ڇا مُمڪن آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي بقاءَ لاءِ سنڌي قوم پنهنجي ٽيلنٽس جي پروموشن ڪري؟ بلڪل

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    ڇا مُمڪن آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي بقاءَ لاءِ سنڌي قوم پنهنجي ٽيلنٽس جي پروموشن ڪري؟ بلڪل مُمڪن آهي نه ٿيو ته سنڌي قوم جو وُجود خطري ۾ پئجي ويندو ۽ قوم دُنيا جي جاهل قوم سڏجڻ جي صف ۾ اچي ويندي ته ڪيئن:
    1. هر ڳوٺ ۾ هڪ ڊيٽا بيس جوڙي وڃي جنهن ۾ سائنسي،، فني، سماجي ۽ ٻين علمن جو معيار ماپڻ، ڪردار ۽ عمل جي بُنياد تي سنڌي ٽيلنٽ جي ڳولا ڪئي وڃي.
    2. هر هوند ۽ غيرت وارو امير ڪبير، پير مُريد، رئيس، ڪانڀو خان، جاگيردار جيڪڏنهن ڪنهن به نوڪريءَ ۾ لڳل عام يا امپارٽنٽ پوسٽ تي هُجي ، ڪنهن سي ايس امتحان ڪري ڊي ايم جي گروپ جي پوسٽ حاصل ڪيل آهي ، ڪنهن سفارش تحت ڪنهن به آرگنائيزيشن ۽ اداري ۾ بغير ميرٽ ۽ پنهنجي ٻئي ميرٽ رکندڙ سنڌي ڀاءُ جي حق تلفي ڪري ويـو آهي، يا ڪنهن پروفيشنل يونيورسٽي ۾ ڪاپي ڪلچر، سفارش ۽ ميرٽ کان علاوه داخل ٿيو آهي ۽ انهن پوزيشن تحت ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به نٿو رکي ته سنڌ جي بقاءَ لاءِ والينٽيئر طور تي پاڻ کي آجو ڪرائي ۽ تُرت واپس ڳوٺ وڃي ٻني ٻارو ، زمينداري يا ڪاروبار ڪري ته جيئن اهي پوزيشنون غريب ۽ مُستحق ۽ اُن علائي جي ميرٽ سنڌيءَ کي ملي سگهن.
    3. سنڌ ۾ مفلسي ختم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته هر اُهو شخص جنهنجو ڪُٽنب فنانشلي سائونڊ آهي اُهو ڪنهن به اداري ۾ نوڪري نه ڪري جيسين ڪه ان جي علائقي جو مُڪمل ٽيلنٽ استعمال نه ٿيو هُجي ۽ هُو سنڌ ۽ پنهنجي ڳوٺ جي اُڀرندڙ غريب ٽيلنٽ لاءِ اُها ويڪنسي خالي ڪري.
    4. پر جي اهو فنانشلي سائونڊ سنڌي وڏيري ، پير، مير، ڪانڀو خان، ڀوتار جو اولاد واقعي ميرٽ تي آهي به ته ڀلي ڪنهن به اداري ۾ اچي ۽ خدمت ڪري پر اُن اداري مان حاصل ٿيندڙ پگهار ۽ ٻي انڪم پنهنجي علائقي جي غريب غرُبن جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڏي. پنهنجو ذاتي سرمايو به ملائي اُتي انتهائي اعليٰ معيار جا انگلش ڪم سنڌي ڪم ٻاهرين ٻولين جا اسڪول ۽ ڪاليج کولي ته جيئن پاس آئوٽ غريب ميرٽ ۽ مُفلس ڪيل سنڌي به پنهنجي تعليمي معيار تحت ٻاهرئين مُلڪ وڃي سنڌ لاءِ سرمايو ڪمائي اچي وڏن ادارن ۾ پنهنجي ميرٽ تحت ڪمپٽيشن ڪري سنڌ جي عزت قائم رکائي.
    5. اهو لازمي هُئڻ گهُرجي ته هر اُهو شخص امير يا غريب جيڪو ڪا اعليٰ تعليم پنهنجي علائقي جي ڊوميسائل بُنياد تي حاصل ڪري ٿو ته اُهو انهن خوابن جي پوري ٿيڻ سميت اُن علائقي يا پسگردائيءَ ۾ ئي ڪم ڪري ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪري.
    6. جيئن ته سنڌ جو تقريبن هر عام و خاص فرد ، جاهل يا علم پرائيندڙ هن وقت هر قسم جي نشي ۾ خاص طور اوتارن ۽ اوطاقن ۾ وڃي مُفت جي حاصل ٿيندڙ ڀنگ، سُلفي ۽ چرس ۽ ڪچي شراب جي لالچ تحت لت ۾ پڙهيل لکيل ۽ وڏيرو وري انگريزي شراب ۾ گهڻي ڀاڱي هڪ سازش تحت وڏيرن پاران غرق ڪيو ويو آهي ته جيئن اُنهن کي سُست ۽ ڪاهل ڪري اُنهن جي ٻني ٻارن تي قبضو ڪري پنهنجي جاگير ۾ شامل ڪري ۽ کيس به پنهنجي گهنائن ڪمن لاِ قطب آڻي ته اُنهن جي جان آجي ڪرائڻ لاِءِ بطور خاص قوم پرستيءَ جون دعويٰ ڪندڙ پارٽيون سياسي ۽ سماجي پارٽيون اُپاءَ وٺن ۽ اهڙن دُڪانن، گهرن ۽ جهوپڙين ، ٻنين ۾ عام جام ٺهندڙ ڪچي شراب جي دُڪانن کي مُڪمل قفل ڪيو وڃي ته سنڌي انهن عادتن کان بچائي سگهجي ۽ ان لت تحت فورغ ٿيندڙ عادتن سُستي ، ڪاهلي ، ڪم چوري، ڌاڙيلگيري ۽ بدفعلين جهڙين عام و جام بيمارين ءَ کان به بچائي سگهجي.
    7. سنڌ جي هڪ خاص بيماري جنهن ۾ هر اُهو سنڌي وڏيرو جيڪو پنهنجي گاڏين ۾ پنج منٽ اڳتي يا پنج منٽ پوئتي هُئڻ جهڙين عادتن ڪري ڪو نه ڪو هڪ نوجوان شخص بنام ڀورل کنيو گهُمي يا پنهنجي اوطاقن ۽ بنگلن تي ، ٻنين يا حويلين ۾ نوڪر بهاني پالي ٿو ، يا هر اُها سنڌ جي هوٽل جتي اهڙا ڇوڪرا بهاري سماج ۾ بُرائي جي پرچار ڪجي ٿي اُن تي قوم پرست مُڪمل اخلاقي ۽ سماجي پابندي هڻن ۽ سڀ سنڌي ملي اُنهن جو احتصاب ڪن ته جيئن سنڌ جو اهڙن بُرن ڪمن ۾ مُڪمل وچڙجندڙ معاشرو بچائي سگهجي.
    8. انٽر تائين تعليم جو هڪ اعليٰ معيار مقرر ڪجي ۽ تعليم کي 100 سيڪڙو لازمي ڪجي جنهن ۾ مُفت تعليم ڏجي ۽ ڪي سماجي والينٽيئرس ان لاء ميدان ۾ اچن ۽ هر ڪامورو، وڏيرو، پير، مير شاه، رئيس ، ڪانڀو خان جن وٽ گهڻي قدر غريجو هٿايل زمينون آهن ۽ اُهي پهرئين ڌاڙيل ۽ پئسا ڪمائي پوءِ علائقي جا زميندار بڻيا جن کي هر علائق وارو ڄاڻي ٿو، تن تي ڏن رکي اهڙن ادارن کي هلايو وڃي.
    9. ڪاپي ڪلچر، گهوسٽ اُستاد ۽ اسڪولن جي مُڪمل فلٽريشن ڪري فني تعليم کي به عام جام ڪري سنڌيءَ جي پُهچ ۾ آندو وڃي.
    10. ننڍي عمر جي ٻارن کان پورهيو وٺڻ تي مُڪمل پابندي عائد ڪئي وڃي.
    11. اقليتن جي لڄن، عبادتي مرڪزن جي مُڪمل حفاظت قوم پرستيءَ جي دعويٰ ڪندڙ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙ ڪن ۽ کين وڏيرن جي جيلن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ اُپاءَ وٺي ونگار جهڙن ڪمن کان کين آجو ڪرايو وڃي.
    12. سنڌي چئنلن کي سماجي ۽ اخلاقي اعتبار کان پابند ڪيو وڃي ته سنڌي ڪلچر جي ٻيڙي ٻوڙيندڙ ڪمداري، منشيگيري، وڏيرائي، ڌاڙيل گيري، نشاگيري جهڙن پروگرامن جي پرچار نه ڪن ۽ غلط قسم جي پوشاڪن ۽ حرڪتن ڀريا سنڌي سانگ ، بداخلاقي ۽ بيحيائي جهڙن لفظن ادا ڪيل مذاحيا يا سنجيده ڊرامان رڪارڊ نه ڪن ۽ نه ئي نشر ڪن اهڙن ليکڪن ، اديبن ۽ شاعرن جو۽ ڊائريڪٽرن، پروگرام مئنيجرن جو مُڪمل احتصاب سان گڏ سوشل بائڪاٽ به ڪيو وڃي جن سنڌي معاشري کي چينل جي آڙ وٺي تباه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن چئنلن تي ٿرڊ پارٽي سينسرشپ لاڳو ڪجي ۽ بچاءَ جا اُپاءَ ورتا وڃن.
    13. دفترن ۽ آفيسن ۾ رشوت وٺي ڪم ڪندڙن جو مُڪمل احتصاب ڪجي.
    14. سنڌ کي وڏيرن جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ پوليسگيريءَ کان بچايو وڃي .
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 مارچ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ادا اسان ماڻهون واسطن جي زنجيرن م وڪوڙيل آهيون، ڪو اسان جو مائٽ آهي ڪو اسان جو دوست ، ڪو اسان جي برادري جو، ڪو اسان جو پاڙيسري، ڪو اسان جو واسطيدار، ڪو اسان جو همدرد مطلب ت هر چور اسان جو پهنجو آهي جنهن ڪري اسان انهن کي وائکو ن ٿا ڪري سگهو، اسان جي واسطن جا زنجير ٽوڙي ڇڏيو ت سنڌ جنت بڻجي .
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مظفر

    مظفر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2014
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    بيلفيلڊ ، جرمنی
    ادا انهن سڀني بيمارين جو علاج فقط تعليم جي زيور کي عام ڪرڻ آهي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!
    سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو