فيس بوڪ رائونڊ اپ 16

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 16

    محمد سليمان وساڻ


    گهڻن ڏينهن کان ڪيترن ئي دوستن کي فيس بوڪ جي دنيا کان پري ٿيندي ڏسي ڪجهه دوستن کان فون ڪري پڇا ڪيم. سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر دوستن ٻڌايو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب اسان جي سوشل ميڊيا جي سرگرمي گهڻي ڀاڱي بند آهي. بجلي بحران سنڌ ۾ هن وقت سڀ کان گهڻو آهي ۽ ٻي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ حڪومت وفاق اڳيان ڪو خاطر خواهه احتجاج ته ڪونه ڪيو آهي پر سنڌ ڪيس به مضبوطيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. گيس ۽ تيل جي پيداوار ۾ امير سنڌ هن وقت اوندهه ۽ گرمي جي ور چڙهيل آهي. وڏي ڳالهه ته گئس جي پيداوار وارن ضلعن ۾ به سي اين جي جي بندش ۽ لوڊشينڊ پئي هلي، جڏهن ته ان جي بر عڪس بلوچستان ۾ سي اين جي ڪابه بندش ناهي. بجلي بحران جو هڪ ٻيو وڏو سبب سنڌ حڪومت به آهي، جيڪا گذريل ڊگهي عرصي کان بجلي جي پيداوار جو ڪو منصوبو شروع ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڪوئلي جون رٿائون به رولڙي جو شڪار آهن يا سياست جي ور چڙهيل آهن. سوشل ميڊيا تان ان سلسلي ۾ وقت بوقت آواز اٿندو رهي ٿو پر حيرت آهي ته سنڌ ۾ مخالف ڌر به ڪو ڀرپور آواز ناهي اٿاريو پر مخالف ڌر پنهنجي ئي پارٽي نواز ليگ کان ناراض آهي.

    هن هفتي سوشل ميڊيا تي هڪ آواز، هڪ مطالبو ۽ هڪ عرضي اها به رهي آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مهر النساء لاڙڪ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي جيڪا دماغي شريان ڦاٽڻ سبب نيم بيهوشيء جي حالت ۾ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي ۽ سندس وارث معاشي طرح ان قابل ناهن جو مهانگو علاج برداشت ڪري سگهن. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو آغا خان اسپتال پهچي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي نمائنده تنظيم جي اهم عهديدار ۽ ڏات ڌڻيءَ جي سار لهن جيئن سندس وارثن کي آٿت ملي. هن هفتي سوشل ميڊيا جي سماجي سرگرمين مان ٻن سرگرمين جو ذڪر ضرور ڪندس جن مان هڪ آهي ڪراچي ۾ موجود قديم سنڌي اسڪول اين جي وي جي ٻارن کي يونيفارم ۽ تعليمي سهوليتن بابت ڪيل تقريب. هن تقريب جو خاص مهمان تعليم وارو صوبائي وزير نثار کهڙو، ڄام مدد علي ۽ شفيع محمد ڄاموٽ هيا. ياد رهي ته اين جي وي اسڪول ۾ ڪراچي جي ڏورانهن علائقن مان سنڌي ٻار بسن ذريعي اسڪول پهچن ٿا. ٻه سئو اسڪولي ٻارن ۾ يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ورهايا ويا جيڪي مختلف دوستن جي مالي سهڪار سان مليا هئا. ان سلسلي ۾ فيس بوڪ تي ذوالفقار واهوچي پاران مهم هلندڙ هئي ۽ آخرڪار ان ۾ ڪاميابي ملي. هوڏانهن سنڌ فيسبوڪ فرينڊز پارانڏيپلائي ميمڻ ٽرسٽ ۽ اوسر پيڙهڪا جي سهڪار سان ڪوهستان واسين لاءِ نوري آباد ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ جي ٽراما سينٽر ۾ مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ تي 600 کان مٿي مريضن جي مفت چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. صنعتي علائقو هجڻ سبب چمڙي، اکين ۽ پيٽ جي مرضن ۾ مبتلا مريض گهڻي ڀاڱي ڪيمپ تي آيا.

    22 مئي تي سوشل ميڊيا پاران سنڌ جي بهادر نياڻي ۽ سنڌ ڌرتيء لاءَ پاڻ ارپيندڙ شهيد غزالا بتول صديقي جي ورسيءَ جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيد غزلا بتول صديقي کي 22 مئي 2012ع تي ان وقت گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو جڏهن سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار خلاف عوامي تحريڪ پاران نڪتل محبتِ سنڌ ريلي لياري کان پريس ڪلب ڪراچي اچي رهي هئي. ساڳي ئي ڏينهن سنڌ ڌرتيء سان محبت جي پاداش ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ بهادر شخص شهيد مظفر ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪندي سوشل ميڊيا سرخ سلام پيش ڪيو. ياد رهي ته 22 مئي 2012ع تي رات جي رهزنن سنڌ جي سر مچار مظفر ڀٽو کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي مات نه مڃڻ تي هن جو ساهه ڪڍي چچريل بدن لاش جي صورت ۾ حيدرآباد ويجهو هٽڙي باءِپاس جي روڊ تي ڦٽو ڪيو هو. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مٿيان ٻئي واقعا ڪنهن مارشلائي دور ۾ نه پر ان جمهوري دور ۾ ٿيا جنهن ۾ مرڪز جون واڳون سنڌ جي قيادت وٽ هيون. وڏي ڳالهه اها به آهي ته اڄ ٻه سال گذرڻ کانپوء به نه ته قاتلن جي خبر پئي ۽ نه ئي ان بابت ڪا انڪوائري رپورٽ سامهون اچي سگهي آهي.

    نارٿ آمريڪا خاص ڪري نيو جرسي ۾ رهندڙ سنڌين لاء اها خوشخبري آهي ته سنڌي اڪيڊمڪ ۽ ڪلچرل سوسائٽي آف نارٿ آمريڪا ۽ ساڌو واسواڻي ٽرسٽ پاران نيويارڪ ۾ پهرين جون تي سنڌي ميلي جو انعقاد ڪيو پيو ويو وڃي جيڪو هو جمالو جي نالي سان فيس بوڪ تي به مشهوري لاء پيش ڪيو پيو وڃي. هن تقريب ۾ دادا جي پي واسواڻي سان هڪ روهه رهاڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جڏهن ته نامياري سنڌي گلوڪاره ڪاجل چندراماڻي پاران موسيقي جا سُر وکريريا ويندا.


    روزانه عوامي آواز 27 مئي 2014ع

    _________
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه عوامي آواز 27 مئي 2014ع

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مئي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
    نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو