ڏسون ته آخر اسانجي درباري تاريخدانن واقعي اسٽڊي ۽ ريسرچ ڪري سهي ڪم ڪيو آهي ۽ نيوٽرل انالسز به ڪئي ڪئ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏14 مارچ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاھر نظرياتي ۽ مذھبي ڦوٽ جو شڪار ٿيو جو برھمڻن جي غلبي سبب ٻُڌ مت جا ماڻھو بيزار ھئا. ديبل کان ويندي اروڙ تائين جتي به ٻُڌ مت جا پوئلڳ ھئا، جن ۾ اروڙ جو گورنر به شامل ھو، تن ڏاھر خلاف عربن جو ساٿ ڏنو. عربن جي ڪاھه جو اطلاع اڳواٽ ملڻ تي ڏاھر اڳتي وڌي جنگ جوٽڻ ٿي چاھِي پر سندس غدار صلاحڪارن ۽ گورنرن کيس چيو ته عرب ھتي اچي لُٽ ڦُر ڪري ھليا ويندا انڪري وڙھڻ جي ضرورت ناھي. ان صورتحال ۾ جڏھن عرب جارح آيا ته ڏاھر دفاعي پوزيشن ۾ اچي ويو ۽ جنگ ھارائي مارجي ويو. سنڌي جنگين ۾ ڇو هارائيندا رهيا؟
    نصير اعجاز.
    [​IMG]
    ------------------------------
    سائين اهڙيون سنڌ جون تاريخون اسانکي به پڙهائيندا ڪريو ۽ ڪتابن جا رفرنس ڏيو جي آن لائين پي ڊي ايف ۾ آهن ته. اسان انهن تي تنقيدي ريسرچ ڪري سگهون. ۽ ڏسون ته آخر اسانجي درباري تاريخدانن واقعي اسٽڊي ۽ ريسرچ ڪري سهي ڪم ڪيو آهي ۽ نيوٽرل انالسز به ڪئي ڪئي آهي يا نه(جيڪا گهڻي ڀاڱي ريسرچ ڪرڻ سان ملي ٿي) يا جنهن سوسائٽيءَ جي غلبي ۾ هُئا ان کي مٿائهون رکي لکيو اٿن. اسان پوري دُنيا جي تاريخ سان ڪمپيئرنگ ڪري هي ريسرچ پيپر تيار پيا ڪريون.
    ٻيو عرض ته توهان هڪ لفظ استعمال ٿا ڪريو (ڪاه) ڇا توهان سمجهائي سگهندئو ته ان ڪاه مان توهانجي مُراد ڇا آهي. ڇا ڪاه ان کي چئبو آهي ته هڪ خاموش بيٺل پاڻيءَ تي اوچتو وڃي وار ڪري ٿرٿلو مچائجي يا ٿرٿلي واري علائقي ۾ وڄي مظلومن جي حق جي ڀلائي ۾ جنگ ڪجي. ڇا جتي ظلم ٿيندو هوجي يا ٿيو هُجي ۽ ڪنهن کي آجو ڪرڻ لاءِ وڃي لشڪر ڪشي ڪجي ته اها ڪاه ٿيندي. ڇا ڪاه پازيٽو لفظ آهي يا نگيٽو؟ ته اُن کي به ڪاه چئجي؟ راجه ڏاهر جڏنهن يمن جي مُسلم ۽ خانا بدوش واپرين جي ڪٽنب (شروع ۾ مومن سڏجندڙ مان ڦري وري ميمڻ سڏجندڙ) کي يرغمال ڪري ونگاري ڪمن ۾ ڪتب آندو هو (سنڌ ۾ ڌڙيلگيريءَ جي صورت ۾ تڏنهن به ڪمانڊو لڙائي ۽ ونگار جو رُجهان هو) ۽ مُسلمان جي رُڪيسٽ تي حجاج بن يوسف 711ع ۾ نوجوان سپه سالاز مُحمد بن قاسم کي يرغمالين (مومن ۽ ميمڻ) کي آزاد ڪرڻ لاءِ لشڪر ڪشي ڪئي هُئي ته ڇا اها به ڪاه سڏبي؟ تفصيل سان وضاحت ڪريو.
    هي ٽيو سوال ته 711ع واري لشڪر ڪشيءَ کان پوءِ جڏنهن هندو مُسلم ٿيو ،واڻيون ميمڻ(اوچي ذات وارا واڻيا) ۽ شيخ (هيٺين ذات وارا واڻيا) بڻيو ته اُن وقت سنڌ جون ٻيون ڪهڙيون اوريجنل مُسلم ذاتيون موجود هُيون ۽ جي اڄ به اُهي مُسلم آهن، ته هو مُحمد بن قاسم جي ان لشڪر ڪشيءَ کي جنهن سنڌ کي باب الاسلام بڻايو تنقيد ڇو ٿا ڪن ۽ ان لشڪر ڪشيءَ کي ڪاه ڇو ٿا چون، مُحمد بن قاسم کي جابر ۽ راجا ڏاهر کي مظلوم. جي مسلم ٿي ويا آهن ته. ها غير مُسلم يا واڻيون ائين چئي ته بلڪل سمجه ۾ اچي ٿو پر هي مُسلم؟ اها حيرت جي ڳالهه آهي. وضاحت لازمي کپي.

    سائين لائيڪ سان ڪم نه هلندو وضاحت کپي يا دوستن کان وٺي ڏيو ڇو جو اسان سنڌ جي حقيقي حالتن ۽ تواريخ تي ڪرٽيڪل انالائسر ڪري ريسرچ ورڪ پيا ڪريون ۽ انهن تاريخدانن ۽ اديبن ، جيڪي وقت جي حاڪمن جا درباري هُئا ۽ انهن جي مرضيءَ ۽ منشا تحت تواريخ لکندا آيا ۽ ايوارڊ، انعام، جاگيرون وٺندا آيا ته ڪارڻ پيا ڳوليون ته هو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي سنڌ جي اصلي تواريخ خاص طرح سان اسلامي تاريخ مٽائيندا رهيا آهن ۽ اسانجي نسل جي ذهنن کي به تبديل ڪري ڇڏيندا هُئا کين موالي، ڀنگ پيندڙ سُلفي ۽ ٺري ۾ اوتارن تي وهاري سست ۽ ڪاهل ڪري ويٺا ۽ اٺ هو بلڪل نڪما ڪم چور ٿي پيا آهن ته هُن جو آخر سنڌ سان ڪڏنهن کان ۽ ڪهڙو ناتو هو. ڇا هو به ٻين قون وانگر ته سنڌ تي قابض انويڊر نه هُئا يا سنڌ جا ميمڻ، شيخ ۽ واڻين وانگر اصلي باشندا يا ايران ، مصر، عرب يا ٻئي ڪنهن علائقي جي نسبت سان هلاڪو خان جي صفت تحت مارا ماري ڪري اسانجي اصلي شناخت تبديل ڪرڻ جي مشن تي هُئا ڇو جو تاريخ گواه آهي ته سنڌي7000 سالن کان هڪ امن پسند شهري آهي ۽ گواهي انڊس سولائيزيشن رهي آهي. سنڌي هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ، غير مُتعصب ، حليم ۽ عاجزي طبيعت رکندڙ،ڪڏنهن به ويڙهو يا ڌاڙيل نه رهيو آهي، پوءِ اهي صفتون بزدل لاءِ ڀلي چئجن جو هن هر ڪاه ڪندڙ اڳيان سر تسليم ڪري جڳه ڏني آهي ۽ پاڻ هميشه محروم رهيو آهي پوءَ ڪاه ڪندڙ ئي سنڌ جا حاڪم بڻيا آهن ۽ اهو تسلسل اڄ تائين جاري ساري آهي. پاڻ تواريخ ڳوليو ته پوءِ هي ظالم پوءِ ڍايا وڏيرا،جيڪي ڪله ڌاڙيل مشهور هُئا ۽ هي رئيس، پير، مير، شاه، ڪانڀو خان، جاگيردار آخر آهن ڪير، آيا ڪٿان آهن جيڪي مظلوم سنڌيءَ کي ملائڻ نه پيا ڏين. اهي ماڻهون، اديب، تاريخدان جيڪي ڄاڻي ٻُجهي سنڌيءَ جا اصلي پٽي (تختي) تبديل ڪري چُڪا آهن ۽ سنڌي زبان ۾ ٻيون زبانون (جهڙوڪ سرائڪي وغيره) ملائي سنڌي ٿا ڳالهائين۽ اهڙا ڊيٺ آهن جو جڏنهن وضاحت سان سمجهائجين ٿو ته پهرئين اصلي سنڌي پٽي ۽ سنڌي ٻولي ته ميدان تي واپس آڻيو آڻيو ته بجاءِ جو اڻ ڄاڻ هُئڻ جي غلطي تسليم ڪن اُبتا ڪانڀو خان ٿي ڊيٺ ٿي ٿا چون ته ڇا فرق آهي. ۽ پورو سنڌي نساب غلط ،ڇا اهي سنڌ جي اڳتي هلي خدمت ڪري سگهندا؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين اوها جا سوال سو فيصد صحيح آهن جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي چُڪو پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته هاڻي ڇا ڪريون اڳي سمجھ نه هئي هاڻي سمجھ اچي وئي انهن ناصورن مان جان ڪيئن ڇڏايون.
    اسان ڪٿان آيا آهيون اها سوچ بوءِ علي قلندر جي پر رومي جو سوال ته هي اهي ميان وڃڻو ڪيڏانهن آهي.؟
    جاڏي پير تاڏي خير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بلڪل پر رورس گيئر لڳائي خراب کي دُرست ته ڪري سگهجي ٿو ڇا اها اسانجي علم جي زڪوات ناهي يا اسانتي فرض ناهي ڇا جڏنهن ته هاڻ انٽرنيٽ دُنيا جو دئور آهي ۽ هر ماڻهون تعليم يافته هُئڻ سان گڏ هر ڪوڙ سچ موجود آهي وقت، حالتن، ماحول ۽ تاريخي حوالن سان هر شي جو ڇيد ڪري سگهجي ٿو، هاڻ نه ته درٻاري ڀوتارن جو پُڇ کڻي هلندڙ ڪو ليکڪ يا اديب اسانجي جهالت جو فائدو وٺي اسانجي سوچ تبديل ڪري سگهي ٿو نه ئي خطابي مُلون ممبر تي بهي جيڪو مُنهن ۾ اچيس جڏنهن ته هاڻ سڀ سحه سته جون حديثون سنڌي ترجمن سان آهن ۽ ڪمزور حديثون جن کي تصديق ۽ بهترين قابل راوي هُئڻ نه ڪري رجيڪٽ ڪيو ويو جنهن کي اڄ جي دئور جي گهٽ تعلم يافته سيکڙاٽي مُلان يا علامه ممبرن ۽ اما باڙن ۾ ويهي ورجائين پيا جنهن کي اُن وقت جي هر مُسلمان فرقي جي عالمن رجيڪٽ ڪري ڇڏيو هو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين اسان اوهان سان سهمت آهيون پر حقيقت ٻي به آهي ته ان زماني ۾ درٻاري تاريخدان پنهنجي ڪا نه ڪا قيمت ته وٺندا ها پر اڄ اها تاريخ جيڪا مذهب جي نشي جيان پوڄي پئي وڃي ان جا پوڄاري بنان ڪنهن قيمت جي ميدان ۾ لهي پوندا ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته اهو ڌڦيڙ پوندو جنهن تي مجبورن انتظاميه کي هن موضوع کي تالو هڻڻو پوندو.

    جاڏي پير تاڏي خير.
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سُهڻا سائين! هي دئور ڏڦيرن کان ڊڄڻ جو ناهي، خيالن جي هاڻ ته قانوني طور تي ۽ بين الاقوامي قانونن تحت مُڪمل اّظهار خيال آزادي مليل آهي ۽ ڪارڻ ته پو سُٺي ۽ خراب پيش ٿيندڙ مان جيڪو سچ آهي اُهو ئي ڳولي لهڻو اهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جي ادا ڳولي لڌو سين ته پوءِ ڇا ڪرڻو آهي جيڪو ڳولي لهڻ کان پوءِ ڪم ڪرڻو آهي اچو ته اڄ کان شروع ڪريون.
    جاڌي پير تاڏي خير
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو!

    جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو! جي واقعي سنڌيت جا دعويدار ۽ سنڌي ٻوليءَ جا حُبدار آهيو ته پهرئين پنهنجي تبديل ڪيل اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي ترتيب ته اپنايو ۽ انهن گُهوسڙو ماسترن ۽ ڪمائو پبلشرن تي زور ڀريو ته سنڌي پٽي (تختي) هن ريت جيڪا اصلي آهي پڙهائين، لکائين ۽ پرائمري ٻارن کي رٽائين. جي توهان هي پهريون مرحلو صحيح ڪرائي ويا ته سمجهبو ته واقعي توهان اصلي سنڌي ٻوليءَ جا پاسبان آهيو ۽ تهذيب، ڪلچر ۽ تمدن جي پاسباني به ڪري سگهو ٿا نه ڪه ڍول تاشن ۽ شرنائين تي رُڳو نچڻ ۽ ڪُڏڻ وارا مڱڻهار.

    هي سنڌي اسلي پٽي(تختي) جيڪي ڀوتارن جي درباري ليکڪن ، اديبن ، شاعرن، قلم ڪارن هر محفل جي آخر ۾ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي، اوطاقن ۽ اوتارن تي ويهي سُلفين جي سُوٽن، ٺَرن جي ڍُڪن ۽ ڀَنگ جي نشن ۾ جهومي هوش وڃائي بدلائي ڇڏي آهي. گواه بڻجو ته اهڙا ليکڪ ، اديب، ڏاها ، شاعر اوهان هر محفل جي اختطام تي ضرور جهومندي ڏٺا هوندا ته سُڃاڻو اهڙن ٻولي جي دُشمنن کي جيڪي گهر ۾ کاٽ پيا هڻن ۽ باغي ٿيو اهڙي ڪوڙي سماج کان جيڪو اصل دُشمن آهي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جو ۽ گهر ۾ ئي پلجي پيو ڀوتارن جي ڪڇن ۾ ويهي.

    هر سال ڪلچر ڏهاڙن تي ، قومي ٻوليءَ جي حفاطت ۽ ڏهاڙي تي الاهين (گهڻن) دوستن ٻوليءَ سان وفا جو قسم کنيو هوندو ۽ هو واقعي مُسلسل قومي ٻوليءَ جا بينر، پينا فيڪس وغيره به خوبصورت اندازن ۾ پکيڙي رهيا آهن. پر غلط آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انتشار ان ڪري به پئجي ويو آهي جو ٻوليءَ ۾ ٻيا به گهڻا ڌاريان اسڪرپٽ وُجود ۾ آندا پيا وڃن جڏنهن ته هن ٻوليءَ جي سنڌي اوريجنل سنڌي اسڪرپٽ جيڪو هتي ڏيکاريو ويو آهي کي انتهائي سائنسي طريقي سان ڊزائين ڪيو ويو هو جنهن کان بهتر سنڌي ٻوليءَ جي انگن اکرن کي پيش ڪرڻ جي ٻي ڪا به بهترين ترتيب نٿي ٿي سگهي.

    ٻوليءَ سان حقيقي مُحبت ڪندڙن کي عرض ته ڀلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريان لفظ وجهي هُن جا ٻيا اسڪرپٽ ڀلي ٺاهيو پر هن تختي جي پنهنجي اصلي ترتيب هرگز نظر انداز نه ڪيو ۽ نه بدليو. جي توهان هن معمولي ترتيب کي نظر به بي ڌياني ۾ انداز ڪندا ويندا ته اڳتي هلي ٻوليءَ جي حفاظت خاڪ ڪري سگهندئو. اچو ته ڏسون ته جنهن مُحترم انگريز صاحب هن عربي رسم الخط ۾ سنڌي الفا بيٽ لکي هُئي اُن ۾ هُن ڪهڙيون جاميٽريءِ جو رمضون استعمال ڪيو هُيون. جيڪي جُذ هُن استعمال ڪيا اُنهن جي ترتيب ٽٻڪن، ٿالهين، ڪنڊن اُڀي، ترکي، سڌي لائينن سان ترتيب ڏني. شڪل مان واضح آهي.

    ا (الف انب) پهرئين عمودي لائين، پوءِ هڪ ٿالهي وڇائي ان جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب جهڙوڪ (ب) بي بلان ، (ٻ) ٻي ٻڪري ٻه ٽٻڪا، (پ) پي پلو ، ٽي ٽُٻڪا ۽ (ڀ) ڀي ڀولڙو چار ٽٻڪا . ساڳيءَ ٿالهيءَ کي وڇائي پوءِ وري مٿان ٽٻڪن جي ترتيب ڏني وئي (ت، ٺ ، ٽ، ث، ٿ). مهرباني ڪري پنهنجي بينرن ۽ پينافڪس ۾ پٽيءَ جي ترتيب به ائي صحيح ڪري لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوي حفاظت ڪريو.

    جن به تعليمي کاتي وارن استادن ، دوستن نادانيءَ ۾ سنڌي الفا بيٽ جي ترتيب تبديل ڪري پيش ڪئي آهي يا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهائين پيا يا جن به سنڌي ڪتاب غلط الفا بيٽس سان لکي سنڌي پرائمري شاگردن جي ذهنن کي تبديل ڪرايو آهي اُهي جي سچا قوم پرست ۽ ٻوليءَ جا عاشق آهن ته اصلي سنڌي الفا بيٽس، اصلي سنڌي شاعري يا ادب لکن ۽ سنڌي خالص مُحاورا ۽ ڳُجهارتون ئي پيش ڪن. ياد رهي ته اسانجي ٻولي سنڌي، اڙدو ٻوليءَ وانگر خيمن يا لشڪرن جي ٻولي ناهي جنهن ۾ گهڻن زبانن کي وجهي پروان چڙهايو پيو وڃي پر هي هڪ 5000 سالن جي تهذيب رکندڙن جي ٻولي آهي جنهن جا مالڪ موجود آهن ۽ جيڪا علم جي ادارن ۾ وڌي جوان ٿي آهي نه ڪي بي مالڪ بي گهر اُڙدوءَ جيان خيمن يا لشڪرن ۾ پروان ٿيندڙ نڌڻڪي ٻولي. جنهن جو مالڪ هرڪو ٿي سگهي ٿو.
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

    سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌين کانسواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن هن (سنڌي) ٻوليءَ ۾ زم ٿي ويا.

    اوائلي دور ۾ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ (الفابيٽ) ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دؤر (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو. جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.

    انکانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ ، جيستائين = جيستاءِ ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره. نيٺ 1888 ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جو پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو