غرور جو انجام

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اٽلي جو هڪ بادشاهه دولت ۽ اقتدار جي نشي ۾ ڪنهن کي ڪجهه به نه سمجهندو هو .هن کي حد کان گهڻو غرور هو. تنهن ڪري ماڻهو کيس چڱو نه چوندا هئا. هڪ ڏينهن هو شڪار ڪندي ڪنهن جانور پٺيان پنهنجي گهوڙي تي تمام گهڻو پري نڪري ويو. ايستائين جو نوڪر چاڪر سڀ پوئتي رهجي ويا، ۽ بادشاهه اڪيلو رهجي ويو. ايتري ۾ هڪ هاري بادشاهه جو اڳ جهلي ورتو. جنهن جو مهانڊو صفا بادشاهه جهڙو هو. فرق رڳو هي هو ته هن جي پوشاڪ ‎۽ حالت غريبن واري هئي ۽ بادشاهه جو اميراڻو انداز هو. هاري عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت آئون ٽن ڏينهن کان اوهان جي حويلي جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان پر ڪوبه مون کي اوهان سان ملڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي، نه ئي آئون اوهان کي پنهنجي فرياد ٻڌائي سگهان ٿو. بادشاهه کيس دلاسو ڏيڻ بدران ڦٽڪو هڻي ڪيرائي ڇڏيو، چيائينس تو پنهنجي حيثيت ڏٺي آهي. تو کي منهنجي آڏو اچڻ جي همٿ ڪيئن ٿي؟ غريب هاري اتان ته هٽي ويو پر بادشاهه جي گهوڙي پويان هوريان هوريان هلندو ويو. بادشاهه هڪ تلاءَ وٽ پهچي گهوڙي تان لٿو ۽ گهوڙي جو لغام وڻ جي ٽاري ۾ ٻڌي ڇڏيائين. تاج ۽ ڪپڙا لاهي پَٽَ تي رکيائين ۽ وهنجڻ لاءِ تلاءَ ۾ لهي پيو. تلاءُ ايترو ته اونهو هو جو مٿي بيٺل ماڻهو نظر نه ٿي آيو. هاري ڇا ڪيو جو پنهنجا ڪپڙا لاهي بادشاهه جي ڪپڙا پاتا ۽ اتان ترت ئي پير ڊاٿائين. هاري اڃا ٿورو ئي پنڌ ڪيو ته هن کي اهي نوڪر نظر آيا جن کي بادشاهه پٺتي ڇڏي آيو هو. نوڪرن هن کي ڏسي کيس جهڪي سلام ڪيو ۽ کيس شاهي محل ۾ وٺي ويا هاري به نهايت اعتماد سان سڀني تي حڪم هلائڻ لڳو.

    هوڏانهن اصلي بادشاهه جڏهن تلاءَ مان تڙ ڪري ٻاهر نڪتو ته ڇا ڏسي، هن جا ته ڪپڙا ئي گم هئا…گهوڙو به نه هو…انهن جي بدران هاري واري پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پيل هئا. بادشاهه پريشان ٿي ويو پر هاڻي ڳالهه هٿن مان نڪري چڪي هئي مجبورن هن هاري واري پوشاڪ پاتي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن بعد پنهنجي شهر پهتو، ان دوران هن ماڻهن کي گهڻو ئي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سڀئي کيس چريو چوڻ لڳا. ايتري ۾ بادشاهه جي گهرواري ڇا ڪيو جو انهي چرئي کي گهرائي ان جي قميص لهرائي. ان تي اهو تِر ڏٺائين جيڪو اصلي بادشاهه جي سيني تي هو. اهڙي ريت باشاهه جي اصلي هجڻ جي تصديق ٿي وئي. هاري بادشاهه جي خراب حالت ڏسي کيس چيو ڪيڏانهن وئي تنهنجي شان ۽ شوڪت، ڪٿي آهي تنهنجو غرور..؟بادشاهه ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ هاري کان معافي ورتائين چيائين اڳتي آئون ڪڏهن به غرور نه ڪندس. ان کان پوءِ اهو بادشاهه هر امير توڙي غريب سڀني سان سهڻي نموني پيش اچڻ لڳو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو