجن جو هڪ ماليڪيول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاربان جي هر ائٽم کي وڻ ۾ داخل يا جذب ڪن ٿا.جيڪڏهن هڪ وڻ تقريبن 12 ميٽر ڊگهو هجي ۽ جڏهن ته پنن، پاڙن ۽ ڪاٺين سميت ٻه ٽن وزندار هجي ته جيڪر اهو وڻ هر سال ۾ پنج سيڪڙو وڌي سگهندو ۽ ان حساب سان ڄڻ 100 ڪلو ڪاٺ مهيا ڪندو جنهن مان 38 ڪلو ڪوئلو يا ڪاربان ٺهي سگهي ٿو.فرض ڪريو ته آڪسيجن ۽ ڪاربان جو ماليڪيولي وزن هڪ جيترو هجي ته ان حساب سان 100 ڪلو آڪسيجن هڪ وڻ هڪ سال ۾ اسان جي ماحول م شامل ڪري ٿو. هڪ انسان ساه کڻڻ وقت تقريبن 9.5 ٽن هوا سال ۾ استعمال ڪري ٿو، پر ان هوا ۾ صرف 23 سيڪڙو آڪسيجن شامل هوندي آهي ۽ اسان صرف ان جي ٽئين حصي جيتري آڪسيجن ئي پنهنجي اندر جذب ڪري سگهون ٿا هر هڪ ساه کڻڻ جي عمل سان ۽ اهڙي هڪ اندازي مطابق هرانسان کي سال ۾ 740 ڪلو آڪسيجن جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ ست کان اٺ وڻن جو هئڻ ضروري آهي، هاڻي اچو ته سوچيون هي جيڪي وڻ اسان جي ماحول ۾ چوڌاري موجود آهن اهي ڪيڏو نه قدرتي سرمايو آهن اچو ته گڏجي انهن جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪريون ۽ پنهنجي حصي جيترا وڻ پوکيون. ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن هڪ وڻ وڍجي ته ان جي مقابلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏھ وڻ ضرور پوکڻ گهرجن.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معلوماتي لکڻي ... وڻ اسان لاء ڪار آمد آهن پر هاڻ ان طرف اسان وٽ ڪوبه ڌيان نه ٿو ڌري. ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن، روڊن، شاخن ۽ واهن تي لڳل وڻ وڍجي رهيا آهن پر ... حڪومت ۽ انتظاميه خاموش آهي.
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سٺو معلوماتي ليک
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام معلوماتي
    لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو