آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ suleman soomro طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2014۔

  1. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي
    سليمان سومرو

    [​IMG]

    غلامي جي ڪاري چادر ۾ ويڙهيل سمورين قومن جا با شعور افراد پنهنجي وجود کي پنهنجي قوم جو اثاثو سمجھندا آهن ، ڇاڪاڻ ته قومن جي بقا جا ضامن وطن جون حدون ۽ انهن حدن جي اندر موجود زمين جو اهو ٽڪڙو جنهن جي جنهن جي ڪک ۾ سمايل ثقافتن جا زمانا گواهي ڏيندا هجن ، جنهن وطن جي کيتن جي خوشبوءِ سان روحانيت جا راز سلبا هجن ، جنهن ريگستاني ڀٽن تي ويهي ملهار ڳائي سانگين جي سک ۽ سلامتي جا ٻول ٻوليا وڃن ، انهي وطن جي سر حدن جي سلامتي جي لاءِ زندگي جي ارپنا ماڻهو ءَ جي سموري حياتي کي مقدس بنائي ڇڏي ٿي ، سنڌ جي ڌرتي 1947 کان وٺي هن وقت تائين جنهن نموني اسلام جي آڙ ۾ (يه وطن هماره هي ) جو راڳ ٻڌندي رهي آهي ، ۽ انهي راڳ جي پس پرده راجا رنجيت سنگهه جي روحاني اولاد جي ڪارگذارين کي برداشت ڪندي رهي آهي ، انهي برداشت جي صبر جو دامن هاڻي بيوسي ڏيکاريندي ، آڪاش انصاري جي هنن لفظن ته ( تون ڇو نه اڃان پنهنجي ٻانهن ۾ ٻل ڀائين ) کي نوجوان نسل جي رڳن ۾ رت وانگر شامل ڪري ڇڏيو آهي ، ۽ اڄ جي سنڌ جو نوجوان نسل موت کي محبوبه جي چمي جهڙو ڀائيندي کيس ڀاڪر وجھڻ کان ڪيٻائي نه ٿو ، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ پنهنجي بقا جي جدوجهد کي هاڻي جنگ جي ميدان ڏانهن وٺي وڃڻ گھري ٿي ، هاڻي هن نام نهاد رياست جا اهي والي وارث جن هميشھ هن قوم جي نوجوان نسل جي اکين ۾ اکيون وجھي انهن کي حراسان ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نه ڪندا هئا ، انهن جون دليون ڏڪڻ لڳيون آهن ، ۽ اهي هاڻي خوف جي انتها تائين پهچي چڪا آهن ، ڇاڪاڻ ته جڏهن مظلوم قوم جا محڪوم سمجھيا ويندڙ ماڻهو آزادي ۽ غلامي جي فرق کي سمجھي ويندا آهن تڏهن انهن وٽ زندگي جو هر پل هڪ مقصد جي حاصلات لاءِ هوندو آهي ، سنڌ جي اندر جنهن نموني سان ڪجهه سالن جي اندر شعور جي اها سطح جنهن جي لاءِ قومن کي سالها سال لڳندا آهن ، اهو ايترو ته تيزي سان پکڙجي ۽ پختو ٿي چڪو آهي جو تمام ٿوري عرصي ۾ شهيدن جو سلسلو گھٽجڻ جي بجاءِ وڌي رهيو آهي ، جيئي سنڌ متحده محاذ جي بنياد پوڻ کان پوءِ سنڌ جي اندر واٽ ويندي کڄي ويندڙ قومي ڪارڪن ۽ ڳجھن ادارن پاران چچريل لاش رستن تي لاوارث بنائي اڇلائي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه وقت تائين خوف جا خونخوار چنبا ڪيترن ئي دلين تي پنهنجو راڃ ڪندا رهيا ، ليڪن آخر ڪيستائين ! ڇو ته اهي خوفزده ضرور هئا ليڪن مرده نه هئا ، انهن جي قول ۽ فعل جي نظرداري ۾ هن رياست جون اکيون ڀلي نگهباني ڪري رهيون هجن ليڪن انهن جي ضمير جي آواز ۽ منجھائي منجهه وڙهي جهڙين روشن کي انهن ادارن جا اهي ڪارندا ۽ انهن جا سمورا اوزار نه محسوس ڪري ٿي سگھيا نه ڏسي ٿي سگهيا ، انهن جون دليون خوف ۾ هوندي به رات جي تاريڪين ۾ راڪاس جي انت لاءِ رٿون رٿيندا رهيا ، شهيد سميع الله ڪلهوڙي کان وٺي ڀريا روڊ جي شهيدن تائين اهي سمورا شهيد هن ڌرتي جا اهي دردمند دودا آهن جن جي دلين جي دهليز تي سڪون جي ننڊ ڪڏهن به پير کڻي نه آئي، انهن جي راتين ۾ ڌرتي جي گلابن جي بي مهلو مرڻ جو درد ، ٿر جي ڀٽن جي اوٽ روپلي جا ورلاءُ ، ڪاڇي جي ڪشادن پٽن تي روئندڙ معصوم ٻارڙي جي صدا ، ننگر ٺٽي جي سرخ چانورن جي مرندڙ خوشبو ، اتر جي سنڌي هندن سان ٿيندڙ هاڃا اهي سمورا ، سنڌ جي هنن نوجوانن جي دهليز کي ڄام نندي جي درٻار جو در سمجھي دانهيندي نظر ايندا رهيا آهن ، ڪير ڪيئن ٿو محسوس ڪري اهو هر ڪنهن جو پنهنجو ظرف آهي ليڪن ڌرتي جي نوجوان جي دل سنڌ جي دولهه دريا خان جهڙي آهي ، جن ڌرتي جي سيني تي ڌارين جي دهشت ڏسي پنهنجو خاموش رهڻ ڌرتي سان دوکو ٿي سمجھو ، 23 مارچ جو ڏينهن سنڌ جي لاءِ بدترين ڏهاڙن منجھان هڪ آهي ، جنهن ڏهاڙي جي اڀرندڙ سج جي ڪرڻن ۾ دنيا جي لاءِ ڀلي کڻي ڪيترائي خوبصورت پيغام کڻي اچي پر هن ڏرتي ۽ ڌرتي واسين جي لاءِ نحوست کانسواءِ ڪجهه به ناهي ، جنهن جي ڪرڻن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي بي گناه شهيدن جو خون شامل آهي ، اڄ جي ڏهاڙي تي جڏهن هن ڌرتي جا وارث سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي روڊن تي پنهنجي نسل جي بقا جي لاءِ گڏ ٿيڻ جو تجديد عهد وفا جي طور وطن جي آزادي جي عالمي قوتن کان پنهنجي حق (آزادي) جي پرزور اپيل ڪري رهيا آهن ، انهي ڏهاڙي سنڌ جي جھول ۾ ٻن معصوم پٽن جا لاش ڏنا ويا آهن، شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو هن ڌرتي جا اهي شهيد آهن جيڪي پنهنجي تحريرن توڙي تقريرن ۾ اهنسا جا امين رهيا آهن ، انهن ڪڏهن به رياست خلاف هٿيار بند جدوجهد جي ڳالهه نه ڪئي آهي هي ڪنهن سيلاني جي صفت جهڙو مزاج رکندڙ سنڌ جا اهي سپوت هئا جن جي زبان تي سواءِ ٻاجهاري ٻولي جي ٻي ڪا به ٻولي نه هوندي هئي ، پر پوءِ به هن رياست جا اهي انڌا وارث جن جي دماغن ۽ دلين ۾ دهشت ۽ وهشت جا اهي مظهر آهن جو انهن وٽ شهيد بشير خان قريشي جهڙو امن پسند ۽ دراوڙ ن جي ڪنهن ارڏي پٽ جهڙي همت ۽ حوصلو رکندڙ شفيع برفت ۾ ڪا به تفريق ناهي . هنن وٽ اهي ٻئي ساڳي ڏوه جا ڏوهاري آهن ، انهي ڪري جو هنن جو مقصد هڪ آهي ، رهبر هڪ آهي ، ۽ شايد انهي ڪري 23 مارچ جي رٿيل هن آزادي مارچ تي راتاهو هڻڻ جي لاءِ هنن رات جي اونداهي ۾ سنڌ هنن ٻن پٽن جا لاش ڏ ئي شايد اهو سمجھو ته اهي هن رٿيل مارچ کي منسوخ ڪري شهيد مقصود جي تڏي ويهي روئڻ ۽ تعزيتون وصول ڪندا ، ليڪن اڄ جڏهن شهيد مقصود ۽ سلمان وڌي جي انهن ساڙيل جسمن جي موجودگي ۾ عالمي قوتن کان اهو مطالبو ٿيندو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل هن ڌرتي جا وارث هڪ آواز ٿي هن رياست جي ايوانن ۾ هلچل مچائيندا ته سنڌ گھري ٿي آزادي ، سنڌ گھري ٿي آزادي .
    سليمان سومرو ( نمائنده سنڌ ٽي وي نيوز سيتا روڊ )
    رابطو . 03433145624
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. suleman soomro

    suleman soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سيتا روڊ
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو