ڪنوينشن (شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي)

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ
    دوستو شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي جي موقعي تي پوري سنڌ ۾ صرف الحبش جماعت ڪنوينشن منعقد ڪري سنڌ جي جرنيل شهيد هوش محمد شهيد جو ڏهاڙو تمام جوش وخروش سان ملهايو، ۽ سنڌ سلامت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان ڪنوينشن جي غريباڻي حال ۾ ڪوريج ڪري ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ پيا ڪريون۔ دوستو شهيد هوش محمد شيدي جي انهي نعري ته ” مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ تي جيڪڏهن هر سنڌي خلوص دل سان عمل پيرا ٿئي ته قسم سان ڪوبه غاصب، ڪوبه ڌاريو، سنڌ جي وسيلن، تي قبضو نٿو ڪري سگهي، ڳالهه صرف خلوصِ دل جِي آهي، دوستو هن ڪنوينشن کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لاءِ فلمبند ڪيو آهي اسان جي محنتي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون ۽ جڏهن ته ايڊيٽنگ ۽ اپلوڊنگ وار غريباڻا فرض مون ناچيز ادا ڪيا آهن۔ توهان سان اها ڳالهه به ونڊيندو هلان ته هي ڪنوينشن اوپن ايئر ٿيٽر راڻي باغ حيدرآباد سنڌ ۾ منعقد ڪيو ويو هو۔
    پيش آهي سنڌ سلامت جي پنهنجي خاص پيش ڪش ، شهيد هوش محمد شيدي ڪنوينشن حيدرآباد سنڌ​


     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪنوينشن (شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي)

    سائين لک مهربانيون جو اوهان سنڌ جي سچي سپوت جناب جنرل هوش محمد شيدي جي ڪنوينشن جي وڊيو پيش ڪئي۔ هوش محمد جهڙين پٽن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو۔ مان ته اهيو چوندس ته هوش محمد شيدي جو ڏهاڙو هر سال ملهايو وڃي ۽ هوش محمد شيدي جي نالي تي سنڌ جي مختلف يادگارن کي هوش محمد شيدي جي نالي سان سڏيو وڃي، ۽ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هن سچي سپاهي لاء سنڌ ۾ سندس نالي پٺيان هڪ يونيورسٽي پڻ قائم ڪئي وڃي۔ يا ڪنهن يونيورسٽي ۾ هوش محمد شيدي چيئر قائم ڪئي وڃي۔
    هوش محمد شيدي جي باري ۾ مان مختصر معلومات پڻ هت سنڌ سلامت تي ڏئي چڪو آهيان پر اهڙي سچي بهادر ارڏي انسان لاء مان وري به ڪجهه معلومات ڏيڻ چاهيندس۔ ۽ هن معلومات ۾ ڪجهه اضافو پڻ ڪيل آهي ۔ ۽ اهو مضمون توهان هيٺ ڏنل عنوان سان سنڌ سلامت تي پڙهي سگهو ٿا۔
    سنڌ جو سچو سپاهي جنرل شهيد هوش محمد شيدي
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪنوينشن (شهيد هوش محمد شيدي جي ورسي)

    ادا ممتاز وگهيا مهرباني جو توهان کي اسان جي هي غريباڻي ڪاوش وڻي، ان کان علاوه شهيد هوش محمد شيدي جي نانءُ تي تنهنجون گهرجون (مطالبا) پڻ لکين کيرون لهڻن۔ واقعي شهيد هوش محمد شهيد وقت جي دشمن سان مهاڏو اٽڪايو، پنهنجو سر گهوري سنڌ مادر وطن تان قربان ٿي هميشهه لاءِ امر ٿي ويو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو